; سنڌي شخصيتون: شيلا راماڻي، محمد عثمان ميمڻ، ممتاز علي شيخ، اسد ڪيريو، نصير اعجاز،
Showing posts with label شيلا راماڻي، محمد عثمان ميمڻ، ممتاز علي شيخ، اسد ڪيريو، نصير اعجاز،. Show all posts
Showing posts with label شيلا راماڻي، محمد عثمان ميمڻ، ممتاز علي شيخ، اسد ڪيريو، نصير اعجاز،. Show all posts

19 May, 2014

اداڪاره شيلا راماڻي

اداڪاره شيلا راماڻي

محمد عثمان ميمڻ



هندستان جي پهرين سنڌي فلم ’اباڻا‘ (۱۹۵۸ع) جي هيروئن شيلا راماڻيءَ، جنهن جو تعلق سنڌ مان لڏي ويل هندو سنڌي ڪٽنب سان هو، ۱۹۴۲ع ڌاري نوابشاهه جي ڳوٺ ڀرين ۾ ڄائي. سندس خاندان جي باري ۾ گهڻي معلومات نٿي ملي. فلم ’اباڻا‘ ۾ ساڌنا سندس ننڍي ڀيڻ جو ڪردار ادا ڪيو هو، جنهن کانئس آٽوگراف گهريو ته ان وقت شيلا راماڻيءَ کيس چيو هو ته هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جو تون وڏي اسٽار ٿيندينءَ ۽ آءٌ تو کان آٽوگراف وٺنديس. شيلا راماڻيءَ جي اها ڳالهه پوءِ سچي ثابت ٿي. شيلا راماڻيءَ پاڻ به هندي سينيما ۾ چڱو نالو ڪڍيو. جڏهن ته پاڪستاني فلمساز شيخ لطيف سندس چاچو چيو وڃي ٿو، جيڪو لڇو جي نالي سان سڏبو هو. هن پتن (۱۹۵۵) خزان ڪي بعد (۱۹۵۵) دربار حبيب جهڙيون فلمون ٺاهيون.