; سنڌي شخصيتون: سيد صدرالدين شاهه راشدي

19 May, 2014

سيد صدرالدين شاهه راشدي

سيد صدرالدين شاهه راشدي
ڏات جي ڏيهه ۾، رات ٿيڻي نه آ..!
سنڌ جو سهڻو شهر نئون ديرو هڪ تاريخ ساز شهر واري حيثيت رکي ٿو، ڇاڪاڻ جو هن شهر ۾ اهڙن لافاني ڪردارن جنم وٺي تاريخ جي ورقن کي هر دؤر ۾ پئي اجاريو آهي، جن جو ڪم ۽ ڪردار سندن ذات ۽ ڏات جي حوالي سان رهندي دنيا تائين هر جاءِ، هر هنڌ ڳائبو رهيو آهي. هن شهر ڄاون سدا ملوڪ سٻاجھن انسانن جهڙوڪ:
ملڪ جي پهرين چونڊيل وزير اعظم قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، نامياري محقق پير حسام الدين شاهه راشديءَ، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، نامياري علمي شخصيت مهتاب اڪبر راشدي، هند توڙي سنڌ جي نامياري شاعر پرڀو وفا، سنڌ ڌرتيءَ جي البيلي شاعر عبدالغفار تبسم، سنڌ جي نامور صحافي، ليکڪ ۽ قانوندان پير علي محمد شاهه راشديءَ، نامور شاعر ذوالفقار راشديءَ، سهڻي شاعر منٺار سولنگيءَ، نامياري راڳي مريد عباس ڪٽپر شهيد ۽ ٻين پنهنجو سَت توڙي رت ڏيئي هر دؤر ۾ هن شهر کي سندس نالي ’نئين ديري‘ جيان هميشه نئين کان نئون ۽ اجري کان اجرو بڻايو آهي ۽ مٿس پراڻ پڻي جي دزَ چڙهڻ ناهي ڏني.


جتي هن شهر جي تاريخ ايتري شاهوڪار آهي، اتي هن شهر جو ظاهري حسن به جنت جي ڪنهن حسين واديءَ کان گھٽ ناهي. رائيس ڪئنال ۾ موجن ڀري مهراڻ جي صاف شفاف پاڻيءَ جي اٿل پٿل، مينديءَ رتي وڻراهه وچان گذرندڙ، زيتونن جي واس سان واسيل روڊ ۽ رستا، شگر مل جي حسين عمارت جي آڏو ڪمند سان سٿيل ٽريڪٽرن جي ڊگھين قطارن سان گڏوگڏ نئين ديري شهر جي حدن ۾ داخل ٿيڻ سان هڪ جھڪيل جڳهه جو اهو ماڊل، جيڪو پنهنجي اندر مان نڪرندڙ مٺڙي پاڻيءَ جي اجراڻ پسائيندي هر ايندڙ ويندڙ شخص کي جهڙوڪر ادب وچان سلام ڪندو هجي. اهي سڀئي سهڻا ۽ دلفريب اهڃاڻ هن شهر جي حسن ۾ سورهن سينگارن جيان واڌاري واري حيثيت ضرور رکن ٿا.
هن شهر جي ٻين هڙني حسناڪين سان گڏوگڏ شهر جي پهلوءَ ۾ آباد راشدي پيرن جي ويڙهي تي مشتمل هڪ تاريخي وسندي ’پير جو ڳوٺ‘ به ايامن کان پنهنجي خاموش زبان سان هڪ صدين جي تاريخ بيان ڪري رهيو آهي. سنڌ جي پير پاڳارن جي نگري ’پير جو ڳوٺ‘ جي هم نام هن ڳوٺ جي به هڪ هاڪاري انفراديت ۽ سڃاڻپ آهي. هتان جي راشدي پيرن روايتي پيري مريديءَ واري خول کان پاڻ کي پالهو ڪري، سڄاڻ سوچن جو علمبردار بڻجي، هر دؤر ۾ علم، ادب، سياست، قانون، صحافت، ثقافت توڙي ٻين انيڪ ميدانن ۾ شعور جون مشعلون ٻاري جوت جلائي آهي. پير ڳوٺ جي انهن پيرن جي صف ۾ ماضي بعيد کان ويندي حال تائين پير علي محمد شاهه راشدي، پير حسام الدين شاهه راشدي، سيد ڪليم الله شاهه راشدي، پير حسين شاهه راشدي، سيد بدرالدجى شاهه راشدي، ذوالفقار راشدي، امام راشدي، سيد فاروق احمد شاهه راشدي سميت ٻيا ڪيترا ئي اهڙا سدورا نالا شامل آهن، جن جي ڪم ۽ ڪرادر جي پيرائتي ڪٿا ڪاغذن جي سيني تي سانڍڻ واسطيِ هڪ ٻه ڪالم ڇا، پر ڪيترا ئي ڪتاب لکي سگھجن ٿا.
پير ڳوٺ جي راشدي ساداتن جي قلمي توڙي علمي پورهئي جو قصو ايستائين ڪوتاهه ناهي، بلڪ وڏڙن پاران مليل اهڙي آفاقي امانت سندن نئين نسل تائين به پيڙهي بپيڙهي منتقل ٿيندي رهي آهي. ضلعي لاڙڪاڻي جي هن ننڍڙي پيراڻي وسنديءَ جي امر ڪردارن جتي پنهنجي علم، حلم، قلم ۽ ڪردار کي ڪتب آندو آهي، اتي ساڳئي ئي گھراڻي جي چشم و چراغ سيد صدرالدين شاهه راشديءَ به پنهنجي سريلي آواز ۽ آلاپ سان موسيقيءَ جي ميدان ۾ پنهنجو نالو ڳڻايو آهي.
اوڻٽيهن سالن جو ڳڀرو سادات سيد صدرالدين شاهه راشديءَ چوٿين آڪٽوبر 1984ع تي سيد شاهه محمد شاهه جي جھوليءَ ۾ عالمِ ارواح جا ننڊاکا نيڻ کولي هن دنيا جو ديدار ڪيو. کيس سرن جي سوغات پنهنجي والد صاحب وٽان ميراث جي صورت ۾ عنايت ٿي ملي آهي، ڇاڪاڻ جو سندس والد صاحب موسيقيءَ جو ڄاڻو ۽ شوقيه طور تي الغوزي، بانسري، چنگَ ۽ بينجو جو بيحد سريلو وڄتڪار آهي. سيد صدرالدين شاهه ڏهن درجن تائين نصابي تعليم حاصل ڪئي.
سيد صدرالدين شاهه ننڍپڻ ۾ ئي لاشعوريءَ واري عمر کان پنهنجي والد صاحب کي الغوزو، بانسري توڙي ٻيا ساز وڄائيندي ڏسندو رهيو آهي ۽ انهن سازن جي ذريعي آلاپجندڙ دلفريب سرن کي پنهنجي معصوم من سان پيوست ڪندو رهندو آيو آهي. ساڳئي ئي نموني هيءُ ٻالڪپڻ ۾ پنهنجي والد صاحب سان گڏجي، سندس چيچ پڪڙي نئين ديري جي سبزي بازار ۾ واقع پنهنجي والد صاحب جي استاد الله ڏني ٻانهاڻيءَ جي اوتاري تي ويندو هو، جتي عام ڪچهريءَ سان گڏ راڳ رنگ جون محفلون پڻ مچنديون هيون ۽ اتي موجود صدرالدين شاهه پنجن وڏڙن جي چؤياريءَ ۾ شرڪت دؤران ٻالڪپڻ ۾ فهم، فضليت ۽ آداب محفل سکڻ سان گڏوگڏ راڳ سان روشناس پڻ ٿيندو رهندو هو.
استاد الله ڏني ٻانهاڻيءَ جي اوتاري وارين انهن ڪچهرين ۾ سنڌ جو ناليوارو صوفي فنڪار ۽ هڪ صوفي صفت انسان فقير منور علي ابڙو پڻ ايندو رهندو هو، جنهن سان به سيد صدرالدين شاهه جون ملاقاتون ٿينديون رهيون. ان دؤران سيد صدرالدين شاهه، فقير منور علي ابڙي جي شخصيت ۽ فن مان بيحد متاثر ٿيو ۽ اڳتي هلي سال 2000ع ڌاري فقير منور علي ابڙي کي پنهنجو استاد تسليم ڪندي کانئس علمِ موسيقيءَ جي باقاعده سکيا وارو عمل شروع ڪيائين، جنهن فقير کيس موسيقيءَ جي سکيا سان گڏ تصوف جي تعليم پڻ ڏني. اهڙيءَ طرح صدرالدين شاهه، فقير منور علي ابڙي جي رهنمائيءَ ۾ گـُرَ گيت سان گڏ رندي ريت ۽ پاڪ پريت جا آفاقي اصول پڻ پرکي ورتا.
فقير منور علي ابڙي ۽ سيد صدرالدين شاهه جن جي اهڙي استاد ۽ شاگرد واري رشتي اهڙو ته رنگ لاتو جو عام رواجي شاگردن وانگر پاڻ پنهنجي استاد کان اجازت وٺي، پنهنجي الڳ سڃاڻپ ۽ پنهنجا الڳ اوتارا وسائڻ بجاءِ هميشه جي لاءِ پنهنجي استاد فقير منور علي ابڙي جو ساڄو هٿ بڻجي سندس فقراهي سنگ جو هڪ اهم حصو بڻجي ويو، نتيجي ۾ استاد جي ساٿ، سهڪار ۽ دعائن سان صدرالدين شاهه جي ڪاميابين جا دروازا کلندا ويا ۽ اڄ به سندن ويراڳي جوڙ سنڌ جي اٽڪل  سمورين صوفياڻين درگاهن کان وٺي سنڌ کان ٻاهرين سرحدن تائين نيڪي ۽ ناماچاري ماڻي چڪو آهي.
جيئن ته صدرالدين شاهه جي شخصيت تي تصوف جو رنگ ته ٻالڪپڻ ۾ ئي چڙهي چڪو هو، ويتر پنهنجي درويش صفت استاد جي صحبت ۾ رهيو، جنهنڪري تصوف ۾ طريقت جي اهميت کي پرکيندي، صوفياڻن توڙي طريقت وارن قاعدن ۽ قانونن کي بجا آڻڻ هڪ ضروري عمل سمجھيائين، ان لاءِ سال  2005ع ۾ درگاهه فتحپور شريف تي وڃي درگاهه جي اڳوڻي گادي ڌڻي حضرت سيد صوفي صادق علي شاهه کي دل سان پنهنجو مرشد تسليم ڪندي سندس دست بيعت ٿيو، طريقت واري اهڙي رشتي جي حوالي سان پاڻ اڄ ڏينهن تائين ساڳئي درگاهه سان نينهن جو ناتو ڳنڍيندو اچي ٿو.
سيد صدرالدين شاهه هن وقت تائين پنهنجي استاد فقير منور علي ابڙي سان گڏجي سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر ڪيترين ئي صوفياڻين درگاهن تي منعقد ٿيندڙ هزارن صوفياڻين محفلن ۾ شرڪت ڪري ويراڳ جو ورد ورجائيندو رهيو آهي، پاڻ پنهنجي شخصيت ۾ مڪمل طور تي ويراڳي وصفن ۽ صوفياڻين صفتن سان سرشار آهي. هيءُ هڪ فقراهي ويراڳيءَ هجڻ ڪري زندهه دل شخصيت جو مالڪ پڻ آهي. سندس گائيڪيءَ جو انداز به وڻندڙ ۽ من کي موهيندڙ آهي. سندس قلب ايترو ته ڪشادو آهي، جو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، خواجه غلام فريد، بابا بلهي شاهه، روحل فقير، سيد اعجاز شاهه، وارث شاهه، عثمان فقير سانگي، ٻڍل فقير، سيد رکيل شاهه، سيد چيزل شاهه، سيد ولايت شاهه، صوفي وريل فقير، غمدل فقير، دولهه دريا خان، هدايت علي ’تارڪ‘ نجفي، شاهه نصير، سيد مهدي شاهه ۽ ٻين درويشن جو ڪيترو ئي ڪلام کيس بر زبان ياد آهي. تازو 17 اپريل 2014ع تي آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيل ’صوفي ڪانفرنس‘ ۾ فقير منور علي ابڙي ۽ صدرالدين شاهه فقراهي محفل ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري اتي موجود نامياري ڪهاڻيڪار امر جليل ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي سڄاڻ شخصيتن سميت سمورن ٻڌندڙن جو يادگار داد حاصل ڪيو.

جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ڪيترن ئي سهڻن ۽ سريلن صوفي راڳين پنهنجو واهه جو وارو وڄايو آهي، انهن ۾ صدرالدين شاهه به پنهنجي محنت جي آڌار تي هڪ روشن مستقبل طرف گامزن نظر اچي رهيو آهي، سندس انداز  به نرالو آهي، جنهن جي ٻڌڻ سان ماڻهوءَ تي سحر طاري ٿي ويندو آهي، اهوئي ڪارڻ آهي، جو هن نوجوان صوفي راڳيءَ کي ٿوري عرصي ۾ تمام سٺي مڃتا ملي چڪي آهي، سندس سفر اڃا به جاري آهي، جنهن ۾ هو اڃا گهڻيون رمزون ۽ راز پروڙي، پنهنجي ڪلا کي وسعت جي آڪاش تي ڦهلائڻ ۾ يقيناً ڪامياب ٿيندو. اسان جي الک در تي اها التجا آهي ته سيد صدرالدين شاهه هڪ ڏينهن صوفي راڳ جي جرڪندڙ ستارن مان هڪ اهڙو ستارو بڻجي، جنهنجي پنهنجي سونهن ۽ روشني هوندي.

No comments:

راءِ ڏيندا