سيد صدرالدين شاهه راشدي
ڏات جي ڏيهه ۾، رات ٿيڻي
نه آ..!
سنڌ جو سهڻو شهر نئون ديرو هڪ تاريخ ساز شهر واري حيثيت رکي ٿو، ڇاڪاڻ
جو هن شهر ۾ اهڙن لافاني ڪردارن جنم وٺي تاريخ جي ورقن کي هر دؤر ۾ پئي اجاريو آهي،
جن جو ڪم ۽ ڪردار سندن ذات ۽ ڏات جي حوالي سان رهندي دنيا تائين هر جاءِ، هر هنڌ ڳائبو
رهيو آهي. هن شهر ڄاون سدا ملوڪ سٻاجھن انسانن جهڙوڪ:
ملڪ جي پهرين چونڊيل وزير اعظم
قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، نامياري محقق پير حسام الدين شاهه راشديءَ، شهيد
راڻي محترمه بينظير ڀٽو، نامياري علمي شخصيت مهتاب اڪبر راشدي، هند توڙي سنڌ جي نامياري
شاعر پرڀو وفا، سنڌ ڌرتيءَ جي البيلي شاعر عبدالغفار تبسم، سنڌ جي نامور صحافي، ليکڪ
۽ قانوندان پير علي محمد شاهه راشديءَ، نامور شاعر ذوالفقار راشديءَ، سهڻي شاعر منٺار
سولنگيءَ، نامياري راڳي مريد عباس ڪٽپر شهيد ۽ ٻين پنهنجو سَت توڙي رت ڏيئي هر دؤر
۾ هن شهر کي سندس نالي ’نئين ديري‘ جيان هميشه نئين کان نئون ۽ اجري کان اجرو بڻايو
آهي ۽ مٿس پراڻ پڻي جي دزَ چڙهڻ ناهي ڏني.
