فقير منور علي دايو
صوفي منش راڳي
ناصر قاضي
صوفي شاهه عنايت شهيد جھوڪ ڌڻي سنڌ جي اصول پرست با
صفا صوفين جي هڪ اهڙي جماعت جو سرواڻ هو، جيڪا جماعت ڏاڍ ۽ جبر جي آڏو عام انسان خاص
طور تي مزدورن، هارين، نارين ۽ محنت ڪشن جي حقن جي حفاظت جي علمبردار بڻجي ميدان عمل
۾ آئي. صوفي شاهه عنايت ’جيڪو کيڙي سو کائي‘ جو نعرو بلند ڪري، هڪ امر انقلاب آندو.
هن سالڪ صوفيءَ ڏاڍن سان جنگ جوٽي، نه صرف هيڻن جي حمايت ڪئي، پر اهو به ثابت ڪري ڏيکاريو
ته صوفيءَ جو مسلڪ صرف ساز سرود تي ڪنڌ جھوٽي راڳ ۽ ويراڳ ۾ گم ٿيڻ نه آهي، پر ضرورت
وقت ڏاڍ سان جنگ جوٽي مقتل جي سازن تي، تلوارن جي جھنڪار سان سر نچائڻ به سچي صوفيءَ
جو عين مسلڪ آهي. سنڌ جي صوفين ڌرتيءَ جي امن جي آبياريءَ لاءِ پنهنجا سر ڏيڻ کان به
ناهي ڪيٻايو، صوفين جي هيءَ ڌرتي هميشه امن ۽ ڀائپيءَ جو پيغام ڏيندي رهي آهي، جيڪو
پيغام سنڌ جي صوفين جھر جھنگ وڃي پهچايو آهي.
