; سنڌي شخصيتون: ڊي ايم ميگهواڙ، محمود مغل، مٺل جسڪاڻي، حڪيم عرفان احمد شيخ، مرتضيٰ سيال،
Showing posts with label ڊي ايم ميگهواڙ، محمود مغل، مٺل جسڪاڻي، حڪيم عرفان احمد شيخ، مرتضيٰ سيال،. Show all posts
Showing posts with label ڊي ايم ميگهواڙ، محمود مغل، مٺل جسڪاڻي، حڪيم عرفان احمد شيخ، مرتضيٰ سيال،. Show all posts

16 December, 2012

حڪيم نذير احمد شيخ

حڪيم نذير احمد شيخ

حڪيم نذير احمد شيخ جو انٽرويو

ڳالهه ٻولهه: ڊي ايم ميگهواڙ



حڪيم نذير احمد شيخ ۱۹۹۲ع کان روزاني عبرت ۾ صحت بابت عوام ۾ آگاهي لاءِ ڪالم لکي رهيو آهي. حڪيم صاحب جو خاندان ابن ڏاڏن کان طب جي پيشي سان لاڳاپيل رهيو آهي. حڪيم نذير احمد شيخ به گذريل ۵۰ سالن کان هن شعبي سان لاڳاپيل آهي. ان سلسلي ۾ روازاني عبرت پاران ڪيل ڳالهه ٻولهه، پڙهندڙ لاءِ پيش آهي.

عبرت: توهان ڪيتري عرصي کان حڪمت جي پيشي سان وابسته آهيو؟

حڪيم نذير: اهو اسان جو ڏاڏي ۽ پڙ ڏاڏي کان پيشو آهي ۽ آئون ۴۰-۴۵ سالن کان حڪمت ڪري رهيو آهيان.

عبرت: حڪمت مان ڪيترو مريضن ۽ ضروتمندن کي فائدو پهچي ٿو. جڏهن ته اڄڪلهه انگريزي دوائن جو دور آهي.

حڪيم نذير: هربل جي علاج ۾ ڪو به سائڊ افيڪٽ نه هوندو آهي. جڏهن ته ايلوپيٿي ۾ جلد فائدو ته ٿي ويندو آهي پر اڳتي هلي انهي جا خطرناڪ اثر سامهون ايندا آهن. هربل ۾ هڪ ته ڪو نقصان نه آهي ٻيو وري اهو آهستي آهستي اثر ڪندو آهي ۽ مرض کي پاڙ کان پٽي ڇڏيندو آهي.