پير شاهه
مردان شاهه پاڳارو
۱۹۲۸_ ۲۰۱۲
اسحاق مڱريو
انهيءَ ڳالهه جو پڻ پير صاحب پاڳاري ڏانهن ڪريڊٽ وڃي ٿو ته پير صاحب
ملڪ جي سياست ۾ پهريون دفعو مفاهمت جو بنياد وڌو هو. جنهن جي بنياد تي حر جماعت جي
ٻيهر بحالي ٿي. ڪنهن کي معاف ڪرڻ يا جنهن سان دشمني هجي ان سان ٺهي وڃڻ سڀ کان
ڏکيو ڪم هجي ٿو. جيڪو پير صاحب ان وقت ڪيو هو جڏهن سندن ڄمار ٽيويهه سالن جي ڦوهه
جواني واري هئي. ان وقت جي سياسي ۽ سماجي صورتحال ڪجهه هن ريت هئي: پاڪستان هڪ
نئون ملڪ وجود ۾ اچي چڪو هو. پير صبغت الله شاهه (سورهيه بادشاهه) شهيد ٿي چڪا
هئا، انگريز واپس وڃي چڪا هئا. جڏهن ته ان وقت حر جماعت جا هزارين ماڻهو عورتن ،
مردن ۽ ٻارن سميت جيلن ۽ حر ڪئمپن ۾ قيد هئا. سوين حر شهيد ٿي ٿي چڪا هئا. اهڙي
طرح سوين مزاحمتڪار حر جيڪي ان وقت جي انگريز حڪومت سان گوريلا ويڙه سبب جهنگ منهن
ڪيل۽ ڀاڳيلا بنيل هئا. جڏهن ته اهڙي صورتحال ۾ نئين وجود ۾ آيل ملڪ جي حڪمرانن کان
پير پاڳارو ۽ حر جماعت وسري ويا هئا. اهوئي سبب آهي جو پاڪستان ٺهڻ کان ست سال
پوءِ به حر مرد توڙي عورتون جيلن ۾ قيد هيون. شهيد ٿيل پير پاڳاري (سورهيه
بادشاهه) جا نوجوان پٽ انگريزن جي ڪنٽرول ۾ انگلينڊ جي هڪ ڳوٺاڻي پنر واري علائقي
۾ زير تعليم هئا. جتي ڪو وڏو تعليمي ادارو نه هو پر انگريز سرڪار جي ٻين ملڪن جي
باغي اڳواڻن جا ٻارنهن نوجوان پڻ اتي پڙهندڙ هئا. ان وقت جي وزير اعظم لياقت علي
خان ۱۹۴۹ ۾ انگلنڊ ۾ نوجوان پيرن سان ملاقت ڪري سندن گادي
بحال ڪرڻ واري ڳالهه ڪئي هئي. ايڏي وڏي سطح تي ٿيندڙ ڳالهين جي باوجود ٽن سالن کان
پوءِ سورهيه بادشاهه جي ٻنهي صاحب زادن پير شاهه مردان شاهه ۽ پير نادر شاهه کي
وطن واپس آندو ويو.
