; سنڌي شخصيتون: عبدالخالق، جوڻيجو، نظرياتي، سياست، جو اهم ڪردار، هاشم، کوسو،
Showing posts with label عبدالخالق، جوڻيجو، نظرياتي، سياست، جو اهم ڪردار، هاشم، کوسو،. Show all posts
Showing posts with label عبدالخالق، جوڻيجو، نظرياتي، سياست، جو اهم ڪردار، هاشم، کوسو،. Show all posts

04 November, 2014

عبدالخالق جوڻيجو - هاشم کوسو

عبدالخالق جوڻيجو
نظرياتي سياست جو اهم ڪردار
هاشم کوسو
جيئي سنڌ محاذ کي ٺهي ۴۲ سالن کان مٿي عرصو ٿيو آهي. ان جي ٺهڻ واري ڏينهن کان وٺي عبدالخالق جوڻيجي ڪارڪن ۽ اڳواڻ جي حيثيت ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪيو آهي. جيئي سنڌ محاذ جي نظرياتي بنيادن، پاليسين، حڪمت عملين جوڙڻ ۾ مکيه رول هن شخصيت جو پئي رهيو آهي. سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي ٿيندڙ مذاڪرن، اجلاسن، اتحادن ۾ جيئي سنڌ محاذ جي نمائندگي پئي ڪئي آهي. سندس جدوجهد معروضي ۽ موضوعي حالتن، تاريخي حقيقتن، عقل، دليل، نظرياتي ۽ اصولي بنياد تي رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو غير نظرياتي اصولن ۽ آدرشن کان ڀڄندڙ ۽ سياست کي ذاتي فائدن لاءِ استعمال ڪندڙ فرد ۽ جماعتون کيس پنهنجو سڀ کان وڏو دشمن سمجهنديون رهيون آهن.