; سنڌي شخصيتون: اسرار، شام، ٻارن، جو عاشق، امداد، جسڪاڻي،
Showing posts with label اسرار، شام، ٻارن، جو عاشق، امداد، جسڪاڻي،. Show all posts
Showing posts with label اسرار، شام، ٻارن، جو عاشق، امداد، جسڪاڻي،. Show all posts

17 November, 2014

اسرار شام - امداد جسڪاڻي

اسرار شام
ٻارن جو عاشق
امداد جسڪاڻي
پنهنجي فيلڊ ۾ مخلص هئڻ وارا ٿورا ماڻهو هوندا آهن. هو ايمانداريءَ سان پنهنجهي اداري لاءِ ڪم ڪرڻ تي يقين رکندا آهن. جيڪڏهن اسان جي فيلڊ سنڌي ادب کي ترقي وٺرائڻي آهي ته به ايمانداري سان عملي ڪردار ادا ڪرڻو آهي. اسان جي ادبي دنيا ۾ ڪيترائي عملي ڪردار آهن ۽ هئا جيڪي پنهنجي شعور جون مشعلون ٻار جهالت جي ٻاٽ کي ماري ويا، ٻي معني ۾ اهي محترم شخصيتون آهن، جن کي ياد ڪرڻ گهرجي، اهڙا ماڻهو (ڪردار) طبيعت ۾ خاموش اٿڻ، ويهڻ، ملڻ، گهڻو مقصد سان ڪنهن سان ڪچهري ڪرڻي آهي ته ٽائيم مقرر ڪري مقصد ۽ نصيحت تي مبني هئڻ گهرجي ۽ اهڙيون خوبيون صرف اسرار شام ئي مون ڏٺيون ۽ محسوس ڪيون. اسرار شام رسالي ”سنڌي ٻارڙا“ جو سهيڙيندڙ پنهنجي پر ۾ اداري جي حيثيت رکندو هو. هن پنهنجي سموري زندگي ٻارن ۽ ٻاراڻي ادب لاءِ وقف ڪري ڇڏي، هو پنهنجي ڪم ۾ خاموش ورڪر جيان رڌل رهيو. اسرار شام ڪنهن به قسم جي مدد (خيرات) لاءِ سرڪاري ادارن ڏي نه واجهايو.هو اصولن تي هماليه جيان ڄمي بيٺو رهيو ۽ پنهنجي مدد پاڻ تحت پنهنجي محنت ۽ ٻارن جي محبت جي بنياد تي علمي، ادبي پورهيو ڪندو رهيو.