علي حسن چانڊيو
سنڌ جو يگانو عاشق
مخدوم شمس
اڄ سنڌ جي ان يگاني عاشق جو ۵۵ هون جنم ڏينهن آهي، جيڪو موهن جي دڙي واري ڌرتي جي ان خمير مان ڄميو آهي، جنهن
خمير مان شاهه ڀٽائي، سائين جي ايم سيد، شهيد مخدوم بلاول، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي،
سچل سرمست ۽ سوين اهڙا هيرا موتي پيدا ٿيا، جن پنهنجي علم، تخليقي صلاحيتن، سياسي
بصيرت، شاعري ۽ جدوجهد وسيلي نه صرف زندگي جي اسرارن کي نئين معنيٰ ڏني پر پنهنجي
عملي جدوجهد وسيلي هن ڌرتي جو ڳاٽ هميشه اوچو رکيو.
علي حسن چانڊيو ۲۲ جنوري ۱۹۶۳ع تي ضلعي نوابشاهه جي شهر دوڙ
ڀرسان جنم ورتو. شروعاتي تعليم هن دوڙ جي پرائمري اسڪول، انٽر گورنمينٽ سچل ڪاليج
نوابشاهه ۽ بعد ۾ ماسٽرس انٽرنيشنل رليشنز سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. سياست جي
شروعات ان سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن (SNSF) کان شروع ڪئي، جيڪا بعد ۾ ڊي ايس ايف (DSF) سان سڃاڻپ لڳي. پاڻ کي متحرڪ سياسي ڪارڪن، جنهن ايم آر ڊي تحريڪ ۾ گرفتاري
ڏني ۽ فوجي عدالت کيس هڪ سال ۽ ۱۰ ڪوڙن
جي سزا ٻڌائي. علي حسن چانڊيو نه صرف منهنجو سياسي استاد هو پر اسان سياسي همسفر
پڻ هئاسين. سنڌ جي اها ڪنڊ نه هئي، جنهن کي علي حسن جي پيرن سجدو نه ڪيو هجي،
پنهنجي وطن ۽ قوم سان اٿاهه محبت ڪندڙ علي حسن چانڊيو شروع کان ئي مهدي خارج سياسي
ڪلچر ۽ مصلحت پسندي جو مخالف رهيو. پاڻ هميشه چوندو هو ته مصلحت پسندي ڪنهن به
جدوجهد کي سبوتاز ڪرڻ جي فقط چال آهي، جيڪا توهان کي پنهنجي مقصد تان هٽائڻ لاءِ
استعمال ڪئي ويندي آهي. هن پنهنجي بيماري جي پرواهه نه ڪندي سنڌ جي وستي وستي ۽
ڳوٺ ڳوٺ پهچي مايوسي هيٺ ويٺل سياسي ڪارڪنن کي نئون اتساهه ڏنو ۽ کين ان ڳالهه جو
احساس ڏياريو ته سنڌ ۾ تبديليءَ جو واحد
حل، عوامي جاڳرتا ۽ سياسي چرپر آهي. علي حسن چانڊيو نظرياتي ۽ قومپرست پارٽين ۾
اسٽڊي سرڪلس، سوشلسٽ اسٽڊي سرڪلس ۽ ليڪچرز جو تمام گهڻو حامي هو. پاڻ هميشه چوندو
هو ته سنڌ جي تقدير نوجوانن جي هٿن ۾ آهي ۽ هڪ نوجوان اڻپڙهيو ۽ جاهل رهي ڪري ڪنهن
به ريت پنهنجي وطن لاءِ لاڀائتو نه ٿو ٿي سگهي. جيڪڏهن اسان کي سنڌ جي تقدير
مٽائڻي آهي ته نوجوان کي دنيا جا علم ۽ دنيا اندر ٿيندڙ تبديلين کي نظر ۾ رکڻو پوندو.
علي حسن چانڊيو رومي جي ان آواز جو پڙاڏو هو، جنهن ۾ ههن چيو هو ته “پنهنجي
آواز بجاءِ، پنهنجن دليلن کي سگهارو ڪيو، ڇو
ته گل ڪڪرن جي گهجڻ سان نه پر وسڻ سان پيدا ٿيندا آهن”.
اڻٿڪ جدوجهد ۾ ايمان رکندڙ ۽
مسلسل مطالعو ڪندڙ اڳواڻ، ڪمال جي تقرير جو فن علي حسن جي نمايان خصوصيت هوندو هو. شهيد نظير عباسي، نيلسن منڊيلا ۽ سنڌ جي
قومي تحريڪ، بلوچ پارليامينٽ کان پهاڙن تائين سميت علي حسن جا سمورا لکيل ڪتاب سنڌ
جي تاريخ ۾ هڪ شاندار ڊرافٽ جي حيثيت رکن ٿا، جنهن مان سنڌ جو موجوده ۽ ايندڙ نسل
هميشه رهنمائي وٺندو رهندو. علي حسن چانڊيو لڳاتار جدوجهد ڪندو رهيو ۽ لکندو رهيو،
هن جي پوري جدوجهد سنڌ جي سجاڳي لاءِ رهي. هن جي هر وک وطن سان وفاداري واري رهي.
ڪراچي ۾ سنڌين جي حقن جي جدوجهد جي ڳالهه هلي ۽ علي حسن جو ذڪر نه ٿئي اهو ممڪن نه
آهي. انفرادي طور يا گڏيل پليٽ فارم تي سنڌ جي دل ڪراچي ۾ سنڌ جي حقن لاءِ جيڪا به
جدوجهد هئي علي حسن چانڊيو ان جو متحرڪ حصو رهيو. ٻٽي مڪاني نظام کي ختم ڪرائڻ
سميت سنڌي ڳوٺن کي ڊاهڻ خلاف علي حسن ڌرتي ڌڻين جي حقن لاءِ هميشه مثالي ڪردار ادا
ڪيو. سنڌ جي سياسي جدوجهد جي عمل ۾ هميشه علي حسن باعمل رهيو،
هن ڪڏهن به سياسي ميدان ۾ پنهنجي
اصولن خلاف آڻ نه مڃي. سندس سڀ کان وڏي خوبي اها هئي جو ههن ڪراچي کي پنهنجي سياست
جو مرڪز بڻايو ۽ “آدها تمهارا ۽ آدها همارا”چوڻ وارن کي اهو واضح پيغام ڏنو ته
ڪراچي سنڌ آهي ۽ سنڌي ماڻهن جو آفاقي وطن آهي، جنهن جو هڪ انچ به نسل پرست
دهشتگردن حوالي نه ڪنداسين. علي حسن دنيا جي انقلابي اڳواڻن جا دليل گڏ ڪري سنڌين
جي قومي سجاڳي لاءِ جتن ڪيا، سندس شاندار لکڻيون هر دور ۾ سنڌي عوام جي رهنمائي
ڪنديون رهنديون. هن جو هڪ اهڙي بااصول سياست ۽ سياسي جدوجهد ۾ ايمان هو، جنهن
سياست ۾ ڪاروبار شامل نه هجي. بظاهر ڪمزور ۽ بيمارين سان ڀريل جسم ۾ پهاڙن جيڏا
حوصلا، فلسفي ۽ تاريخ جو شعور، تجربا ۽ بيوفايون ڏسڻ کانپوءِ به ههو ڪڏهن به مايوس
نه ٿيو ۽ هڪ نئين عزم ۽ حوصلي سان اڳتي وڌندو رهيو. هو شخصيت پرستيءَ جو قائل نه هو
۽ نه ئي عقل ڪهل ههجڻ جي دعويٰ ڪيائين.
هر ڪنهن کي دير سوير وڃڻو آهي پر
سوال اهو آهي ته توهان پنهنجي حياتي ڪيئن ٿا گذاريو، مقصد ڪهڙا اٿوَ، ڇو ته زندهه
رهڻ کان وڌيڪ زندهه رهڻ جو مقصد عظيم هوندو آهي. سنڌي سماج جتي ماڻهو ڀوتارن،
ميرن، پيرن ۽ وڏيرن جي ڄار ۾ ڦاٿل هجن اتي علي حسن جهڙا ڪردار دراصل سماج جا آزاد
روح ۽ ڪردار آهن، جيڪي معاشري کي سماجي ارتقا تحت اڳتي وٺي وڃن ٿا. علي حسن چانڊيو
سنڌ جو هڪڙو اهڙو املهه ڪردار، جنهن کي سنڌ صدين تائين وساري نه سگهندي، هن هميشه
اڳ کان اڳڀرو رهي تاريخ جي صفحن تي پنهنجي پيرن جا نشان ڇڏيا. هو سنڌ جو اهڙو
ڪردار جنهن کي ڪڏهن به وساري نه سگهبو، جيڪو هر جنم ۾ هن مٽيءَ جي ڪهک مان ڄمندو ۽
ياد رکيو ويندو.
ڪامريڊ علي حسن چانڊيو
جدوجهد جي علامت
عبداش پنهور
هيڻن کي حوصلا ڏيارڻ
سندس دائمي دليل رهندو ته “حالتون ڪڏهن به پاڻ نه بدلبيون آهن، حالتن کي جدوجهد جي
عمل سان بدلايو ويندو آهي.” اهڙن آدرشن جو رکوالو علي حسن چانڊيو، جڏهن لاڏاڻو ڪري
ويو تڏهن عيدگاهه دوڙ جا ٻئي روڊ ۽ ٻانڌي روڊ سميت شهر دوڙ جا رستا سُڏڪن ۾ صفا
سوڙها ٿي لڳا. نه رڳو ڪراچي کان ڪشمور تائين سنگتي ساٿي رات وچ ۾ آخري رسمن ۾ شرڪت
لاءِ دوڙ پهتا پر ٿر، بر، ڪوهستان ۽ ڪاڇي کان به ماڻهو اچي نڪتا. ڪجهه جذباتي
دوستن جو خيال هو ته ڀلا شهر بند ڪرائجي پر سوڳ ۾ بند شهر به صرف اهو چئي کولرايو
ويو ته جيئن پري پري کان ايندڙ ماڻهن کي ڪا تڪليف نه ٿيڻ کپي. اسلام آباد ۽ لاهور
کان به سندس ساٿي اچي دوڙ پهتا هئا. ساڳيو انجنيئر باغ گرائونڊ جتي هو جلسن کي
خطاب ڪندو هو، اتي تنهن ڏينهن جنازو به “جيئي سنڌ” جي نعرن جي گونجار هڪڙو تمام وڏو
سياسي ماڻهن جو هجوم لوڪ ڏيک نظر پئي آيو. ڪامريڊ علي حسن چانڊيو ڪيترا ئي ڀيرا گرفتار
ٿيو ۽ ڪامريڊ علي حسن چانڊيو ڪيتريون تنظيمون/ پارٽيون تبديل ڪيون. سي سڀ ڳالهيون
هڪڙي خاص مقصد لاءِ هونديون هيون. اهو خاص مقصد ڪامريڊ علي حسن چانڊيو وٽ پنهنجا
آدرش هئا ۽ انهن آدرشن جي حاصلات لاءِ ڪامريڊ علي حسن چانڊيو جنهن کان تمام گهڻو
متاثر رهيو، اها عالمي شخصيت ۽ ڏکڻ آفريڪا جي آزاديءَ جو هيرو نيلسن منڊيلا آهي. سندس
سياسي رويا جمهوري هوندا هئا. سياسي بحث کي جمهوري دائمي دليلن سان ڏسندو هو.
سياسي جدوجهد تي سندس ايڏو ته ويساهه هو جو چوندو هو ته بستري بيماري تي پاڻ ڦٿڪي
ڦٿڪي نه ساهه ڏينداسين نه مرڻ پسند ڪنداسين. جدوجهد جي عمل ۾ امرت آهي، تنهن رمز
کي ڪڏهن به نه ڇڏبو. ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (ڊي ايس ايف ) جا ٻه جنم آهن،
پاڪستان ۾ اها ڊي ايس ا يف پهرين شاگرد تنظيم آهي، جنهن تي ۱۹۵۱ع ڌاري بندش لاڳو ٿي. ڇاڪاڻ ته ان شاگرد
تنظيم کي ليڊ ڪرڻ وارن شاگرد اڳواڻن تي الزام هو ته ڊي ايس ايف (تنهن زماني ۾) ڪميونسٽ
پارٽي آف پاڪستان جي شاگرد ونگ آهي. پاڪستان ۾ جيڪڏهن شاگردن جي سياسي آزاديءَ جي
حقن کي تنهن زماني ۾ تسليم ڪيو وڃي ها ته ملڪ ۾ نه ڪڏهن مارشل لا لڳي ها نه وري صحافي
مطيع الله جان جهڙا واقعا برپا ٿين ها. تمام وڏو سياسي دليل اهو به آهي ته سمورو
معاشرو تشدد پسنديءَ واري ماحول کان پڻ بچيل هجي ها. ساڳئي وقت پاڪستان جو
جاگرافيائي نقشو به اڄ اهو ساڳيو ئي هجي ها، جيڪو ۱۴ آگسٽ ۱۹۴۷ع تي مليو هو. رڳو وقت جي پهرين وزيراعظم غلطيون نه ڪيون پر سندس فڪر جا پيروڪار
لڳاتار انهن غلطين کي ورجائيندا پيا اچن ۽ پوءِ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي جڳ ڀوڳي پيو
۽ ڪامريڊ علي حسن چانڊيو به ساڳيون ئي ڀوڳنائون ڀوڳيون.
ڪامريڊ علي حسن چانڊيو
کي جيڪڏهن اندر ۾ چڙ هئي، هُن کي جيڪڏهن مزاحمت جو جذبو هو ته ان لاءِ جو هو سياسي
جمهوري آزاديءَ جي سوچ رکندڙ ڪارڪن ۽ اڳواڻ هو، تڏهن نه چاهيندي به ايم آر ڊي تحريڪ
۾ جيل ويو. ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن آف پاڪستان شاگردن جي اها تنظيم رهي آهي،
جنهن تنظيم جي ڪارڪنن کي ڪراچي، پشاور، ڪوئيٽا لاهور ۾ مذهبي تنظيمن جا شاگرد
ڪُٽڪو ڪڍندا هئا ۽ ٻين شهرن جي تعليمي ادارن ۾ لوڪل ڪامريڊ کرڪاڻ هڻندا هئا، باقي
جيڪا رهيل سهيل ڪسر رهندي هئي، اها تمام وڏي سرڪار پوري ڪندي نظر ايندي هئي. مقصد
سڀني جو هڪڙو هو ته ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي رستا روڪ ڪرڻي آهي. سموري ترقي
پسند، جمهوري پسند شاگرد تنظيم تنهن عذاب ۾ هوندي به مزاحمتي روپ نگر ۾ سگهارو ڪردار
ادا ڪندي رهي. باوجود اهڙي صورتحال جي ته امداد چانڊيو، محمد خان سولنگي سميت ڪيترا
ئي سنگتي ساٿي جيلن ۾ قيد هئا.
ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس
فيڊريشن کي سرگرم ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر طالب لاشاري کان علي حسن چانڊيو تائين اهم تنظيمي
عهديدارن جو تمام وڏو سرگرم ڪردار رهيو. ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنس فيڊريشن ڇا هئي، تنهن زماني
۾ سڄو ضلعو نوابشاهه ڳڻبو ته سمورا اهم مرڪزي عهديدار هڪڙي ضلعي سان لاڳاپو رکن
پيا ۽ جيڪي سڄي پاڪستان ۾ پکڙجي سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيا هئا ۽ اهو ضلعو صرف نوابشاهه
هو. ڪامريڊ علي حسن چانڊيو انهن سمورن عهديدارن ۾ وري سڀني کان وڌيڪ سرگرم شاگرد
اڳواڻ هو. ڪامريڊ علي حسن چانڊيو جو ملڻ تمام موچارو هوندو هو، ٻين شاگرد تنظيم
سان بهتر سياسي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ڪوشش به ڪندو هو. هاڻوڪي صوبي ڪي پي ڪي ۾ خان
عبدالولي خان جا ڪارڪن تڏهوڪي پي اين پي ميرغوث بخش بزنجو جي ڪارڪن شاگرد تڏهن ڊي
ايس ايف ۾ شامل رهندا هئا. اهو گڏيل شاگرد محاذ هو. ڪامريڊ علي حسن چانڊيو ڊيموڪريٽڪ
اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاڪستان کي ليڊ ڪندي دنيا جي ڪيترن ملڪن جا دورا پڻ ڪيا. هو ڪڏهن
به تنظيمي تنگ نظر نه رهيو. ايتري حد تائين جو جڏهن ڊي ايس ايف ۾ ٻه ڌڙا ٺهيا ته
ڪجهه چيڙاڪ ڪارڪنن طرفان تڪراري جذباتي نعرا مخالف گروپ جي قيادت خلاف لڳايا ويندا
هئا ته علي حسن چانڊيو منع ڪندو هو ته نه ائين نه ڪيو، اڄ جدا آهن سڀاڻي ڪٿي وري
ملي سگهون ٿا.
نوي جي ڏهاڪي ۾ عالمي
سياسي مانڊاڻ تبديل ٿي ويو. تمام وڏا سياسي نظرياتي فڪري بحث شروع ٿي ويا، اهي سڀ
ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر علي حسن چانڊيو پنهنجو آدرشي سياسي سفر ڪهڙي به صورت ۾
جاري رکڻ ٿي چاهيو، تڏهن اڳتي هلي هن جيئي سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ ۾ شموليت ڪئي.
ڪميونسٽ پارٽي ۾ سرگرم رهڻ کان پوءِ تمام گهڻو وقت علي حسن چانڊيو جو سياسي سفر ايس
ٽي پي ۾ ملي ٿو. علي حسن چانڊيو سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙ ماڻهن جي خلاف نه رهيو آهي،
ڇو ته سندس وني به اردو ڳالهائيندڙ سنڌياڻي آهي. باقي ايم ڪيو ايم کي نج نسل پرست
تنظيم طور ڏسندو رهيو هو. تڏهن سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچيءَ کي ڪيترا ئي سال پنهنجي
سياسي سرگرمين جو ڳڙهه بنائيندڙ علي حسن چانڊيو ايم ڪيو ايم مخالفن کي پڻ گڏ ڪيو. ايتري
حد تائين جو ڪراچي ۾ پ پ، ن ليگ، جماعت اسلامي، جي يو آءِ سميت اي اين پي ٻين سنڌ
جي قومپرستن، جمهوريت پسندن، ترقي پسندن کي ڪراچي شهر ۾ تنگ حالتن جو ڄمي مقابلو
ڪرڻ لاءِ گڏيل جدوجهد خاطر ڪاميٽيون پڻ ٺهرايون. ڊاڪٽر قادر مگسي کان شهيد بشير خان
قريشي ۽ سيد جلال محمود شاهه تائين ترقي پسند سوچ رکندڙ سياسي ڪارڪنن تائين،
صحافين کان اديبن تائين علي حسن چانڊيو پهچ ڪري ڪراچي شهر جو اهڙو سياسي روپ نگر
جوڙي ڇڏيو جو ڪراچي پريس ڪلب احتجاج جو ڳڙهه رهندو هو ۽ سڀني وٽ علي حسن چانڊيو پهچي
ويندو هو.
ڪامريڊ علي حسن چانڊيو
ڪراچيءَ جي سمورن سياسي ڪارڪنن، اديبن، شاعرن، صحافين ۽ سماجي شخصيتن جو گڏيل
گهاٽو سنگتي رهيو. ڪامريڊ علي حسن چانڊيو پنهنجي پهچ کي سنڌي خابرو ادارن سان گڏ
غير سنڌي اردو ۽ انگريزي خابرو ادارن تائين تمام آسانيءَ سان يقيني بڻائي ڇڏيو هو.
ڇاڪاڻ ته ڊي ايس ايف وارو پورهيو ان کي تمام گهڻو ڪم اچي ويو هو. هن جا ڪيترا ئي
شاگرد دوست سنگتي ساٿي خابرو ادارن جا ورڪر بڻجي چُڪا هئا. ڪامريڊ ۾ اها سياسي
صلاحيت موجود هوندي هئي ته جيڪو به ساڻس سياسي اختلاف رکندو هو، تنهن کان پاڻ کي
ڪڏهن به پري نه رکندو هو. نوي جي ڏهاڪي ۾ ڪامريڊ علي حسن چانڊيو عام چونڊن ۾ پڻ حصو
ورتو ۽ پنهنجي تڪ دوڙ ۾ ڀرپور چونڊ مهم هلائي عوامي سياسي شعور برپا ڪري ڇڏيو هو.
آءِ جي آءِ ۽ پ پ جي اميدوارن سان سندس سياسي مهاڏو اٽڪايل هو، جاگيردار، پير مير،
پراڻا پڊت سڀ ڪامريڊ جي خلاف هئا ۽ چيائون ٿي ته هو اسان جا ووٽ کارڻ لاءِ ميدان ۾
لٿو آهي، کٽيندو ته ڪونه! ها! اها خبر ته کيس به هئي ته انهن طاقتن کان کٽڻ تمام
ڏکيو آهي، پر جڏهن ڪامريڊ چونڊ مهم شروع ڪئي ته ڪيترن ئي جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون
هيون. کرو سچ ڳالهائڻ به ڪامريڊ علي حسن چانڊيو جي عادتن مان هڪ ڳڻ هو. ڪامريڊ علي
حسن چانڊيو سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ تمام اهم عهدن تي رهيو پر اڳتي هلي ان پارٽي سان
سندس ويڇا وڌيا ته هن ڌار تنظيم سنڌ نيشنل مووميٽ نالي جوڙي ورتي. تنظيم جا هن سنڌ
جي مخلتف شهرن ۾ يونٽ به قائم ڪيا پر سندس ناچاڪيءَ سبب حالتن ايڏو ساٿ نه ڏنو.
سندس اهو سرگرمين جو دور تمام مختصر آهي. ڪامريڊ علي حسن چانڊيو هڪ بهترين ليکڪ پڻ
رهيو، سندس ڪتاب خاص ڪري مضمون شاندار لکڻين جو حصو آهن. هن جي سياسي بيهڪ کان نظرياتي
بيهڪ تائين ڀلي ڪير اختلاف رکي پر هُن وٽ پنهنجا دائمي آدرشي دليل ضرور هئا. پنهنجي
تنظيم سنڌ نيشنل موومينٽ جي تقريب ۾ ڪامريڊ علي حسن چانڊيو طرفان ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي
کي اسٽيج جو مُک آئڊيل بڻائڻ کان ٽنڊو بهاول جي شهيدن جي امڙ جندو مائي کي ۸ مارچ عورت جي عالمي ڏينهن تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو هجوم ۾ اٿي بيهي شاندار
استقبال ڪرائڻ جي علامت رکندڙ علي حسن چانڊيو زماني کي اهو پيغام ڏئي رهيو هو ته
اسان وٽ صرف سياسي جدوجهد جو وکر آهي.
(ڏيھاڙي عبرت ۾ ۲۵ جولاءِ ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)
علي حسن چانڊيو
مھراڻ جا موتي (قسط نمبر
ـ ۳۴۶)
(سياسي اڳواڻ ۽ اديب - ورسي جي نسبت سان تعارفي ليک)
ساجد رند
علي حسن چانڊيو ۲۲ جنوري ۱۹۶۳ع تي
دوڙ ضلعي نوابشاهه ۾ علي شير چانڊيو جي گھر ۾ جنم ورتو.
پاڻ پرائمري ۽ سيڪنڊري
تعليم دوڙ مان، انٽرميڊيئيٽ سچل سرمست ڪاليج نوابشاھ مان ۽ گريجوئيشن ماسٽرس (پوليٽيڪل
سائنس ۾) سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪيائين.
علي حسن چانڊيو
سياست جي شروعات شاگردي دور کان ڪئي، ان وقت ايس اين ايس ايف جي ڪجھ نوجوانن سان
سندس دوستي ٿي ۽ اتان ئي هڪ ڪارڪن طور سياست جو سفر شروع ڪيو، پاڻ پنهنجي پنجاھ
سالن جي حياتيءَ مان لڳ ڀڳ پنجٽيھ سال هڪ سرگرم سياسي ڪارڪن طور گذاريائون.
۱۴ اپريل ۱۹۷۹ع تي ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي ڏني وئي تہ نوابشاھ ۾
نوجوانن سان گڏ جلوس ڪڍڻ ۽ سرڪاري بس کي باھ ڏيڻ جي الزام ھيٺ گرفتار ڪري سخت تشدد
ڪيو ويو، وري ۹ آگسٽ ۱۹۸۰ع تي نظير عباسي کي شهيد ڪيو تہ ان جي ردعمل ۾ هن نوابشاھ ۾ هڙتال ڪرائي،
ان کان پوءِ ۱۹۸۱ع ۾ حيدرآباد ۾ مارشل لا خلاف لکيل پمفليٽ پڪڙجڻ جي ڪري کيس ساٿين سميت
گرفتار ڪيو ويو، ۱۹۸۳ع ۾ ضياءِ جي مارشل لا خلاف ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران گرفتار ڪري عدالت ۾
پيش ڪيو، هن کي ضياءِ تي لعنت، مارشلا مرده باھ ۽ جهموريت زنده باد جي نعرن سبب
سزا ڏني وئي، ۱۹۹۰ع ڌاري سويت يونين جي ٽٽڻ کان وٺي ۲۰۱۰ع تائين ڊاڪٽر قادر مگسي سان گڏ رهيو.
سال ۲۰۱۰ع ۾ اس ٽي پي کان الڳ ٿيڻ کان پوءِ سياسي ڪارڪنن
سان گڏجي پريس ڪلب ۾ سنڌ نيشنل موومينٽ جو بنياد رکي چيئرمين بڻيو ـ
علي حسن چانڊيو کي ۱۷ جولاءِ تي گڙدن ۽ پيٽ ۾ السر جي تڪليف سبب ڪراچي
جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، ۲۳ جولاءِ تي طبيعت بگڙجڻ سبب ڊاڪٽرن کيس آءِ سي يو روم ۾
وينٽيليٽر هٿرادو طريقي سان ساھ کڻائڻ لڳا، پر ۲۴ جولاءِ ۲۰۱۳ع تي سنڌ جو ھي قومپرست اڳواڻ ۽ اديب لاڏاڻو
ڪري ويو، کيس مڙھ کي ڳوٺ دوڙ ڳاڙهي پير قبرستان ۾ دفنايو ويو.
علي حسن چانڊيو جون
ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن.
(۱) بلوچ پارليامينٽ کان پهاڙن تائين
(حيدر ملاح
سان گڏ لکيل) (تاريخ ۽ سياست)
(۲) نئين سنڌ جو سفر (سياسي مضمون)
(۳) نظير عباسي شهيد (شخصيت)
(۴) نيلسن منڊيلا جي جدوجهد ۽ سنڌي قومي تحريڪ
(سياسي ادب)
(5) جڏهن به
سنڌ سڏ ڪيو (سياسي ادب)
(۶) منهنجو سياسي سفر (ڊائري)
(ساجد رند جي فيسڪ ٽائيم وال تان ۲ جنوري ۲۰۲۲ع تي کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا