; سنڌي شخصيتون: غفار سومرو

02 January, 2022

غفار سومرو

غفار سومرو

(جنم مبارڪ جي نسبت سان)

امداد ڪانهيو



ڀلو ٿئي سائل مهراڻ جو! جنهن سنڌي ڪهاڻي جي جمود واري دُنيا ۾ ”ڪهاڻي ويھڪ“ جا سلسلا قائم ڪندي، ڪجھ حرڪت ۽ سرگرمي جهڙا پٿر اڇلائي، ڪهاڻي کي آرس ڀڃڻ لاءِ اُتساهيو ۽ سوشل مئڊيا جهڙي گهڻ رُخي پليٽ فارم کي مثبت پاسن طور استعمال ۾ آڻيندي اِهو پڌرو ڪيو ته تخليقي ڪم هِن طرح به ڪري سگهجي ٿو!


سائل مهراڻ ٿر، صحرا، ريگستان جو نوجوان اُڃارو روح! جنهن تسلسل سان لڳاتار ويهڪون ڪرايون سي شاندار ته رهيون پر ٻيا به ان جا گهڻا فائدا ۽ اثر رهيا، سنڌي ڪهاڻي لکڻ جي چٽاڀيٽي وڌي، بهتر کان بهتر ڪهاڻي لکڻ جي رِيس يا ڪوشش جنم ورتو، ڪهاڻي پڙهڻ جو شوق ۽ اُتساھ عمل پذير ٿيو، ڪهاڻين تي اصلاحي رائي لاءِ ڪهاڻي ۽ ڪهاڻي جي جُز و ڪُل تي بحث ٿيا، شامل ڪهاڻين جي اُڊيڙ، چير ڦاڙ ۽ وري ترتيب جو ذڪر ٿيو، اُن سان ڪهاڻي کي سمجهڻ ۽ سِکڻ جا دڳ عيان ۽ پڌرا ٿيا، پر اُن سان گڏ هڪ ٻيو وڏو ۽ اهم ڪم اهو به ٿيو ته سنڌي ڪهاڻي جا لِکاري، جيڪي ڇڙوڇڙ هئا، رابطن ۾ نه هئا، ذاتي بنيادن تي ڪوئي ڪنهن سان جُڙيل هو ته ٺيڪ، نه ته سڀ هڪٻئي کان بي خبر ۽ نا آشنا هئا، پر ڪهاڻي ويھڪ جي تسلسل انهن سڀن کي ويجهو ڪندي گڏائي هڪ ئي هار ۾ پوئي ورتو! ۽ پوءِ سڀ رابطن جي تسلسل ۾ جُڙي پيا.

اُها ڪهاڻي ويھڪ ئي هئي، جنهن جي اڱڻ تان سائين رزاق سهتو، خليق ٻگهيو، درياءَ خان شنڀاڻي، عبدالوهاب سهتو، شبير لغاري، ممتاز ساقي، سيما چانڊيو، مخدوم آسيہ قريشي، محبوب وساڻ، شبير لاکو، چندر سُکاڻي ۽ ٻيا گهڻا ليکڪ دوست واسطي ۽ رابطي ۾ ايندي دامن گير بڻيا.. اهڙي موتين جي مالها جڏهن جُڙي ته هڪ انمول هيرو اهڙو به هو، جيڪو انهن سمورن ستارن سان گڏ جرڪيو ته پئي پر هن فقير جي ڀائپي ڀري گودڙي ۾ اچي سمائجي رهجي پيو، جي ها اُهو آهي غفار سومرو صاحب...

سائل مهراڻ پوءِ ڪهاڻي ويھڪ ته روڪي ورتي آهي پر هي محبت ۽ الفت جو رشتو اڃا به نه رُڪيو آهي ۽ دعا آهي شل ڪڏهن به نه رُڪجي. سائل کي عرض رهي ٿو ته اُلفتن جي رواني جيئان ڪهاڻي ويھڪ جي رواني کي وري قائم ڪري، پر هُو اُڃارو روح بيابن مان پاڻ لڀڻ لاءِ اڃان به گُم آهي! جڏهن ته پرين غفار تڏهن کان ٻکين پيل آهي جڏهن کان ڪهاڻي ويھڪ ۾ اسان هڪٻئي کان آشنا ٿياسين ۽ پوءِ ڪهاڻي اسان کي سوريندي ساريندي پاڻ ۾ ڳوهي ڇڏيو آهي. ڪهاڻين تي ڳالهائڻ ۽ ڪهاڻيون ونڊڻ يا ڪهاڻيون پڙهڻ ۽ ڪهاڻيون ٿي پوڻ جي رمز اسان جي وچ ۾ رهندي ڪهاڻي اسان کي پاڻ ۾ رَلي ورتو آهي!

غفار سومرو کي ساريندي مان اڪثر چوندو يا پڇندو آهيانس ڀائو ڏي خبر! دودي سومري وارن مان آهين يا ڪي چنيسر وارن مان؟

هُو سدائين مُرڪي پنهنجي مخصوص ادا وچان چوندو آهي ڊکڻ! اِها سندس سچائي ۽ سادگي اُتم ۽ اُجري دل آهي، پر مون کي ته سدائين هُو سنڌ پرڳڻي جي بادشاهن همير سومري ۽ عمر سومري جي تسلسل مان محسوس ٿيندو رهي ٿو، جنهن جي مزاج ۽ رنگ ۾ شاهي جهلڪ موجود رهي ٿي، ساڃاھ ۽ محبت جو پرتوو سندس پيار مان جو ملي ٿو.

سومرا گهراڻي جو هي فرد استاد، مُعلم ۽ آخوند جهڙي مانواري پيشي سان وابسته مور ماڻهو جنهن جي حساس دل ڪٿي ڪٿي ڏُکي ٿي، ان جو ادراڪ سندس انتهائي عام سمجھ ٻولي ۾ سرجيل تُز ڪهاڻين مان پڙهي ڪري سگهجي ٿو، هي سماج اڄڪلھ جيڪو فريب، دوکي، ڪوڙ، خوشامد، چاپلوسي، مخصوص ناني ويڙهي واري سرڪل جو ڳڙھ ٿي پيو آهي، اُن ۾ غفار سومرو جهڙا وجود نه صرف اوپرا آھن پر انتها کَرا، سچا ۽ حق گو آھن.

غفار سومرو جي شخصيت تي دوستي ۽ ڀائپي کان هٽي ڪري به لکڻ ويهان ته سندس ڪئي ڳالھيون لکندي ڪنهن ڪٿا جيترو لکي سگهان ٿو پر هتي هن ليک ۾ منهنجو مقصد غفار سومرو کي پڏائڻ ناهي، بس صرف سندس سچي سُونهن، جيڪا سندس پياري شخصيت ۾ به سمايل آهي تنهن کي نروار ڪرڻ آهي ۽ ٻيو بس اُنهن الفتن جي ادائگي ڪرڻ آهي جيڪي غفار سومرو سان بي مثل آهن.

ناني ويڙهڻ جهڙين چويارن کان ڀڄندڙ، محنتن ۽ حقيقتن تي يقين رکندڙ هِن سُونهن پرست محبت جي مجاور ماڻهو کي مان ڪاڪ پانڌيئڙو سمجهان ٿو، هي ڪاڪ ڪڪوريل ليکڪ پنهنجي نوع ۾ حق سچ جو وڪيل ليکڪ آهي، جنهن جي ڪهاڻي سدائين پنهنجي موضوع ۽ مقصد ۾ سِڌي تُز رهي آهي.

مون کي بيشڪ غفار سومرو سان تمام گهڻيون الفتون، عقيدتون، احترام، محبتون ۽ هجتون رهن ٿيون، منهنجي مصروفيتن ڪري اڳ جي ڀيٽ ۾ هاڻ اڪثر کيس به وقت نه ڏئي سگهندو آهيان پر تڏهن به ساڻس بي پناھ وابستگي رهيم ٿي، غفار سومرو تسلسل سان لکندڙ برجستو ڪهاڻيڪار آهي، سندس ڪهاڻيون هن جي مزاجن وانگر سڌيون آهن، سندس خراب عادتن مان هڪ خراب عادت مون کي اها لڳندي آهي ته هُو ڪڏهن به ڪاوڙ ڪڍندو ناهي بس رُسي خاموش ٿي پوندو آهي ۽ مون کي سندس رُسڻ ۽ خاموشي ڪنهن به صورت نه وڻندي آهي!

مالڪ سائين منهنجي من غفار سومرو کي پنهنجي ٻچن ۽ اهل و عيال سميت سدائين شاد آباد رکي، اهڙا ڪئي جنم ڏينهن کيس خوشين ڀريا نصيب ڪري، اُن سان گڏ نيئن سال جي لاءِ پُڻ غفار سومرو سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪجي ٿو ته پروردگار کيس هي نئون سال وڌيڪ مبارڪ ڪري...

پرين! دير جو خبر پيم ان لاءِ معذرت، منهنجي علم ۾ ئي نه هو ته اڄ پهرين جنوري من جو جنم ڏينهن آهي!

منڙا... جنم جون لک لک مبارڪون....

 

(امداد ڪانهيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲ جنوري ۲۰۲۲ع تي کنيل)


اڳوڻن استادن ۽ اڄوڪي سوشل ميڊيا جا لک ٿورا

غفار سومرو

مون کي ته اڳواٽ سور سجهيا پئي ته سڀاڻي ڌوڙيا ميل ٿيڻ وارو آھي يعني اسان واري سوشل ميڊي واري اوزار يعني موبائل تي جنم مبارڪن جو ڪٽڪو سٽڪو لڳڻو آھي.

سو به سونهاري سنڌ جي ويجهي ماضي جي پرائمري استادن جي مهرباني سان. جن ٿوڪ جي حساب سان سال جي پهرين مهيني جي پهرين تاريخ تي مون سميت هيترن سارن جوڌن جوانن جو ڄم ڪرائي جنرل رجسٽر تي چاڙھي گهڻي مٿاڪٽ ۽ خفي کان پنهنجي جان آجي ڪرائي ورتي هئي.

ڀلا انهن مانوارن ماسترن کي به ڪهڙي خبر هئي ته اڳتي هلي سڳوري سائينس اهڙي ترقي ڪندي ۽ دنيا ڀر جا سڀ راز آڱوٺي جي هڪ هلڪي ڪلڪ سان پڌري پٽ اچي پوندا ۽ سندن چالاڪي هوشياري ۽ حرفت به ڪن ڪڍي بيهندي.

هانو جي سوجهري تي هنيل سندن ڌڪا پڪڙجي پوندا ۽ جن گدلن، لمرن،ڄنڊيل ڄٽ ڇوڪرن کي هنن ڪن ڪوشي ڪرائي، ڪڪڙ بڻائي، پيار، پنهنجائپ ۽ محنت سان سنواريون سڌاريو، لکايو پڙھايو بلڪه ماڻھوء جو پٽ بڻايو اهي ئي سندن ناشڪري ڪندا. مٿن کلندا، ٽوڪ مذاق ڪندا، خوش ٿيندا.

اڄ جيڪي اسين ماءُ پيءُ جي محبتن ونڊڻ ۽ استاد صاحبن جي ذاتي مهربانيء سان سال جي پهرين مهيني پهرين تاريخ تي جنم مبارڪون وصول ويٺا ڪريون.

ڀلا هو صاحب اسان جي ٻي ڪا جنم تاريخ لکن ها ته به هٿ وس وارا هئا يا نه! ۽ اسين به ڪو گهٽ يا وڌ ڪونه ٿي پئون ها! يا هي اڄوڪا ميلا ڪو نه مچن ها ڇا!؟

ٿي سگهي ٿو ۽ يقينن ان ۾ به ڪا بهتري ڀلائي ۽ چڱائي ضرور آھي جو انهن آڳاٽن استاد صاحبن نئي سال جي نئي نڪور ڏينهن تي اسان جو جنم ڏيکاريو آھي. ڀلي جنهن کي اعتبار نه اچي ته هو گوءِ هو ميدان. يعني اڄ جي ڏينهن، فيس بڪ جا پنا اٿلائي پٿلائي ڏسي ته سونهاري سنڌ ۾ اڄوڪي ڏينهن تي سالگرهائن جا ڪيڪ ڪٽيندڙ، جنم ڏينهن جون مبارڪون وٺندڙ، استاد، اديب، شاعر، صحافي، ڪهاڻيڪار، اداڪار، صداڪار، سياسي، سماجي خدمتگار پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ وت ۽ وس آھر ڪامياب ڪارنامه انجام ڪو نه ڏيئي رهيا آھن. 

سو سائين اها آھي اڳوڻن سچن پچن استادن جي خاص مهرباني باقي هاڻي وارن ماسترن جيڪي اڪ ڪارا ڪيا آھن اهي به اوهان اسان آڏو پڌري پٽ پيل آھن.

هڪڙو ڀائي جيڪو ڪجھ ڏينهن اڳ  پنهنجي ٻن پٽن جو ليونگ سرٽيفڪيٽ وٺي ويو هو سو ٻنهي ٻارن کي وٺي هڪ ڀيرو ٻيهر ھ م صاحب جي آفيس ۾ پهتو ڇوڪرن جا ڪاغذ ڏيکاريندي چوڻ لڳو؛ ”سائين هڪڙو عرض آھي ته  منهنجا ڇوڪرا هتي پڙھيا آھن ٻنهيء جي ڄم تاريخ  هڪ ئي سال ۾ ڏيکاريل آھي رڳو ٽن مهين جو فرق آھي هاڻي سائين منهنجي زال ايتري تڪڙي به ڪونه آھي جو هر ٽئين مهيني ٻار ڄڻيندي وتي سو ڪجھ درستگي ڪريو ته مهرباني!“

سو سائين شڪر ٿيو جو ٽچ موبائل به ايجاد ٿيو ۽ سوشل ميڊيا تي اچي اسين به ٿورا سوشل ٿياسين، نه ته اسان حقدار ته ٽيٽيھ ڏھ جهڙي ٿلھي ٿنڀري رنگ جي ڪاري ڪٻري موبائل جهڙا به ڪو نه هئاسين.

سچي! اسين جيڪي اڄوڪي ڏينهن تي ڄمڻ وارا صبح مردان کان وٺي جنم مبارڪون ويٺا وصول ڪريون. خوش ٿيون. هڪ گهڙي به ٽچ موبائيل هٿ مان ڪونه ٿا ڪڍون. ان کان اڳ اسان پاڻ يا اسان وارن سادن سودن اٻوجھ وڏڙن اهي مزا ماڻيا هئا ڇا!؟

ٿورو سوچيو ته سهي! اڄوڪي ڏينهن تي يا جنهن جي به جيڪا جنم تاريخ آھي، تنهن تي سنگت ساٿ پيارن گهڻگهرن وٽان جنم مبارڪون وٺي، تعريف جا ٻه ٻول ٻڌي، ڪيڪ کائي ڪيڏا نه خوش ٿيا هوندا، ٿيندا هوندا!

مون ڪلھ شام پنهنجو پاڻ تي لکيل پنهنجي انداز وارو پروفائل ڪالم جين ئي روزاني آجيان شڪارپور جي پيج تي رکيو ته جهٽ گهڙي بعد هڪ دوست جو لکيل مون مسڪين تي هيڏو گوڏي جيڏو مضمون ٺڪ ٿي ويو سچي ڳالھ آھي ته جيءُ جهومي پيو. مٿان وري صبح صبح سان نيراني هانو ڪيترن ئي دوستن ڊگهن ڊگهن لفظن لقبن سان ياد ڪيو مثلن استاد، اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار، سياسي، سماجي خدمت گار الاء ڇا ڇا. مٿان وري فوٽن سان جنم مبارڪون لکي، ٽيگ به ڪري ڇڏيون ته اصل خوشيءَ وچان واڇان گودو ٿي ويون!

الا! ڪيڏي خوشيءَ وارو لمحو هو، جڏھن هڪ نامور وڪيل، مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ناولنگار فون ڪري پڇيو؛ ”اڙي! تون اڄ ڄايو هئين!؟“

چيم؛ ”فيس بڪ ته ائين لکي ٿو!“

چوڻ لڳو؛ ”نه ڪا گاج ٿي نه مينهن آيو نه ڪا انڌي آئي ايئن ئي جنم ڏينهن..!“

مسڪين صورت ڪندي چيم؛ ”ڇا ٿو ڪري سگهجي!“

”اڙي يار ٻڌائين ته ها!“ هو ميار ڏيڻ لڳو ڄڻ ڪيڪ کاڄي پئي ويس.

چيم؛ ”مون کي پاڻ کي ئي پڪ ڪو نه هئي ته ڪو مون هن ئي تاريخ تي جنم ورتو آھي.“

ٽھڪ ڏئي چوڻ لڳو؛ ”چڱو ڀلا کوڙ ساريون جنم مبارڪون  هجني! مان به لکان ٿو تو تي بس اجهو!“

سچ پڇو دل ڏاڍو خوش ٿي.

پورو ڏينهن اصل شام تائين اهيو سلسلو هلندو رهيو بلڪ وڏي اميد آھي ته رات دير تائين هلندو رهندو. ها باقي اهيا  ڳالھ به سورنهن جا اٺارنهن آنا سچ  آھي ته اسان جي ادبي لڏي جي ادڙين مان اها اميد رکڻ ئي اجائي آھي جو هو اسان ادڙن جي جنم ڏڻ جا ڪارڊ رکنديون. ڀلي کڻي اسان ڇو نه سندن رڳو نڇ ڏيڻ تي به ٽشو جو دٻو کڻي ڀڄي پيا هجون!! سچ آھي ته سنڌ اڃان ايتري ترقي ڪونه ڪئي آھي.

بھرحال! اڳوڻن مانوارن استاد صاحبان کان پوءِ اڄ جي ترقي يافته سوشل ميڊيا جي پيارن نيارن دوستن سنگتين، ساٿين ۽ مانوارن جون مهربانيون جن جنم ڏڻ جي حوالي سان بيش بها محبتون مرڪون ۽ خوشيون آڇيون.يا جن سنگتين جنم واڌايون نه به ڏنيون تن سڀني جا به لک ٿورا. مالڪ سائين اوهان سڀني جو حامي ۽ ناصر هجي. آمين

 

(غفار سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲ جنوري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا