; سنڌي شخصيتون: ابن علي راھمون

26 January, 2022

ابن علي راھمون

ابن علي راھمون

جيسي جي پار جو وڏيرو - جنھن جا ڪيل راجوڻي فيصلا ڪنھن کان ڪو نه وسرندا

ڀارو مل امراڻي



وڏيرو ابن علي راهمون ڌرتي جي انهن سپوٽن منجهان هو، جيڪي ڌرتي جي گولي تي امن جي لاءِ اٻاڻڪا ٿي سوال ڪندا آهن ته تلوارن ۽ خنجرن جي رڪ کي لوهار کان ٺپرائي انهن مان هر ڪڏهن ٺهرايا ويندا؟ نيزن کي موڙائي انهن مان ڏاٽا ڪڏهن جوڙايا ويندا؟ توبن جي نالين ۾ ڳيرا آکيرا ڪڏهن اڏيندا؟ امن انسانيت جي فتح ۽ جنگ هار آهي، ڌرتي کي رت جي ريٽي ريج کان وڌيڪ دريائن، واهن ۽ پلر جي پاڻي جي ضرورت آهي. اها ڳالهه دنيا کي ڪڏهن سمجهه ۾ ايندي؟ 


هن جي ڳالهين ۾ ايتري سگهه هوندي هئي، جو ٻڌندڙ جي دل ۾ گهرو احساس پيدا ڪري ڇڏيندو هو. جديد کان جديد ترين انسان به ابن راهمي جي ڳالهين ۾ اڪير محسوس ڪندو هو. هن کي ڳالهين ۾ ازلي ۽ ابدي ڪيفيت جوڙڻ ايندي هئي، هو ايترو ڌيمو ۽ مٺو ڳالهائيندو هو، جيتري ڌيمي پرهه جي هير گهلندي آهي، جيتري مٺي ڪوئل جي ڪوڪ هوندي آهي. سياڻپ ۽ ساڃاهه جنهن جي وجود ۾ پوري ريت سمايل هئي. انسانيت جي اڪير ايامن جي  جهلڪ سان هن جي جيءُ ۾ جرڪندي هئي.

وڏيري ابن راهمي جي خاندان جي ٿر جي طبعي ڀاڱي کائڙ ۾ ست پيڙهياتي پٽيلي رهي آهي. وڏو جيسو راهمون جنهن جي نالي پويان کائڙ جو وڏو ڳوٺ جيسي جو پار سڏجي ٿو. جيسي راهمي کي ڳائيندي چارڻ ڪوين چيو آهي ته؛

سهه باتان را ٺاٺ، اتري مک بانکيو نهين،

جيسا جس ري رات، قادواڻي جايو ڀلين.

(سمورين ڳالهين جا جنهن وٽ سک آهن، هُن ڪڏهن منهن سان ڪنهن کي ڇڙپ نه ڏني ۽ نه وري ڪنهن سوالي جي لاءِ انڪار جو لفظ چپن تي آندو، اي جيسا تنهنجي جنم جي رات جس ڀري آهي، اهڙي سڀاڳي رات جو قادواڻي تو ڀلين جنم ورتو.)

وڏيري ابن راهمي جو والد وڏيرو جان محمد راهمون پنهنجي دور جو نامور پٽيل ۽ سگهڙ سياڻو هو، ناميارو عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کائڙ ڏانهن لهندي سگهڙن جي ڪچهري ۾ وڏيري جان محمد راهمي کي ضرور گهرائيندو هو. وڏيري جان محمد ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي لوڪ ادب ۽ ٿر جي تاريخ جو گهڻو مواد ڏنو. وڏيري ابن راهمي جي ناناڻن جي به وڏي نامياچاري رهي آهي. واريءَ جي دڙن تي مارو ماڻهو ميرو هوٿياڻي ۽ بينڊي مانجهياڻي جي لوڪ ڏاهپ جي ڏيا لوڪ آکاڻي جيان بيان ڪندا آهن.

وڏيري جان محمد راهمي جي گهر ۾ ۱۹۴۵ع تي جنم وٺندڙ وڏيرو ابن راهمون ۱۹۶۷ع  تي پڙهائي مڪمل ڪري پرائمري استاد مقرر ٿيو. هن ٿر جي مختلف اسڪولن ۾ پڙهائڻ سان گڏ استادن جي تنظيم پ ٽ الف ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو، پ ٽ الف جو تعلقي ۽ ضلعي صدر پڻ رهيو. ۲۰۰۰ع ڌاري سرڪاري نوڪري تان رٽائرمنٽ ڪرڻ کان پوءِ پورو وقت سماجي قدرن ۽ روايتن کي سنڀالڻ، لوڪ ادب ۽ لوڪ ڏاهپ جي ڏيا جون منڊليون مچائڻ  ۽ راجوڻي نبيرن ۾ گذاريو.

وڏيري ابن راهمي کي ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙ ايندي هئي ته پي ويندو هو، هن ڪاوڙ ڪڏهن ظاهر ٿيڻ نه ڏني، وڏي سهپ هوندي هئي. هن رٺل ڪڙمن، قبيلن، پاڙن کي پرچائي ماڻهن کي صحرا ۾ سک ۽ شانتي جي چانڊرڪي جون چاهتون سمجهائڻ جا جتن ڪيا. هن کي افلاطون جي قول جو پورو ادراڪ هو ته جنهن ماڻهپي جي محبت کي من ۾ نه وسائي آهي، اهو اونداهي ۾ ڀٽڪندو رهندو.

سياسي سماجي پروگرام هجي يا  مرڻي، پرڻي جو ڪاڄ، وڏيرو ابن عام ماڻھن سان گڏ ساڳي ڇَني ۾ ساڳي طعام، ساڳي پليٽ ۾ کائڻ وارو ماڻهو هو. وڏيري ابن ۾ ڪا به وڏائي نه هئي، وڏيرو ابن راڄ ڀاڳ جي نبيرن دوران به جتي رات پئي اتي رهي پوندو هو، ميزبانن کي هن جي لاءِ ڪنهن وڏي بندوبست جي ضرورت نه پوندي هئي. ٻچن سريکي جيڪا ٻاجهر جي ماني ۽ اولڻ آڻيندا هئا، اهو دل سان کائيندو هو. واري جا وڇاڻان هجن يا اوتارن جي اڱڻ ۾ وڇايل کٽن تي رهاڻ رچيل هجي، وڏيرو ابن راهمون ‘ڪاري غنودي ڪڻڪي’ جو رس پوري ڪچهري ۾ ونڊي پوءِ ڳجهارتن، ڳوڙهن، هميارين، هنرن، سينگارن، ڏور بيتن ۽ دوهن سان محفل کي منڊيندو هو. وڏيرو ابن روحاني طور تي غوثيه جماعت سان لاڳاپيل هو، غوثيه جماعت جو خليفو  به رهيو، ملتان جي سفر دوران به وڏيرو رهاڻ رچائيندو هلندو هو. لوڪ ادب ۽ لوڪ ڏاهپ جي ڏيا جو هن وٽ وڏو مواد هو، پر افسوس وڏيري ابن راهمي جي ڪچهرين کي ڪوئي مڪمل رڪارڊ ڪري رکي نه سگهيو؛ 

مجلس گئي پيٿل سون، تان سين سون راڳ،

هنس ٻول رنگ روپ گيا،  بيربل ڪي ساٿ.

نه وري هن وقت تائين ابن راهمي لوڪ ڏاهپ جي ڏيا سان ڪيل راڄوڻي فيصلن جي ڪا فهرست جڙي سگهي آهي. ‘کائڙ جي بجيراءِ سوڍن ۽ ڪنٺي جي ڏوهٽن جي وچ ۾ خون جي معاملي تي اچي وروڌ ٿيو، راڄ ڀيڙا ٿيا، پر فيصلو نه نبري، هن کائڙ  جي راڄوند ڳالهين دوران ڏوهٽن کي چيو ته بجيراءِ نڪلنڪ آهن ان ڪري معاملي کي نبيرڻ جي لاءِ بجيراءِ سوڍن  وٽ  ڏوهٽ کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه ڪونهي، باقي ڏوهٽ مطالبو ڪن ته آئون پنهنجي برادري مان هڪ جا ٻه پرڻائي ڏيان! ڏوهٽ هن ڳالهه تي لاجواب ٿي ويا، راڄوڻي معافي ٻئي ڌريون کيرکنڊ ٿي اٿيون. کائڙ جي ڀيلن جي ڳوٺ ۾ ڪو معاملو ٿيو، وٺ وٺان ٿي، تروٽي وڏيرا ڌرين کي پٽ تي پير رکڻ نه ڏين، وڏيرو ابن به پهتو، ڳالهيون ٻوليون ٿيون پر هڪ ڌر کي ان جا حمايتي راجنيتي جي ڳالهه ۾ بيهڻ نه ڏين، معاملي کي ٻي ڏينهن تي رکي اٿيا، وڏيرو ڀيلن جي ڳوٺان نڪري هڪ دڙي تي ويهي رهيو، جڏهن ٻيا سڀ ماڻهو وکري ويا، تڏهن وڏيرو ان ڌر وٽ وري لنگهي ويو، چيائين ‘آئون وڏيري جان محمد جو پٽ اوهان وٽ لنگهي آيو آهيان’هن اهي لفظ ڇا چيا!؟ پوڙهن ۾ اوڇينگار پئجي ويئي. سڏڪا ڀريندي چيائون ته ‘وڏيري جان محمد جي پٽ جي لاءِ سر به حاضر آهي، جيئن فيصلو ڪر قبول آهي’ ائين وڏيرو ٻنهي ڌرين کي ڳالهين ۾ آڻي معاملو نبري پوءِ اتان روانو ٿيو. هڪ ڀيري راهمن ۽ سميجن جي وچ ۾ هڪ خون تان تڪرار اچي متو، هن راڄائتي مڙس، ٻنهي ڌرين کي منٿ ميڙ ڪري جهيڙو وڌڻ ڪو نه ڏنو.

وڏيرو ابن فيصلي ۾ برادرين جي رشتن، ناتن ۽ پيڙهين جي پوتاميل کي اڳيان رکي ‘وجهائتي انگ سان هڪ ٺپي اهڙي ڳالهه ڪندو هو، جنهن سان ڌريون لاجواب ٿي پونديون هيون ۽ پورو معاملو ٽٽي پوندو هو،. وڏيري ابن راهمي ٿر ۾ جيڪي پنڌ ڪيا، جيڪي فيصلا ڪيا، جيڪي رس رهاڻيون ڪيون آهن، اهي هڪ ناول نگار جي لاءِ ‘ميڙن جا سو سال’ جي عنوان سان شاندار ناول جو مواد آهن.

وڏيري ابن وٽ وڏو بئنڪ بيلنس نه هو پر وڏو ووٽ بئنڪ هو، هن پنهنجي مُحبتي مزاج ۽ راڄوڻي سڀاءُ سان عام ماڻهن جون دليون کٽيون هيون. چونڊن جي اعلان ٿيڻ سان اميدوار وڏيري ابن جي حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڊڪ ڊوڙ شروع ڪندا هئا. پر وڏيرو سياست ۾ مجموعي طور راڄ ڀاڳ جي واسطن ۽ وڙن کي اڳيان رکي ميدان ۾ لهندو هو. وڏيري ابن راهمي جي سياسي جوڙ توڙ جي ڏاهپ سان سندس ڀاءُ عبدالڪريم ضلعي نائب ناظم ٿيو.       

‘جيسي جو پار’ هن جي جنم ڀومي هو پر ڇاڇري سواءِ هن کي سک نه ايندو هو، هفتي ۾ ڪٿان نه ڪٿان ڇاڇري موٽي ايندو هو. ڇاڇري سان قرب جي ڪيفيت ۾ پڇا ڪندو هو ته ڇاڇرو ته منهنجو پنهنجو آهي، پر اهو پرديسي ڪٿي جو هو؟ جنهن جا نيڻ ڇاڇري سان اڙجي ويا هئا؛

اڙ گئي نينان پرديسيان را ڇاڇرو ۾ ڇما ڇم،

هن ويران ٿي ويل ڇاڇري کي ٻيهر وسائڻ جي پوري ريت ڪوشش ڪئي. ڀوجراج سوڍن جي ڪوٽڙي ۾ وڏي اسر پهچي رهاڻ ڪندو هو. جڏهن رهاڻ پوري موج تي پهچندي هئي تڏهن ڪوي هيمڏان چارڻ کان پڇندو هو ته، منهنجو اهو ٿر ڪٿي آهي؟ جنهن ٿر ۾ ٻڪرال کنوڻ جي کجڪي ۾ ڪنن جون واليون ۽ گوکرو چڪمندا هئا؟ پوءِ چارڻ کي چوندو هو ته ٻارٽ جي! لالي حسن نهڙي جو ڇاڇري تي سرجيل نظم ٻڌايو. پوءِ نظم ٻڌڻ تي هن جي اکين جا بند ڀڃي پوندا هئا. انگوڇي جي پلي سان پنهنجا لڙڪ اگهي ڇاڇري جي بازار ۽ روپا ريل جي رونق ساريندو  هو.

جيسي جو پار هجي يا ڇاڇرو، وڏيري ابن جي اوتاري تي هر ويلي ايندڙ ويندڙ جي لاءِ لنگر پاڻي جو بندوبست ٿيل هوندو هو. مهمانوازي سان گڏ هن جي سخاوت به نرالي هئي، ڪو به  سوالي هن جي در تان خالي هٿ نه موٽيو، ڏيڻ مهل هن هميشه پنهنجون نظرون جهڪائي رکيون.          

۷۲ سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي جيون جو سفر پورو ڪري ۱۵ آڪٽوبر ۲۰۱۶ع  تي ڇاڇرو شهر ۾ وڏيري ابن علي پنهنجو دم ڌڻي حوالي ڪيو، مرتئي جي سڌ پوڻ سان پوري ٿر ۾ سوڳ جي لهر ڇائنجي ويئي. هزارين ماڻهن جي هجوم ۾ آلين اکين ۽ سرد شوڪارن سان هن جي جسم خاڪي کي مٽي  ماءُ حوالي ڪيو ويو. مير عبدالحسن سانگي چوي ٿو ته؛

لڏي ويا اڏي ويا سخن جي عمارت،

وضعدار شيرين زبان ڪهڙا ڪهڙا.

 

(ڪاوش دنيا ۾ ص ۱۰ تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا