ابن علي راھمون
جيسي جي پار جو وڏيرو -
جنھن جا ڪيل راجوڻي فيصلا ڪنھن کان ڪو نه وسرندا
ڀارو مل امراڻي
وڏيرو ابن علي
راهمون ڌرتي جي انهن سپوٽن منجهان هو، جيڪي ڌرتي جي گولي تي امن جي لاءِ اٻاڻڪا ٿي
سوال ڪندا آهن ته تلوارن ۽ خنجرن جي رڪ کي لوهار کان ٺپرائي انهن مان هر ڪڏهن ٺهرايا
ويندا؟ نيزن کي موڙائي انهن مان ڏاٽا ڪڏهن جوڙايا ويندا؟ توبن جي نالين ۾ ڳيرا آکيرا
ڪڏهن اڏيندا؟ امن انسانيت جي فتح ۽ جنگ
هار آهي، ڌرتي کي رت جي ريٽي ريج کان وڌيڪ دريائن، واهن ۽ پلر جي پاڻي جي ضرورت آهي. اها ڳالهه دنيا کي ڪڏهن سمجهه ۾
ايندي؟