; سنڌي شخصيتون: عبدالغني عرف گل فقير ٻرڙو

26 January, 2022

عبدالغني عرف گل فقير ٻرڙو

عبدالغني عرف گل فقير ٻرڙو

درگاھ فتح پور جو ديوانو

مھدي شاھ



لکيدر انڊس ھوٽل جي دروازي ٻاھران سوڙھي ڪيبن ۾ ڪشادي دل رکندڙ گل فقير جڏھن کان لکيدر تان ڪتابن جو ڪاروبار بند ڪيو سچ ته ھو پاڻ به ڏاڍو اُٻاڻڪو ٿيو ۽ مون جهڙن واندن کي به رولي ويو ھو. مان ساڻس اھڙي شڪايت بار بار ڪندو رھندو ھيس. ھو پنھنجي مخصوص انداز ۾ کلي وري ڪو وٿاڻ ٺاھڻ جو واعدو ڪندو ھو. نيٺ ھڪ ڀيري ٽيليڪام بلڊنگ کان شھر ڏي ايندڙ خميساڻين واري پاڙي ۾ ٺھيل شاپنگ سينٽر ۾ ٺڪاڻو ٺاھي ويٺو. پر گهڻو وقت ڄمي ويھي نه سگهيو. بعد ۾ شاھي بازار ۾ پنھنجي والد جي ڪپڙي واري دوڪان تي وڃي ڀاءُ جو ٻانھن ٻيلي ٿيو. ڪڏھن مس ڪال ته ڪڏھن ڪال ڪري مونکان منھنجو حال پڇندو رھندو ھو. 


معمول مطابق ھن ۱۰ جنوريءَ تي ڪال ڪئي. مون ڪال اٽينڊ ڪئي.... 

“ھا گل فقير.......“

کلي چيائين: ”بابا! ڪھڙا حال آهن؟......“

مون وراڻيو: ”گل فقير! مولا جا ڪرم آهن، تون ٻڌاءِ ڪيئن آهين؟“

وراڻيائين: ”ھاديءَ شھنشاھ جا ڪرم آهن......“

مون چيو؛ ”خوش ھوندين، ڪو حڪم احڪام ھجي ته حڪم ڪر حاضر آھيون.....“

چيائين: ”نه نه! مھدي سائين بس دعا ڪندو ڪر..... ڀلا ٻڌو ته درگاھ فتح پور ڏھاڙو آهي، ھلو ته ديدار وٺي اچون.....“

مون چيو: ”واھ واھ...... ڪڏھن آ ڏھاڙو.....“

وراڻيائين؛ ”اڃان ڏھ ٻارنھن ڏينھن اٿس........“

مون چيو: ”ٺيڪ آهي، سنڀالجانءِ ته ديدار ڪري اينداسي......“

چيائين: ”چڱو ٺيڪ آهي.”

ان وچ ۾ نه گل فقير سنڀاليو نه مونکي ڳالھ ذھن ۾ آئي..... 

اڄ صبح جو فيسبوڪ تي خبر پئي. ھن درگاھ فتح پور جي ديواني پنھنجي ھاديءَ جي در تي دم ڏنو.......... پنھنجو روح رکيل جي حوالي ڪيو.

گل فقير! سدائين ھاديءَ جي ھنج ۾ ھوندين، محبوب سائين.

 

(مھدي شاھ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۳ جنوري ۲۰۲۲ع تي کنيل)


عبدالغني گل فقير ٻرڙو

سميع ساجد جوڻيجو

شڪارپور جي لکي در تي هڪ ننڍڙي پڙي جنهن جا چرچا سڄي سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر تائين هلندا هئا۔ ان جو سبب هڪ گل هو۔ جيڪو پڙي ۾ سنڌ جي نوجوانن لاءِ ڪتاب رکي ائين محفل مچايون ويٺو هوندو جو سندس گل ڪتاب گهر ڄڻ وڏو گلستان پيو ڀاسندو هو۔ گل ڏسڻ جو جيڏو پيارو هو ايترو ئي اندر جو فقير طبيعت هو۔ توڙي جو پاڻ تمام گهٽ پڙھيل هو پر ڪتابن جي موضوعن جي ڀلي ڄاڻ رکندو هو۔ آءُ جڏهن به شڪاپور ويندو هيس ته هو جيءَ ۾ جايون ڏيندو هو۔ اوچتو گل ڪتاب گهر بند ٿي ويو ۽ گل وڃي ڪپڙي جو دڪان وسايو پر گل سان محبت جو رشتو ساڳيو ئي رهيو۔ فون تي ساڻس مسلسل ڳالھائڻ جو سلسلو جاري رهندو هو۔ ڪجه ڏينهن نه ڳالهايون ته ڪال ڪري بي وفا چوندي دير نه ڪندو هو۔ هو انگريزي جا اکر شارٽ ڪٽ ڪري ڳالهائي ٽھڪ ڏيندو هو۔ 

اڄ صبح شڪاپور کان عبدالوهاب شيخ ڪال ڪري ٻڌايو يار پنهنجي مرشد ڏي ويو هو اتي ئي سندس کلندي کلندي دم پرواز ٿي ويو۔

انا لله و انا اليه راجعون۔

يارَ جي وڇوڙي تي اکيون آليون آھن۔ رب ڪريم کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري آمين۔

 

(سميع ساجد جوڻيجو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۳ جنوري ۲۰۲۲ع تي کنيل)


عبدالغني “گل فقير” ٻرڙو

حسيب ناياب منگي

ڇني گل گُلاب جا، ڪيئي ڌارون ڌار،

اڙي موت ميار، ايڏو ساڙ سڳنڌ سان. (شيخ اياز)

اِنَّا لِلّٰهِ وَاِنَّا اِلَيْهِ رَاجِعُوْن

اسان جو ساٿي “گل ڪتاب گهر” جو مالڪ عبدالغني ٻرڙو اڄ وفات ڪري ويو. کلمک، پيارو ۽ من جو صاف هو. نياز نوڙت سان پيش اچڻ وارو ڪڏهن جو نه ملي سگهون ته فون ڪري حال احوال اويندو هو. پنهنجن پراون وٽ “گل” جي نالي سان مشهور هو. گل جي اوچتي وڇوڙي ڏکارو ڪري ڇڏيو آهي. حياتي تي ڪوبه ڀروسو ڪونهي. موت هڪ حقيقت آهي، هتي جيڪو انسان پنهنجي اخلاق ۽ عمل سان جيڪا رهائي ڪري ٿو خدا وٽ کيس اهڙو اجر ملي ٿو.  “گل” نه ڪنهن جي تيري ۾ نه ميري ۾! گلا شڪوه هوندي به درگذر ڪرڻ وارو شخص هو. “گل” جي جنازي نماز تي  علمي، ادبي، سماجي، سياسي، صحافتي ۽ زندگي سان وابسته مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن جي شرڪت ۽ سڀني جي واتان سندس نيڪيون ٻڌيون ٿي ويون. گهڻيون ئي اکيون آليون هيون، هجن به ڇو نه!! “گل” دلبر هو.

مرحوم جي ڏک ۾ سندس خاندان وارن سان شريڪ ۽ الله سائين جي حضور دعا ٿو ڪريان ته مالڪ کيس جنت الفردوس ۾ جايون جوڙي ڏي. الاهي آمين.

غمزده:

(حسيب ناياب منگي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۶ جنوري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا