سائين غلام نبي سومرو
باڊهه جو مثالي استاد
هوش محمد ڀٽي
جيئن هر خطي جي مٽيءَ
جي جدا سڳنڌ هوندي آهي. ائين اسان جي باڊهه جي آس پاس جي ماڙهن جي پنهنجي الڳ خوشبو
آهي. باڊهه جيڪا منهنجي جنم ڀومي آهي. ان جو الائي ڪيترو قرض آهي مون تي... جو آئون
الائي ڪڏهن لاهيان، تيستائين آئون باڊهه جي مثالي استادن جي باري منجهه لکڻ جو ارادو
ڪيو آهي.
هونئن ته باڊهه ۽ ان
سان تعلق رکندڙ ويجهر وارا ڳوٺ مشهور استادن سان ڀريل آهن پر آئون جنهن استاد تي
لکڻ وارو آهيان اهو سائين غلام نبي سومرو آهي. جنهن جي مٽي ڌڻي سڳوري علم جي سمنڊ
جي ساحل مان ڪڍي ڳوهي ڳوهي دڙا_نزد باڊهه جنهن لاءِ سائين چوندو هو ته “دڙا، بهشت
جا گهڙا” تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي سنڌ ۾ آندي، جتي جو هر گل ميوو ۽ ماڻهو سهڻو من
مهڻو آهي. سائين جو جنم ورهاڱي کان اڳ ۾ ۶ جون ۱۹۴۴ع ۾ ٿيو. سائين هو ته هندوستاني پر سندس مذهبي جذبا جوان
هئا.
قدرت جي حڪمت موجب
سائين جو جنم هڪ غريب ڊکڻ جي خاندان ۾ جمعي جي سردار ڏينهن تي ٿيو. سندن پيءُ جو
نالو خالق ڏنو سومرو هو. خالق ڏني کي چار ڌيئر ۽ ٻه پٽ هئا پر سائين سندن آخري ۽
ننڍڙو ڪڪو هوئن. آخري اولاد هجڻ ڪري سڀني گهر وارن جو هن ڪڪي ۾ ساهه هوندو هو ۽ سڀني
جي جهولي جي ڀاڪرن ۾ پيو پلبو هو. سائين غلام نبيءَ ۾ سندس ماسي جي لاءِ عيد جي چنڊ
کان وڌ هوندو هو پر پوءِ به هو پنهنجي ماءُ کي وڌ هو ۽ امڙ لاءِ جيئن چوندا آهن:
ماءُ سا ماءُ، ٻيو
سڀ دنيا جو واءُ.
سائين جا والدين ماجدين
مسڪيني ۽ مفلسي ۾ مسيحا بنجي غريبي جي غوراب ۾ گذر ڪندڙ هئا. پورهئي سان پريت جون پاڙون
پڪيون ٿيل هيئن. سندن گهر وارا پنهنجي پورهئي ڪرڻ وارن اوزارن کي ائين سنڀالي رکندا
هئا. جيئن پيار ڪرڻ وارا محبت جون نشانيون سنڀالي رکندا آهن. ننڍپڻ جي نينهن ڀرين ڏينهن
۾ سائين غلام نبيءَ جي ابي ڊکڻ هجڻ ڪري پنهنجي مبارڪ هٿن سان انب جي ڪاٺ ۾ کيس ڦرحي
ٺاهي ڏني ۽ پوءِ پٽيءَ کي ميٽ مکي کيس چيچ کان وٺي مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري علم جي
درسگاهه گورنمينٽ پرائمري اسڪول دڙا ۾ داخل ڪرايو. اسڪول جي نئين ماحول سائين غلام
نبيءَ کي حيران پريشان ڪيو.
رانديون يا ورزش صحت
جي ضمانت هونديون آهن. اهو ڏاڍو ڀلو زمانو هوندو هو. خوشين خرارن ۾ ميسر هونديون
هيون. سائين غلام نبي اٽي ڏڪر کيڏندو هو ۽ آڳ وٺڻ لاءِ هن راند ۾ وڏا بل ڏيڻا پوندا
آهن ۽ سائين سڄي ڳوٺ ۾ وڏا بل ڏيندڙ هوندو هو. ان راند کان علاوه ٻئي راند چدي راند
کيڏي ويندي هئي. هن کي چدن جي ڳوٿري ور ۾ ٻڌل هوندي هئي. گهڻو ڪري رنگين چدا هوندا
هئا. جن سان کيڏندي زندگي جي دنيا رنگين نظر ايندي هئي. ان زماني ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ ڪنهن
ڪنهن کي ايندي هئي. سائين غلام نبي کي ڪرڪيٽ سان ڪا دلچسپي نه هوندي هئي. ها باقي هو
شام جو ڪڏهن ڪڏهن ملهه راند به رهندا هئا.
ان زماني جا استاد ٽي
ٽي سال تربيت حاصل ڪري ايندا هئا ۽ پڙهائڻ جي طريقن کان مڪمل واقف هوندا هئا. ان
زماني ۾ وڏو چهچٽو لڳو پيو هوندو هو پرائمري هجي يا سيڪنڊري ڪلاسن ۾ پابندي سان
ايندا هئا. ۽ سندن پڙهائي جو نتيجو اهڙو جهڙو سچو گيهه... ڪڏهن به ڪرسي تي ويهي نه
پڙهائيندا هئا. صاف سٿرن ڪپڙن ۾ ملبوس هوندا هئا. اداري ۾ مسڪرائيندڙ مکڙا کڻي ايندا
هئا ۽ ماکي جو ميٺاج رکندا هئا.
ڪي ڪي ماڻهو اهڙا
سهڻا ٿيندا آهن جهڙا بيت ڀٽائي جا. ائين سائين غلام نبي به سهڻو هو. هو اڪثر مون سان
پنهنجي استادن جا ڳڻ ڳائيندو رهندو هو. حسابن جي حوالي سان سائينم استاد نور محمد
جوڻيجي ننڍي وهڻي واري جو ذڪر ڪندو هو. جنهن لاءِ سائين ذڪر ڪندو هو ته هڪ دفعي استاد
نور محمد سان بالا آفيسر اٽڪيو ته ٻارن حساب غلط ڪيو آهي. جيڪو سهي يا غلط جي فيصلي
لاءِ شمس العلماء عمر بن دائود پوٽي ڏانهن
موڪليو ويو. جنهن ٻارن جي ڪيل حساب ۽ استاد نور محمد کي درست قرار ڏنو. غربت ۾
حياتي جو گاڏو گهلڻ گهڻو وزنائتو ۽ ڏکيو ٿئي ٿو. ڪتابن خريد ڪرڻ جي لاءِ سائين غلام
نبي وٽ پيسا نه هوندا هئا ته سائين ڊکاڻڪي ڪم ڪرڻ سان ڪمائڻ جون ڪوششون ڪيون. ڏاٽن
جا ڳن، گلاس دانيون، پيڊيون (تختيون) ڪپڙن ٽنگڻ واريون ٽنگڻيون ٺاهي شام جو دڪاندار
کي نئين ۽ پراڻي باڊهه ۾ ڏيندو هو ته ٻه چار رپيا ملي پوندا هئا. جن مان ڪتاب، پين
۽ مس خريد ڪري محنت ڪندو هو. هڪ دفعي ڏاٽي جو ڳن ٺاهيندي سندن هٿ جو آڱوٺو وڍجي
پيو. جنهن سبب ڪيترائي ڏينهن تڪليف ۽ ڪم کان پري رهيو پر پڙهائي ۾ ڪڏهن ناغو نه ڪيائين.
هڪ ڀيري انٽر جي امتحاني
فارم جي لاءِ کيس ڏوڪڙ نه هئا ته مامهس حافظ عبدالرزاق پاڏو کپائي کيس پيسا ڏنا ته
تون فڪر نه ڪر ۽ مون وٽ پاڏو بيٺو آهي. تعليم ۾ اڳتي وڌڻ ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪندي ڪامرس
ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ فارم ڀرائي آيو.
سائين کي ننڍپڻ ۾
سندس والد بزرگوار هڪ پائي خرچي ڏيندو هو. جنهن هو ڀڳڙا وٺي کائيندو کلندو رهندو
هو. هونئن ته سائين غلام نبي ننڍپڻ پهرئين درجي کان پنجين درجي تائين مانيٽر رهيو.
حيرت جهڙي ڳالهه
آهي ته مٽ مائٽ يا ڳوٺائي ننڍي وهي کان ئي کيس ماستر ماستر ڪري ڪوٺيندا هئا ۽ دلي
دعائون ارپيندا هئا.
هي محنتي انسان ننڍپڻ
۾ رائيس ڪينال جي ڪپ تي ٽالهي جي وڻ جي ڇانو ۾ ويٺو ڪلاڪن جا ڪلاڪ پڙهندو هو. سندس
امڙ منجهند جو پٽڙو ڀت ۽ مٺائي ٻارن هٿ موڪليندي هوس. هو کائي خوش ٿي چوندو رهندو هو
محنت محنت محنت...
شروعاتي تعليم اسڪول
دڙا مان حاصل ڪرڻ بعد هو سرٽيفڪيٽ کڻي سرڪاري هاءِ اسڪول باڊهه پهتو جتي ۵۶_۱۹۵۵ع ۾ داخل ورتائين. ان سال سندس استاد باڊهه جو مشهور استاد
بهادر علي چنه هو. جنهن کانئس امتحان ورتو. بعد ۾ کيس ڀلا ۽ بهترين استاد مليا جن
هن موتي کي تراشيو ته هو به هڪ ڀلو استاد ٿي ويو. اتي پنج سال تعليم حاصل ڪرڻ بعد
سائين بهادر علي چنه کي عرض ڪيو ويو ته اهو غلام نبي سومري کي سرٽيفڪيٽ ڏئي ته هو
نصيرآباد ۾ سائنس گروپ ۾ وڃي ميٽرڪ ۾ داخلا وٺي. ان زماني ۾ باڊهه کان نصيرآباد جو
ڪرايو اٺ آنا هوندو هو ۽ شاگردن کان چار آنا وٺندا هئا. غربت هئي. ان ڪري هي غريبڙو
ٻار پنهنجي دوست غلام رسول بروهي سان ۸ ڪلو ميٽر پيرين پنڌ ڪري صبح جو سوير اسميبليءَ
۾ پهچندا هئا. پڙهڻ جو شوق سندن اوج تي هو. اهڙا ڪلاسي نصيبن وارن کي ملندا آهن.
هنن يارن کي آلجبرا جون وصفون جاميٽري جا ٿيورم به پڪا هوندا هئا. اتي سندن پڙهائيندڙ
سائين نجيع الله عباسي هو. ۱۹۶۲ع ۾ هنن ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو.
کين اهي استاد مليا
جيڪي Dawn
انگريزي اخبار جي انگريزي منجهان به چڪون ڪڍي
موڪليندا هئا. اهو استاد محترم غلام محمد پنهور دادو وارو هو.
هونئن ته سائين غلام
نبيءَ کي تمام وڏا اعزاز ۽ ايوارڊ ملڻ گهرجن ها پر اهو سڀ نه ٿي سگهيو. منهنجي خواهش
هئي ته کيس سڦلتا اسڪولنگ سسٽم پاران لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏيون. اها حسرت
ئي رهي. سائين کي ڏوڪري جي سرڪاري هاءِ اسڪول ۾ پڙهائيندي ۽ محنت ڪندي ڏسي ان دؤر
جي ڪمشنر سکر ۽ ڊائريڪٽر تعليم سکر اسپيشل ائڊوانس انڪريمينٽ ڏيڻ جو آرڊر/اعلان ڪيو
ويو جيڪا کيس ۱۹۹۸ع سروس بوڪ ۾ اعزاز طور داخل ڪئي وئي.
روشني اسڪولن ۾ “تعليم
بالغان پروگرام” بالغن جو سينٽر گابر مسڻ ۾کوليو ويو. جنهن ۾ سائين کي استاد مقرر ڪيو
ويو سائين جي قابليت ۽ جفاڪشي سان سينٽر جي شاگردن تمام اوچي ڪاڪردگي ڏيکاري جنهن
جي بنياد تي سائين اعزاز طور پڳ پارائي وئي.
ڪنهن زماني ۾ باڊهه
اسڪول ون ۾ قرآن شريف پڙهڻ سکڻ جو سينٽر کوليو ويو جنهن ۾ خاص سرڪاري استادن کي سکيا
ملڻي هئي. جنهن ۾ ۵۰ کان مٿي استاد هئا. جنهن منجهه سائين نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندي ٻيون نمبر
ماڻيو جنهن جي اعزاز ۾ کيس سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.
سائين غلام نبي سومري
پنهنجي حياتي ۾ هيٺيان امتحان پاس ڪيا:
• سنڌ ورنيڪولر
فائنل امتحان PSLE Examination ۱۹۶۰ع
• مئٽرڪ اولڊ
ڪورس سائنس گروپ ۱۹۶۲ع سيڪنڊ ڪلاس سرڪاري اسڪول نصيرآباد
• انٽر آرٽس ڪامرس
ڪاليج لاڙڪاڻو ۱۹۶۵ع سيڪنڊ ڪلاس
• بي اي
فائنل پاس ۱۹۶۷ع سيڪنڊ ڪلاس
• ايم اي ايڪانامڪس
۱۹۷۰ع سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
• جي وي J.V ٽريننگ لاڙڪاڻو ۱۹۶۶ع
• بي ايڊ آڪٽوبر
۱۹۷۰ع سيڪنڊ ڪلاس
• ايم ايڊ ۱۹۷۹ع بي گريڊ اولڊ ڪئمپس حيدرآباد
پاڻ تعليم کاتي منجهان
استاد جي حيثيت ۾ ارڙهين گريڊ جي عهدي تان ۲۴ جون ۲۰۰۰ع رٽائرمينٽ ورتائون. پاڻ ڪيترائي سال ۽ ڪي ڀيرا سرڪاري
اسڪولن ۾ هيڊ ماسٽر ۽ نائب ماسٽر رهيا. باقي اڪثر استاد جي حيثيت ۾ پنهنجا فرائض
سرانجام ڏيندا رهيا. رٽائرمينٽ کان بعد ۾ به سائين جن تعليم تدريس جو دامن ڪين ڇڏيو
۽ اچي ورلڊ ناليج پبلڪ اسڪول باڊهه ۾ پرنيسپال جي عهدي جي حيثيت سان خيما کوڙيائون.
انهن ڏينهن ۾ سائين باڊهه جا رهائشي هئا. جتي تقربين ٽي سال خدمتون سرانجام ڏيڻ
کان پوءِ دڙي ڳوٺ ڏانهن لڏي وڃڻ ڪري نوڪري ڇڏيائون.
بعد ۾ وري ڏوڪري جي
الحسنين برائيٽ اسٽار پبلڪ اسڪول ۾ ڪجهه ميهنن جي لاءِ پرنسيپال رهيا پر کين اتي
مزو نه آيو ۽ وري واپس اچي ورلڊ ناليج پبلڪ هاءِ اسڪول ۾ شامل ٿيا جتي پوءِ ۲۰۱۰ آڪٽوبر تائين پرنسيپال رهيا.
سائين غلام نبي سومري
جا ڪي شاگرد ڌار ڌار شعبن جي لحاظ کان
انجنيئر ۽
سب انجنيئر
۱. ذوالفقار علي ساريو جيڪو صحافي زيب ساريي جو وڏو ڀاءُ آهي.
۲. افسر علي مشوري درگاهه باڊهه
۳. ٺارو مل باڊهه
۴. عزيز الرحمنٰ جوڻيجو دڙا باڊهه
۵. علي نواز جوڻيجو منڌرا ڏوڪري
۶. سعيد احمد ٻگهيو ڪاراڻي ڏوڪري
سائين جا ڪي بئنڪ
آفيسر شاگرد
۱. وزير علي شيخ باڊهه
۲. جان محمد منگي تقي شاهه
سائين جا ڪي پوليس آفيسر
شاگرد
۱. ارشاد علي ولد سائين غلام رسول ابڙو “راز سروري” شاعر پراڻي باڊهه
۲. علي محمد سومرو دڙا
۳. عرض محمد خاصخيلي ڳوٺ دڙا_
سائين جا ڪي زرعي بئنڪ
آفيسر شاگرد
۱. علي شير ساريو گند شريف
۲. علي گوهر ساريو گند شريف
۳. سيف الله ڪنڀر باڊهه
سائين جا ڪي استاد/ليڪچرار/هيڊماسٽر
شاگرد
۱. ديدار علي لوهر پٺاڻ جعفري (اديب ۽ مقرر)
۲. حافظ ممتاز علي ابڙو گابر مسڻ عربي ٽيچر
۳. زاهد حسين هليو ڳوٺ گند شريف هيڊ ماسٽر
۴. ضمير حسين موريو هيڊ ماسٽر دڙا
۵. ڌڻي بخش بروهي هيڊ ماسٽر باڊهه
۶. سيد حاڪم علي شاهه تقي شاهه هيڊ ماسٽر
۷. وزير علي منگي ٽاٽڙي هيڊ ماسٽر
۸. انور علي لوهر باڊهه استاد
۹. مشتاق علي چنه استاد باڊهه
۱۰. علي اڪبر گوپانگ باڊهه مشهور رياضي استاد
۱۱. عبدالغفور بروهي باڊهه استاد
۱۲. رانجهن علي ابڙو باڊهه
۱۳. غلام اڪبر ڪنڀر باڊهه
۱۴. خادم حسين جوڻيجو
۱۵. عبدالعزيز ڪانڌڙو باڊهه
۱۶. عباس علي گوپانگ باڊهه
سائين جا ڪي Animal Husbandry
جا شاگرد
۱. آفتاب احمد ابڙو کنڊو تعلقو وارهه
۲. عقيل احمد
سائين جا ڪي روينيو
کاتي ۾ شاگرد
۱. احمد علي سومرو ڏوڪري
۲. اشفاق احمد سومرو دڙا
سائين جا ڪي اطلاعات
کاتي ۾ شاگرد
۱. آفتاب احمد ابڙو گابر مسڻ
سائين جا ڪي A.D.M.W ۾ شاگرد
۱. مشتاق احمد سومرو دڙا
سائين جا ٽائون ڪاميٽي
باڊهه ۾ شاگرد
۱. فدا حسين ڦلپوٽو
سائين جا ڪي تعليم
کاتي ۾ شاگرد
۱. غلام مصطفيٰ چانڊيو باڊهه_ ايس ڊي او وارهه
۲. زاهد حسين هليو نئين گڏ ڏوڪري _ ايس ڊي او ڏوڪري
۳. برڪت علي چنه_ باڊهه. سپروائيزر ڏوڪري
۴. قلندر بخش سوهو_ سپروائيز ڏوڪري
سائين جا ڪي پرائمري
استاد شاگرد
۱. محمد قاسم سوهو حاجي مشوري
۲. تاج محمد جوڻيجو دڙا
۳. عبدالوهاب جوڻيجو ننڍي وهڻي
۴. مشتاق احمد راڄپر وڏي وهڻي
۵. زين العابدين مسڻ گابر مسڻ
۶. عبدالحميد ساريو گند شريف
۷. مشتاق احمد سرگاڻي صوبدار سرگاڻي
۸. طالب حسين چنه برادي ساريا
۹. سيد دامن علي شاهه عثمان ڪلهوڙو
سائين جا ڪي ڊاڪٽر
شاگرد
۱. ڊاڪٽر مبشر حسين ولد استاد سائين خان ڪولاچي درگاهه باڊهه
۲. ڊاڪٽر عبدالصمد بروهي درگاهه باڊهه
۳. ڊاڪٽر عنايت الله ڪانڌڙو باڊهه
۴. ڊاڪٽر ارشاد علي موريو باڊهه
۵. ڊاڪٽر مينگهراج مل باڊهه
۶. ڊاڪٽر عبدالغفار ڪانڌڙو باڊهه
۷. ڊاڪٽر مڪيش منوجا باڊهه
۸. ڊاڪٽر زاهد حسين لوهر باڊهه
۹. ڊاڪٽر برڪت علي حاجي محمد جمن نوناري باڊهه
۱۰. ڊاڪٽر لڇمڻ داس باڊهه
۱۱. ڊاڪٽر ڪرتار ڏوڏاڻي باڊهه_ لاڙڪاڻو
۱۲. ڊاڪٽر مهيش ڪمار باڊهه_ انڊيا
۱۳. ڊاڪٽر سيد پريل شاهه تقي شاهه باڊهه
۱۴. سيد وزير علي شاهه تقي شاهه باڊهه
۱۵. ڊاڪٽر جئه ڪمار ڏوڪري
۱۶. ڊاڪٽر شاهد حسين ولد قربان علي سنديلو ڏوڪري_سعودي عرب
سائين جا ڪي هاءِ اسڪول
استاد شاگرد
۱. حاڪم علي سومرو باڊهه
۲. ارشاد علي چنه مشهور ڊرائنگ ٽيچر باڊهه
۳. گلزار علي سومرو سائنس ٽيچر باڊهه
۴. عبدالغفار هيسباڻي باڊهه
۵. مظهر حسين سومرو باڊهه
۶. غلام حيدر بروهي باڊهه
۷. غلام نبي ڪولاچي شاعر... باڊهه
۸. مير محمد ڪولاچي سياسي ورڪر_ باڊهه
۹. امجد علي چنه باڊهه
۱۰. علي نواز جوڻيجو باڊهه
۱۱. علي گوهر ڪانڌڙو باڊهه
۱۲. امداد علي ڪانڌڙو باڊهه
۱۳. ظفرالحق ڪانڌڙو باڊهه
۱۴. علي حسن سانگهرو ڳجهڙ ڏوڪري
۱۵. عبدالمعنم چنه ڏوڪري
سائين جو ڪو PIA ۾ شاگرد
۱. شوڪت علي انصاري ٻلهڙجي
سائين جا ڪي زرعي
فارم ڏوڪري تي شاگرد
۱. مرحوم نياز حسين جوڻيجو ڏوڪري
۲. غلام مصطفيٰ نوناري باڊهه
سائين غلام نبيءَ
کي مدينو ڏسڻ جي وڏي اڪير هئي ۽ اهڙا خواب هن کي رٽائرمينٽ کان اڳ ۾ اچڻ لڳا هئا. سندن
دل دانهون ڪندي هئي ته “مولا مدينو ڏيکار پوءِ ڀلي مار.” سندن بخت ڀلو ٿيو جو پاڻ ڀلي
پار تان ڀيرو ڀيري آيا.
سائين غلام نبي
منهنجو هونئن ته استاد رهيو. پر سائين سان گڏ ورلڊ ناليج پبلڪ اسڪول ۾ ڪم ڪرڻ جو
موقعو مليو. جنهن ۾ سائين جي شخصيت کي وڌيڪ سمجهڻ جو به وقت ملي ويو. هي انسان پنهنجي
شخصي جهان ۾ من مگن ۽ حد کان وڌيڪ مڃتا ڏيندڙ هو. سندس سنڌي ۽ انگريزي ڊرافٽنگ وسيع
۽ پڪي هوندي هئي. لفظن جا نوان نوان جهان ڳولهي لکندا هئا. لکڻ بعد جڏهن پڙهبو هو
ته کل جا کٽمٺڙا چوسبا هئا ته اکين نمڪين به ٿينديون هيون. ڪلاس ۾ انتها جي زنده
دلي سان سائين غلام نبي داخل ٿيندو هو. هن جا ٽهڪ آسمان جي اوچاين ۾ اڄ به گونجندا
هوندا. سائين جڏهن به کلندو هو ته ٻارن اسان يا عورت استادن کان ڇرڪ نڪري پوندا هئا
۽ وري کل جي کاڻ ۾ ڪري پوندا هئاسين.
آئون جڏهن هاءِ اسڪول
۾ پڙهندو هوس ته ڪنهن ڪم سانگي ڪلاس کان ٻاهر وڃبو هو ته سائين جي انگريزي پڙهائڻ
جو بلند آواز ڪنن پوندو هو دري کان جهاتي پائي ڏسندو هوس ته سائين غلام نبي نڪ تي
عينڪ رکيو وڏي چاهه سان ٻارن کي سمجهائي رهيو هوندو هو ائين لڳندو هو جيئن ڪو پوڄاري
پوڄا ۾ مگن هجي.
منهنجون ادبي
تخلقيون پڙهي مون کي بي انتها مان ڏيندو هو ۽ اڪثر منهنجون ڪهاڻيون فئير ڪندو هو.
انهن تي ٽيڪا ٽيپڻي ۽ تنقيد به ڪندو پر اهو انداز مهذبانه هوندو جنهن ۾ مون کي ڪڏهن
گهٽتائي محسوس نه ٿي. هن جون نصيحتون ۽ انتظامي حوالي سان صلاحون ڪافي ڪارگر رهنديون
هيون. ٻارن کي تقريرون لکي ڏيڻ ۽ ان لاءِ همٿائڻ ۾ منهنجي مدد ڪرڻ، اسڪول ۾ ننڍا
ننڍا پروگرام ڪرڻ جو زمانو تمام گهڻو يادگار آهي.
سائين جي طنز مزاح
واري حس به ڪمال جي هوندي هئي. جڏهن به اسڪول ۾ استادن جي گڏجاڻي ڪيون. آخر ۾
لطيفو ضرور ٻڌائيندو هو. موڪلائيندي موڪلائيندي کل چرچو ضرور ڪندو هو ۽ پنهنجي الوداع
ائين کلندي مسڪرائيندي ٿيندي هئي. هو اڌ کان وڌيڪ شهر جي اعليٰ تعليم يافته ماڙهن
جو استاد هو. منهنجي خوش نصيبي هئي ته ساڻس ڪم ڪيو. پاڻ جڏهن هاءِ اسڪول ۾ نوڪري ڪندا
هئا ته دڙن کان ڪنهن به حالت ۾ وقت تي اسميبلي ۾ پڄندا هئا. ائين هو پنهنجي ڳوٺ
کان ورلڊ ناليج به سڀن کان اڳ بيٺا هوندا هئا. اها سندن ڪمنٽمينٽ هئي. اسان ورلڊ
ناليج پبلڪ اسڪول جي انتظاميه پاران کيس بهترين استاد جو ايوارڊ به ڏنو هو. جنهن
تي سندس اکين جي چمڪ ۽ آلاڻ ڏسڻ وٽان هئي.
سائين جو وڇوڙو ۳۰ نومبر ۲۰۲۰ع تي رات جو وڳي ٿيو. فيس بوڪ تي هن جي جدائي جي پوسٽ ڏسي سائين جا اهي لفظ
بار بار ذهن تي ترندا رهيا ته “سائين جيڪو مون تي جيڪو اوهان خاڪو لکيو آهي اهو ڪڏهن
ٿا پڙهايو.؟” ۽ اکين مان ٻه لڙڪ ائين ڪري پيا جيئن خزان جي رت ۾ ٽاري تان پن ڪري
پوندا آهن. سائين جڏهن هي جهان ڇڏيو ته سندس عمر ۷۶ سال هئي.
دنيا ۾ هزارين انسان
جنمن ٿا پر ظاهر اهي ئي رهن ٿا جن جو ڪم، ڪردار جوڙي ٿو ۽ اهو ڪردار لازوال آهي.
سوال اهو ناهي ته ڪوئي شخص ڪهڙو ڪم ڪري رهيو آهي. پر سوال اهو آهي ته هو پنهنجو ڪم
ڪنهن انداز ۾ ڪري رهيو آهي. سائين غلام نبي سومري جو ڪم، ڪردار ۽ گفتار عام هوندي به
خاص هئي. جنهن جي انفراديت ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهجي. سائين پنهنجو ڪم هميشه اعليٰ
ظرفي سان ڪيو جنهن تي ڪو سوال نه ٿو ڪري سگهجي پر ان جا جواب ان جا مٿيان شاگرد آهن
جيڪي اڄ هن سماج جا ڪارگر پرزا آهن.
غلام نبي سومري جهڙا استاد اسان جي سماج جو سرمايو آهن. پر اسان وٽ انهن کي اهو رتبو جيئري نه بخشيو وڃي ٿو. جيڪو وڏو الميو آهي. پر سندس امر ڪردار هميشه زندهه رهندو. سائين جا سچائي سان نڀايل فرض جيڪي نتيجا ڏنا آهن اهي سالن تائين سنڌي قوم جي لاءِ لاڀائتا ۽ بي مثال رهندا.
(ھوش محمد ڀٽي جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۲۵ جنوري ۲۰۲۱ع تي رکيل/ کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا