; سنڌي شخصيتون: سيد امير حيدر شاھ

17 January, 2022

سيد امير حيدر شاھ

سيد امير حيدر شاھ

مشھور سياسي سماجي شخصيت جو وڇوڙو

نور سنڌي



مشھور سياسي سماجي شخصيت سيد امير حيدر شاھ ڪجھ وقت بيمار رھڻ بعد ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري اسان کان وڇڙي ان دنيا ۾ ھليو ويو، جتان ڪوبه واپس ناهي وريو. سيد امير حيدر شاھ ڌرتي ماءُ جي ھنج ۾ ابدي آرامي وڃي ٿيو. پاڻ پنھنجي ڪردار، خلقِ خدا جي خدمت ڪرڻ ڪري علائقي جي عوام جي دلين تي راڄ ڪندو ھو. سندس آخري سفر ۾ ۽ سن ۾ سندس وڇايل تعزيتي تڏي تي ايندڙ ماڻھن جون اکيون آليون ھيون، ھر ماڻھو سندس ڳڻ ڳائي رھيو آھي.



سيد امير حيدر شاھ سان پھرين ملاقات ان وقت ٿي جڏھن اڃان نئون صحافي ٿيو ھئس. ڪامريڊ جعفر سھتو ۽ ھالا جي ٻين ڪامريڊن سان گڏجي سائين جي ايم سيد سان ملاقات ڪرڻ وياسين ان وقت پاڻ ڦوھ جوان ھئا. اسان ساڻس ملياسين. ڪامريڊ جعفر سھتو ٻڌايو ته ھي سائين جي ايم سيد جو موڀي فرزند سيد امير حيدر شاھ آھي. ۹۰ع وارين چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ ۽ حلف کڻڻ بعد جيئن سن آيو ته مون مرحوم يعقوب جويو جيڪو سن جو ھو عبرت گروپ ۾ انچارج طور ڪم ڪندو ھو، ان سان گڏ سائين جو انٽرويو ڪيو، جيڪو نيوز جي صورت ۾ روزاني سنڌو ۽ عبرت ۾ ھليو. بعد ۾ تفصيل سان سنڌو ڊائجيسٽ عبرت ميگزين ۾ شايع ٿيو. ان بعد مختلف موقعن تي مختلف ھنڌن تي ملاقاتون ٿينديون ھيون. سندس خيرآفيت معلوم ڪرڻ جو انداز به منفرد ھوندو ھو. ڪو اڻ واقف به ساڻن ملندو ھو ته ان سان به اھڙي پيار پاٻوھ سان ملندا ھئا، جھڙوڪ سالن کان سندن واقفيت ھجي. ٻين کي پنهنجو ڪرڻ جو وٽن وڏو ڏانءُ ھو. ھر ماڻھوءَ سان محبت ڪندا ھئا، ھر ماڻھو اھا دعويٰ ڪندو ھو ته سائين امير حيدر شاھ سڀن کان وڌيڪ مونکي ڀانئي ٿو. اھڙيون خوبيون تمام گھٽ ماڻھن ۾ ھونديون آھن.

سيد امير حيدر شاھ سنڌ جي قومپرست سياستدان سائين جي ايم سيد (غلام مرتضيٰ) جي گھر ۾ ۱۹۳۳ع ۾ سن شهر ۾ پيدا ٿيو. پاڻ سائين جي ايم سيد جو موڀي فرزند ھئڻ ڪري وڏي لاڏ ڪوڏ سان پليو. ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي شهر سن ۾ حاصل ڪئي، ان بعد پنهنجي ننڍي ڀاءُ امداد محمد شاهه سان گڏ ڪجهه عرصو علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي نگرانيءَ ۾ ڪراچيءَ ۾ تعليم حاصل ڪيائون. مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ انگلنڊ ويو. جتي پاڻ ۵۲ع ۾ بزنس ۾ گريجوئيٽ ڪيو، جتان اھڙي سند ملڻَ بعد واپس وطن وريو. هيءُ اهو زمانو هو، جڏهن سندس والد سائين جي ايم سيد، ون يونٽ جي مخالفت سبب جيل ۾ هو. امير حيدر شاهه جي انگلنڊ ۾ اعليٰ تعليم لاءِ وڃڻ سبب سندس ننڍو ڀاءُ سيد امداد محمد شاهه، باوجود خواهش جي، ميڊيڪل ۾ پڙهائي برقرار رکي نه سگهيو ۽ پيءُ ۽ ڀاءُ جي غيرموجودگيءَ ۾ زمينداري سنڀالڻ لڳو.

امير حيدر شاهه پنهنجي حصي جي زمين، جيڪا ڪوٽڙي ۽ سڪرنڊ تعلقن ۾ هئي، سنڀالڻ لڳو ان سان گڏ پاڻ سماجي ڪم به ڪرڻ شروع ڪيا ۽ پاڻ سن ۽ آسپاس جي علائقي جي راڄن تي شفقت جو هٿ رکيو. انھن جي ڏک سک ۾ شامل ٿيڻ کانسواءِ انهن جي راڄوڻي فيصلن ۾ حصو وٺندو رهيو. سن واري علائقي ۾ اسان جا مٽ مائٽ ۽ ڪيترائي ساڃاھ وند دوست رھن ٿا، جيڪي ٻڌائيندا آھن ته سيد امير حيدر شاھ ھڪ شفيق، سچو کرو ۽ غريبن جو ھمدرد آھي. علائقي جي ساڃاھ وندن جو چوڻ آهي ته سيد امير حيدر شاھ فيصلن جو امين آھي، سندس انصاف ڀريا فيصلا سنڌ ۾ َمشھور آھن.

سيد امير حيدر شاهه پنهنجي سياسي ڪردار جي شروعات ۱۹۶۱ع ۾ يونين ڪائونسل سن جو چيئرمين چونڊجي سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. ان دور ۾ يونين ڪائونسل جي بجيٽ موجب ترقياتي ڪم ڪرايا، شھر ۾ روشني جو انتظام ڪيو، صفائي سٺائي ڏانھن خاص توجه ڏني. يونين ڪائونسل جي چيئرمين جي حيثيت سان اھو ڪارنامون سرانجام ڏنو ته چيئرمين ٿيڻ شرطَ پوليس کي گھرائي کين سختيءَ سان ھدايتون ڏنيون ته عوام کي تنگ نه ڪريو، عوام کي ستايو نه، رشوت وٺڻ بند ڪريو. ۱۹۶۵ع ۾ جنرل ايوب خان جي دور ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. ان دور ۾ دادو ضلعي کي سياسي طرح قومي اسيمبليءَ جي فقط هڪ سيٽ مليل هئي. سندس مقابلو سنڌ جي نامياري ۽ باوقار سياستدان رئيس عبدالحميد خان جتوئيءَ سان ٿيو ۽ ان کان سيٽ کٽي ويو. ۹۰ع وارين عام چونڊن ۾ پاڻ آزاد اميدوار طور صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ چونڊيو. هن قومي اسيمبليءَ توڙي سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي حقن، خاص طور پنھنجي تڪ جي حل طلب مسئلن لاءِ آواز اُٿاريو. اڳتي ھلي خبر نه آھي پاڻ سياست سان دلچسپي ڇو گهٽائي ڇڏي. بعد ۾ پنھنجي ڀائٽي ۽ ناٺي سيد جلال محمود شاھ جي صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ حمايت ڪيائين ۽ ورڪ ڪري ۽ پيپلز پارٽيءَ جي مضبوط اميدوار ۽ سنڌ جي اڳوڻي وزيراعليٰ سيد عبدالله شاهه کي سندس تڪ ۾ شڪست ڏيارائي. جلال محمود شاهه کي ڪامياب ڪرايائين، جيڪو اڳتي هلي سنڌ اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر ۽ قائم مقام اسپيڪر ٿيو.

سيد امير حيدر شاهه سياست کان پاسيرو ٿيڻ بعد به علائقي جي راڄ سان رابطي ۾ رھيو. سندن ڏک سک ۾ شامل رھندو آيو. سماجي خدمتون جاري رکيون. ماڻھن جي فيصلن ۽ سماجي ڪمن سان دلچسپي جاري رکي. سندس لاءِ مشھور آھي ته سماجي ڪمن جي سلسلي ۾ مخالفن توڙي پنهنجن سان هڪ جهڙو ورتاءُ ڪندو هو. سنڌ جي اڪثر خاندانن سان پنهنجي والد وانگر سماجي ناتا نه صرف قائم رکندو آيو پر ڪافي وڌايا. سندس والد سائين جي ايم سيد ۽ پنھجي ننڍي فرزند سيد يوسف حيدر شاھ جي لاڏاڻي تي سندس اندر جھڙو اڌ ٿي ويو. انهن جو ذڪر ڪندي سندن نيڻ پاڻيءَ سان ڀرجي ويندا ھئا. ھفتو کن اڳ کين ڪورونا ٿي ته کيس ڪراچيءَ جي ھڪ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي سندس حالت نازڪ ٿي وئي، ائين ۲۰ آگسٽ ۲۰۲۱ع جمع ڏينھن اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۲ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

سيد امير حيدر شاھ

ڪنڌيءَ جي ڪونڌر جي موڪلاڻي

حيدر ملاح

اوهان سن سان نظرياتي ۽ فڪري اختلاف ڪري سگهو ٿا، پر سن جي سڳنڌ ڀري خوبصورت شام کي ڪڏهن به پنهنجي دل تان لاهي نٿا سگهو. سن جنهن جي اوڀر ۾ سنڌو درياءَ آهي ۽ اولھه ۾ رني ڪوٽ وارا ڪارا جبل آهن جتي جڏهن سج سڄي ڏينهن جا ٿڪ ڀڃڻ لاءِ جبلن جي پويان آرام لاءِ ويندو آهي ته رني ڪوٽ جا ڪارا سنگلاخ پهاڙ فطرت جي خوبصورتي کڻي ستن رنگن سان وهنجي ويندا آهن.

سن مٿان اڀرندڙ سج کي ڪڏهن اوهان ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي ڪنڌي جي هن پار قديم ڳوٺ محراب پور ڏانهن ويندي ڏسو ته هوند اوهان کي درياءَ جي لهر تي ڪرندڙ سج جي هر ڪرڻي سان گڏ ٽيگور جي شاعري ترندي محسوس ٿيندي ۽ رني ڪوٽ جي مکيه ڪوٽ ميري ڪوٽ جي ڏاکڻئي برج تان جي اوهان سج جي لهندڙ پھر کي ڏسو ته اوهان جي اندر وري وري رني ڪوٽ تي لهندڙ سج کي ڏسڻ جي خواهش ڪر کڻي بيهندي.

مون سن کي هميشه ڊگهي ڪوڪ ڪندي  ٻڌو  آهي، اهڙي ڪوڪ جيڪا خنجر کان تکي آهي، هتي جي ڪجلي اکين ۾ نه رڳو عشق جا اوجاڳا آهن پر سچ ته سهائي جو سرمو به پيل آهي.

ماضيءَ جو سن مزاحمت جو اهڃاڻ رهيو آهي سن مان جيڪڏهن شاهه حيدر سنائي جي مزاحمتي  ڪردار کي ٻاهر ڪڍي وٺجي ته سن باراني ٺوٺ زمين ۽ خشڪ ماٿرين تي ڦٽندڙ سڻي جهڙي سڪل سن گاهه جهڙو ئي وڃي بچندو.

مهندي جونپري جي ٻيڙن کي ٻوڙيندڙ حيدر شاھه سنائي جو اولاد اڄ به سن جي سخت زمين تي اڀين پيرين بيٺو آهي. توڙي جو هر ماڻهو جي ڪردار ۾ ڪسائي پڪائي ٿيڻ فطري آهي ان هوندي به سيد جو خاندان سن جي ماڻهن مٿان ڇپر ۽ ڇانوَ جيان آهي.

سن جي ماضي ۾ توڙي جي حڪيم صالح ڪانڌڙو، پريو پاساري، ميرل جويو، گائڪ حافظ منڇري، مزاح جي بادشاھن  ملاح ڀائرن وڪيو ملاح ۽ مولو ملاح، ٺارو پليجو، قاضي الهه بچايو ميمڻ، سيد امام بخش شاهه، سيد ستابو شاھه، استاد عبدالواحد ميمڻ، حسن مائي واري جهڙا ڪردار به پيدا ڪيا آهن انهن مان ڪي ته سائين جي نظر بندي جي دور جا نو رتن چئون ته وڌاءُ نه ٿيندو پر سن ۾ اڄ به يونس سنائي، خدابخش جويو، استاد عبدالستار ٺيٻاٺي، وحيد ملاح، سيد ظفر شاهه، قاضي صلاح الدين، علڻ پليجو، اختر ميمڻ، رفيق ڪانڌڙي جهڙا ماڻهو مختلف شعبن ۾ ٻين لاءِ مثال ۽ اتساھه جو سبب آهن.

سائين جي ايم سيد جنهن جو ننڍپڻ ۾ والد قتل ٿي ويو هو ۽ يتيمي جي حالت ۾ پڦين جي نگراني ۾ پروش ۾ نپجي وڏو ٿيو تنهن جي شادي ڇهن سالن جي عمر ۾ ٿي هئي. سائين جي ايم سيد کي ٽن نياڻين زرين تاج، شمع ايمن، ڊاڪٽر درشهوار سان گڏ ٻه پٽ به ڄاوا جن ۾ سيد امير حيدر شاهه ۽ سيد امداد شاھه ڀائر هوندي به  مزاج ۾ به بنھه الڳ هئا.

۱۹۳۳۾  جنم وٺندڙ سيد امير حيدر شاهه جي پروش ۽ تعليم تربيت گهڻي  تڻي  علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ايلسا قاضي جي بورڊنگ اسڪول ۾ ٿي. جتي اڪبر بگٽي به رهندو هو. ان دور ۾ رواج هو ته وڏن گهراڻن جا ٻار زندگي گذارڻ جا اصول سکڻ توڙي پڙهائي جي لاءِ نالي وارن استادن ۽ عالمن وٽ رهندا هئا.نواب اڪبر بگٽي پنهنجي زندگي بابت لکيل هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته اسان کي ڪراچي جي گرامر اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. اسان جي تعليم ۽ تربيت لاءِ علامه آءِ آءِ قاضي کي نگران مقرر ڪيو ويو، منهنجي نمايان ڪلاس فيلوز ۾

۱.سيد امير حيدر شاهه جي ايم سيد جو پٽ

۲.ڄام مراد علي آف ملير

۳.مير سندر خان سندراڻي

۴.سيد عبدالله آف ڪروڙ شريف هئا.

سيد امير حيدر شاهه ننڍپڻ کان ئي مزاجن سخت ۽ ضدي هجڻ ڪري پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري ان تي اٽل رهندو هو. اهڙو اظهار علامه آءِ آءِ قاضي پنهنجي لکيل خطن ۾ سائين جي ايم سيد سان به ڪيو آهي جيڪي خط ڪتاب “ساهڙ جا سينگار” جي نالي سان ڇپيل آهن. صفحي ۱۲۲ کان ۱۲۴ تائين سائين جي ايم سيد ڏانهن لکيل ٽن خطن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي سيد امير حيدر شاهه جي شخصيت بابت تفصيلي لکيو آهي.

۲۷ اپريل ۱۹۴۵ع جي لکيل تفصيلي خط ۾ هڪ هنڌ هيئن لکي ٿو.

“هتي پنجن سالن ۾ مون فقط هڪ ڏينهن تکو ٿي کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهو هن تاريخ جي ۱۰ تاريخ.

ان جو نتيجو اهڙو همٿ افزا ثابت ٿيو جو مونکي يقين آهي ته امير مان ضد ڪڍڻ آسان ٿيندو ۽ توهان بهتر ڄاڻو.

سيد امير حيدر شاھه جي شخصيت کي سمجهڻ لاءِ” ساهڙ جا سينگار” ڪتاب جي صفحي ۱۲۳ ۽ ۱۲۴ تي علامه آءِ آءِ قاضي جي تفصيلي خط منهنجي خيال ۾ ڪافي آهن. جيتوڻيڪ ان کان پوءِ سيد امير حيدر شاھ اعلي تعليم لاءِ لنڊن هليو ويو پر واپس سن اچڻ تي سيد امير حيدر شاهه پنهنجي زمينداري اچي سنڀالي.

سيد امير حيدر شاھه سياست ۾ ۱۹۶۱ع کان حصو ورتو جڏهن پاڻ سن يونين ڪائونسل جو چيئرمين ٿيو. سيد امير حيدر شاهه پهريون ڪم اهو ڪيو جو سن جي پوليس تي پابندي هنيائين ته نه هو سن شهر ۾ ڊريس سان گشت ڪندا نه ئي ڪنهن ماڻهو کي گرفتار ڪندا. ان دور ۾ پوليس جو سڄي تر ۾ وڏو دٻدو هوندو هو هڪڙو سپاهي ڏهن ماڻهن کي اڳيان ڪري پيو ويندو هو. پر سيد امير حيدر شاهه جي ان حڪم کانپوءِ پوليس انتظاميه به اهو ئي ڪيو جيڪو هنن کي چيو ويو. ايتري تائين جو ضياءَ جي حڪومت تائين به سن ۾ پوليس جا قانون نه هلندا  هئا. سن شايد سنڌ جو واحد شهر هو جنهن تي رمضان ۾ به ضيائي مارشلا جو روزا خور  قلم لاڳو نه ٿيندو هو. سڄو سن رمضان جي مهيني ۾ کاڌي پيتي جي هوٽلن، ڪيبنن سميت کليل رهندو هو. اڳتي هلي ۱۹۶۵ع ايوب خان جي دور ۾ رئيس عبدالحميد خان جتوئي کان اليڪشن کٽي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. ان دوران سيد امير حيدر شاهه پنهنجي علائقي ۾ پنهنجي راڄن ڀاڳن کي سنڀالڻ شروع ڪيو ۽ فيصلا ڪرڻ شروع ڪيا. سائين جي ايم سيد جي نظربندي ۽ لکڻ پڙهڻ جي ڪم جي مصروفيت سبب لوڪل سياست کان وٺي راڄن جي فيصلن تائين سيد امير حيدر شاهه اڳڀرو رهيو. فيصلن تي عمل ڪرائڻ ڪو هن کان سکي. هن جون دوستيون دشمنيون چٽيون رهيون ان ڪري سيد امير حيدر شاهه لاءِ سڄي ڪنڌيءَ ۾ مشھور هيو ته سيد امير حيدر جنهن  سان به گڏ بيهندو ان سان آخري دم تائين بيهندو. سندس واسطو تر جي چڱن ماڻهن سان گڏ ڏاميچن سان به رهيو سخت مزاج ۽ ضدي هجڻ ڪري اڪثر چور چڪار ماڻهو سيد امير حيدر شاھ کان ڪن هڻندا هئا.  اليڪشني سياست جا گهر ڪو هن کان سکي. ضلعي دادو جي ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين سيد امير حيدر شاهه جو ئي چونڊجندو هو، جتوئين، جمالين،  پيرن سيدن، ملڪن جي سياسي اثر واري ضلعي ۾ سن جو حمايت يافته ئي ضلعي چيئرمين ٿيندو هو.  ايئن ڪڏهن ڪڏهن نه ٿيڻيون ڳالهيون به ڪري  ويندو هو. سيد جلال محمود شاهه جو سردار  ملڪ اسد سان اتحاد به سيد امير حيدر شاهه جي ذاتي دلچسپي جي ڪري ئي ٿيو هو جنهن سبب اڳتي هلي سيد جلال محمود شاهه سنڌ اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر ٿيو. علائقي جي ماڻهن کي اڃان اهو قصو ڪنهن ناٽڪ رنگ جي ڊرامي جهڙو ٿو لڳي جنهن ۾ شاندار بگي (ٽانگي) ۾ ويهي سردار ملڪ اسد سان گڏ سيد امير حيدر شاهه ڪوٽڙي جي سيشن ڪورٽ ۾ سيد جلال محمود شاهه جو فارم ڀرائڻ پهتو هو. هي ڪا عام ڳالهه نه هئي ملڪ اسد سڪندر، ان سردار ملڪ سڪندر جو پٽ هو. جنهن سائين جي ايم کي اليڪشن ۾ شڪست ڏني هئي.

۱۹۸۵ع غير جماعتي اليڪشن جو اعلان ٿيو اهو جنرل ضياءَ جو دور هو پ پ  اليڪشن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو پر سيد عبدالله شاهه آزاد اميدوار طور اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو. مقابلي ۾ سيد ڪوڙل شاهه بيٺو جنهن سائين جي ايم سيد کان مدد ورتي ۽ سيد امير حيدر شاهه جي حمايت لاءِ به عرض ڪيو پر سيد امير حيدر شاھه ان وقت ڪوڙل شاھه سان ڪاوڙيل هو. ان اليڪشن ۾ سائين جي ايم سيد  ڪوڙل شاهه جي مدد لاءِ سيد امير حيدر شاهه کي چيو پر پاڻ اهو چئي انڪار ڪيائين ته مان ايڏو دل جو وڏو ناهيان جو ڪوڙل شاهه کي معاف ڪري مدد ڪريان.  سائين جي ايم سيد ڪوڙل شاهه جي ورڪ لاءِ مانجهند به آيو ته اليڪشني وڏيرا جيڪي سيد امير حيدر شاهه جي اثر رسوخ ۾ هئا سي جلسي ڪرڻ لاءِ ڪا اوطاق يا بنگلو ڏيڻ جي لاءِ تيار نه هئا نيٺ اسان ڪجهه دوست رئيس اڪرم ڪاڇي کان بنگلو وٺي سائين جي ايم سيد ۽ ڪوڙل شاهه جو جلسو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين ان پروگرام جي ڪمپئرنگ مون ڪئي. ڪوڙل شاهه کي مون پهرين دفعو تقرير ڪندي ٻڌو جنهن کي سنڌ جي قومي مسئلن بابت بنھه ڄاڻ نه هئي اسان جي لکيل جلسي جي بينرن تان مطالبا پڙهندو ۽ بيان ڪندو رهيو ان وقت ڪالاباغ ڊيم، پنوعاقل ڇانوڻي، بھارين جي آبادڪاري سنڌ جي سياست جا اهم اشو هئا.

سائين جي ايم سيد جي اليڪشني ورڪ باوجود سيد ڪوڙل شاهه اليڪشن هارائي ويو ۽ سيد امير حيدر شاهه جي مدد سان عبدالله شاهه سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ٿي ويو.

سيد امير حيدر شاهه پنهنجي علائقي جي ڪنڌي جو اهڙو ڪنڌار هو جنهن جي ڪري عام ماڻهن کي پڪ هوندي هئي ته ڏکئي وقت ۾  اسان جي مدد ٿيندي. ھو صوفي پيءُ جو شيعو پٽ هو پر فرقي ۾ شدت پسند نه هو.  ڪجهه ڪجهه موقعن تي سخت ڪاوڙ به ڪندو هو پر وقت سان گڏ نرم ٿي ويندو هو اسان جي سن جي  هڪ ڪامريڊ  دوست غلام قادر ڇڇر تي سن ۾ سيد امير حيدر شاهه پمفليٽ ورهائڻ جي ڪري ڪجهه ماڻهن جي چوڻ تي اچي ڪاوڙيو ۽ کيس مانجهند ۾ لاڪپ ڪرايائين، اسان ڪجهه دوستن صلاح ڪئي ته سيد امير حيدر شاهه ست محرم تي مانجهند ۾ مجلس ٻڌڻ ايندو اتي امام بارگاهه ۾ کيس ڪامريڊ جي آزاديءَ لاءِ گڏجي چونداسين. مجلس ختم ٿي ذاڪر دعا گهري بس ڪئي ته اسان دوست سيد امير حيدر شاھ سان  ملياسين. پهرين ته حيرت مان اسان کي ڏسندو ۽ ٻڌندو رهيو آخر ۾ رڳو ايترو چيائين ته اوهان جي ڪامريڊ کي مجال ڪيئن ٿي جو پمفليٽ ورهايو اٿس. مان ان کي قطعي نه ڇڏيندس. بهرحال ڪجهه ڏينهن جي وقفي کان اسان وارو ڪامريڊ ته ڇٽي ويو پر سيد امير حيدر شاهه جون ان ڏينهن ڪاوڙ ۾ ٿيل ڳاڙهين اکين جا دوست اڪثر ذڪر پيا ڪندا هئا. ڪيترن ئي گڏيل اليڪشني  جلسن ۾ مون جڏهن به سيد امير حيدر شاهه جي اڳيان سخت لفظن سان تقريرون ڪيون هونديون ته اڪثر مونکي دوست چوندا هئا ته سيد امير حيدر شاهه جي ڪاوڙ کان نٿو ڊڄين پر سچ اهو هو ته سيد امير حيدر شاھ جتي به ملندو يا ڪچهري ۾ مخاطب ٿيندو هو ته نالي ڀائي چئي محبت سان مخاطب ٿيندو هو. سيد امير حيدر شاهه ڪڏهن به سائين جي ايم سيد جي سياست جي وارثي جي دعويٰ نه ڪئي. اهو سندس وڏ ماڻهپو هو جو هن پڳدار پٽ هجڻ باوجود ڪنهن به قومي ڪارڪن جي سياسي پورهئي تي راتاهو نه هنيو. سيد امير حيدر شاهه واضح چيو ته سائين جي ايم سيد جا وارث اهي آهن جن سائين جي فڪر جي ڪاميابي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. سچ ته سيد امير حيدر شاهه پنهنجي جواني کان وٺي پيري تائين هن ڪنڌي جو اهڙو ڪنڌار هو جنهن کي نه دشمنن مان ڊپ هوندو هو نه ئي سڄڻن کان هو ڪڏهن لاتعلق رهيو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۶ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا