; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر شڪيل احمد قريشي - اعظم ڀٽي

02 January, 2022

ڊاڪٽر شڪيل احمد قريشي - اعظم ڀٽي

ڊاڪٽر شڪيل احمد قريشي

مسرتن جهڙي ميراث - ۲ جنوري / جنم ڏڻ مبارڪ

اعظم ڀٽي



هو ورهاڱي جي پندرهين سال پيدا ٿيو هو. سندس والد هند مان ورهاڱي جا وڍ کڻي اچي، سنڌ ۾ سڪونت پذير ٿيو هو. سندس والدين جي هجرت جي ڪهاڻي به ڏاڍي عجيب ۽ ددناڪ  آهي. جيڪا ڪهاڻي سندس زباني ٻڌڻ سان لڙڪ لارون بڻجي وهي ٿا پون. ان عجيب ڪهاڻي جي باوجود هن پنهنجي وجود کي سنڌ جي مٽيءَ ۾ پيوست ڪري ڇڏيو. سنڌ جي ڳوهيل مٽيءَ وري سندس وجود کي باوجود ٻالڪپڻي جي تڪليفن جي هڪ محنتي، خوددار، جاکوڙي ۽ سنڌ ڌرتيءَ سان محبت ڪندڙ ڪردار بڻائي ڇڏيو. اهو ئي ڪڏهن به نه وسري سگهندڙ ڪردار منهنجي محسن، شفقت، پيار ۽ محبت جي جذبي سان سرشار ڊاڪٽر شڪيل احمد قريشي جو آهي.


ڊاڪٽر شڪيل احمد قريشي جي والد جو نالو ننهي خان قريشي آهي. سندس جنم ۲ جنوري ۱۹۶۲ع تي ٽنڊو محمد خان شهر ۾ ٿيو. پرائمري تعليم ملت پرائمري اسڪول ٽنڊو محمد خان، مڊل جي تعليم جديد مڊل اسڪول ٽنڊو محمد خان  مان حاصل ڪري، ۱۹۷۸ع ۾ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. سال ۱۹۸۱ع ۾ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان مان انٽر سائنس پاس ڪري، ڪجهه عرصو پنهنجي خوابن جي ساڀيان ۽ شاندار مستقبل جي تعمير لاءِ محنت ۽ مزدوري ڪري، ۱۹۸۹ع ۾ ايل ايم سي ڄامشورو مان ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪيائين. ان دوران ۱۹۸۸ع ۾ سريلنڪا يونيورسٽي مان الٽرا سائونڊ ۾ ڊپلوما ڪري آيو.

سال ۱۹۹۰ع ۾ بقائي يونيورسٽي اسپتال ڪراچي ۾ ميڊيسن ۽ سرجري جي شعبي ۾ سينيئر آر ايم او مقرر ٿيو. جتان تجربي جي هڪ وڏي کاڻ حاصل ڪيائين. ان تجربي جي کاڻ مان مليل موتين کي محنت جي پاڻي سان اجاري ۱۹۹۳ع ۾ صحت کاتي ۾ ميڊيڪل آفيسر طور ڀرتي ٿيو ۽ ڪراچي ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. خواهشن جو جهان چٽو ڪرڻ واري سوچ سميٽڻ سميت  سرڪاري نوڪري وارين بدلين جو ڏاج ماڻي مانجهند، ملاڪاتيار، سعيدپور، تعلقه اسپتال ٽنڊو محمد خان، بعد ۾ ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ٽنڊو محمد خان ۾ ميڊيڪل آفيسر طور انتهائي سچائيءَ ۽ ايمانداري سان فرائض سرانجام ڏنائين. هميشه سندس خواهش پنهنجي شهر ۽ شهر واسين جي خدمت واري جذبي سان ڀرپور رهي، سو  ارڙهين گريڊ ۾ ترقي ماڻي سينيئر ميڊيڪل آفيسر طور ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ٽنڊو محمد خان ۾ مقرر ٿيو، بعد ۾ ڊپٽي ڊسٽرڪٽ آفيسر ۽ تعلقه هيلٿ آفيسر جي عهدن تي ترقي ماڻي اوڻويهين گريڊ ۾ آفيسر مقرر ٿيو. بلڪل تازو ئي تعلقه هيلٿ آفيسر طور صحت کاتي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي، سرڪاري ملازمت تان حياتيءَ جا ۶۰ سال پورا ڪري، ريٽائرمينٽ ورتي اٿس. سماجي خدمت، علم، ادب، ثقافت، سياحت، موسيقي، تاريخ ۽ قديم آثارن سان بيپناهه چاهه رهيو اٿس.

سال ۱۹۸۸ع ۾ اردو زبان ۾ شاعري جي شروعات ڪيائين. شاعريءَ سان گڏوگڏ گلوڪاري به  بهترين ڪندو آهي. سندس آواز ۾ وڏو سوز سمايل آهي. پيشي جي لحاظ کان سماجي خدمت جو جذبو رکندي ۲۰۰۰ع ۾ ٽنڊو محمد خان جي ساٽي پاڙي ۾ مهراڻ ميڊيڪيئر سينٽر جو قيام عمل ۾ آندائين، جنهن جو افتتاح بقائي يونيورسٽي جي چانسلر فريدالدين بقائي ڪيو هو. سال ۲۰۰۲ع ۾ ان ئي ساڳي ئي پاڙي ۾ پنهنجي ميڊيڪل سينٽر جي بلڪل ڀرسان ”ٽائيم ۲۰۱۰“ جي نالي سان ميڊيڪل اسٽور جو بنياد رکيائين، جنهن جو افتتاح پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف ڪيو هو. سال ۲۰۱۲ع ۾ وري ان سينٽر واري جاءِ تي ئي طبا ڊائگنوسٽڪ ميڊيڪل سينٽر قائم ڪيائين. جتي ويهي هن غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي دردن کي عبادت جهڙا سيبا ڏنا.

سير و تفريح سان خاص دلچسپي دلچسپي سبب آمريڪا، سريلنڪا، سنگاپور، ٿائلينڊ، ملائيشيا سميت ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن کي مشاهدي جي اک سان ڏسي آيو. هردلعزيز شخصيت هئڻ سان گڏوگڏ هميشه سندس دلي خواهش رهي آهي ته پاڻ ٽنڊو محمد خان جي عوام جي خدمت ڪندو رهي، ڊاڪٽر شڪيل احمد قريشي ٽنڊو محمد خان ۾ سماجي، علمي، ادبي خدمتن ۽ صحت جي شعبي ۾ بيمثال جاکوڙ ڪندڙ محنتي شخص رهيو آهي. صحت جي سهولتن سان لاڳاپيل ذميوارين جي حوالي سان پوليو مهم، ٽائيفائيڊ جي مهم، اي پي آءِ، ڪرونا جي وبا سميت مختلف ويڪسينس جا پروگرام هجن، ٻوڏون هجن، برساتون هجن، زلزلا هجن يا ٻيون قدرتي آفتون هجن، مسيحائي پيشي جي لحاظ کان ڏينهن هجي يا رات هجي، هو هميشه سچائي، ايمانداري ۽  فرض شناسي سان شهر جي ماڻهن، مسڪينن، غريبن، اٻوجهن لاء هر وقت مسيحا بڻجي مستقل مزاجي سان بيٺل رهيو آهي.

ڊاڪٽر شڪيل قريشي شاندار خدمتن جي بدولت نه رڳو جاکوڙي شخصيت آهي پر مقامي ماڻهن جي صحت جي حوالي سان لاڳو مسئلن ۽ مشڪلاتن کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ جي ڀرپور سگهه ۽ صلاحيت رکي ٿو. پنهنجي تعليم جا مرحلا وڏين مشڪلاتن سان حل ڪرڻ واري قوت سبب هن پنهنجي اولاد کي پڻ تعليم جي بهترين زيور سان آراسته ڪيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ سندس فرزند بلال قريشي چارٽرڊ اڪائونٽ جي ڊگري ماڻي. سندس نياڻي عريشه شڪيل مقدس مسيحائي پيشي واري منزل ماڻي. سندس ٻي نياڻي اريبه شڪيل، ڪراچي جي اين اي ڊي يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي مان مئنيجمينٽ سائنسز ۾ فرسٽ پوزيشن ماڻي، گولڊ ميڊل حاصل ڪري، پنهنجي خاندان ۽ ٽنڊي محمد خان شهر جو نالو روشن ڪيو. توڙي جو ۵ جنوري ۲۰۱۹ع تي سندس والده جي وڇوڙي، سندس جيءُ جهوري وڌو. پر ان وڇوڙي کي سهپ، برداشت ۽ جوانمردي سان قبول ڪندي هن زندگيءَ جي راهه تان ڪنڊا هٽائڻ لاء وڏي بهادري سان مقابلو ڪيو آهي. ان حوالي سان کيس ڪيترين ئي تڪليفن، مشڪلاتن ۽ ذهني پريشانين جو شڪار به ٿيڻو پيو آهي. ڪرونا جي عالمي وبا واري صورتحال ۾ هن ڪرونا خلاف  جهاد وارو بيمثال ڪردار ادا ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو هو ان مرض جي پاداش ۾ هو ڪيترا ئي مهينا انتهائي ڪرب واري ڪيفيت مان گذريو. ان وقت به هو پنهنجي گهر جي ڪمري تائين محدود رهندي به زندگيءَ سان پيار جا ترانا جهونگارڻ جي جستجو کي ترڪ ڪري نه سگهيو هو. سندس ان ئي جذبي، سندس وجود سان چهٽي پيل ڪرونا جي مرض کي شڪست ڏئي، زندگيءَ ۽ موت جي ڪشمش واري حالت مان پار پئي زندگيءَ جي تراني کي بلند مقام ارپي ڇڏيو هو.

هو زندگيءَ سان ڀرپور محبت ڪرڻ به ڄاڻي ٿو ته اهڙي محبت ڪري ڏيکارڻ ۽ سيکارڻ وارا سڀ گر به ڄاڻي ٿو. ان پيار واري انداز ئي کيس هڪ بهترين رضاڪار، مددگار، ٻين ڪاڻ جيئڻ ۽ مسيحائي وارين خوبين ۽ خصوصيتن سان نوازيو آهي. سندس سماجي خدمتن جو تاني پيٽو به وسيع رهيو آهي. پر هن ڪڏهن به ان جي نمائش واري خواهش کي ويجهو اچڻ نه ڏنو آهي. حقيقي مسيحا واري ڪردار طور هو هميشه اتساهيندڙ ۽ جاکوڙيندڙ شخص جيان اڄ به اها خواهش سيني ۾ سانڍيو ويٺو آهي ته سرڪاري ملازمت تان ريٽائرمينٽ بعد مسڪين، غريب ۽ بي سهارا ماڻهن لاء هڪ اهڙو ٽرسٽ قائم ڪري، جيڪو تاريخي سماجي خدمتن سميت سندس ڪردار، حيات ۽ شخصيت جي بقا جو معياري ۽ ضامن ادارو هجي. شال خواهشن جي تڪميل ۽ ٻاجهه جي مالڪ کي سندس اهو سندر جذبو ۽ خواهش قبول پوي ۽ هو ان جذبي جو عملي نمونو پسي سگهي.

اڄ سندس جنم ڏڻ آهي. دل، دماغ ۽ اکين ۾ سمايل سمورو پيار ارپيندي کيس سندس جنم ڏڻ جون مبارڪون ڏيندي ان لمحي کي به مسرتن جهڙي ميراث سمجهان ٿو. شال سندس خوابن کي ڪا لاڀائتي تعبير نصيب ٿئي جيڪا اجتماعي عوامي ڀلائي جو سبب بڻجي سگهي !

 

(اعظم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان، جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۲ جنوري ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا