; سنڌي شخصيتون: پارومل پريمي

26 January, 2022

پارومل پريمي

پارومل پريمي

علمي، ادبي ۽ سماجي دنيا جو سنگم

رياض عمراڻي



پارومل پريمي ميرپورخاص شهر جو ناليوارو اديب، سماج سڌارڪ ۽ احساس رکندڙ، دوستن جو دوست آهي. ميرپورخاص جي علمي، ادبي ۽ سماجي حلقن ۾ سندس ڪيترو قدر ٿيو آهي، اُها ته کيس خبر هوندي. اڄ جي سماج ۾ غريب گهراڻي جي ڏات ڌڻيءَ کي ڪيتري قدر ياد رکيو ٿو وڃي، اهو هر هڪ سمجهي سگهي ٿو.


پارومل پريمي جو جنم ضلعي سانگهڙ جي ڳوٺ ٻيراڻي ۾ ۲۱ جنوري ۱۹۷۱ع ڌاري مکي رام ڪشن لوهاڻي جي گهر ۾ ٿيو. هن سال ۱۹۸۶ع ۾ ٻيراڻي هاءِ اسڪول ۾ مئٽرڪ ڪئي. سال ۱۹۸۸ع ۾ نيو علي ڳڙهه ڪاليج مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو.

پارومل پريمي وسيلا گهٽ هوندي به ڪڏهن گهر جي ڪرائي، ڪڏهن پنهنجي بيماري جي علاج، ڪڏهن سئي گئس، بجلي جي بل، ڪڏهن پنهنجي ٻارڙن جي في ۾ ٻڏو پيو هوندو آهي. پاڻ نجي ڪچهرين ۾ اهڙا سور مون غريب دوست سان سليندو رهندو آهي. مون ڏٺو آهي پاڻ اوڌر سوڌر وٺي به سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پروگرامن توڙي مرڻي پرڻي تي ضرور پهچندو آهي. سندس جيون حياتيءَ جا ڏک ۽ سور هڪڙي پاسي، تنهن هوندي به پاڻ هر وقت ڪپڙي گندي ۾ تيار، چهري تي ڏاڙهي، مڇون پوٺو، چهري ۾ ائين محسوس ڪرائيندو آهي، ڄڻ بيوٽي پارلر تان هاڻي اُٿي آيو هجي. سندس وڏي نشاني مون وانگر هٿ ۾ ڊائري ضرور هوندي اٿس، ڪنهن به اديب، شاعر، فنڪار ۽ صحافي جي خوشي يا ڏک جي گهڙي هجي پاڻ واٽس اپ ۽ فيس بڪ تي سنڌ جي مختلف دوستن کي موڪلي سندن خوشنودي حاصل ڪندو رهندو آهي. اهڙي طرح مختلف موضوعن تي مضمون لکي ذاتي خرچ تي پوسٽ ۽ مختلف اخبارن توڙي رسالن ۾ اي ميل ۽ واٽس اپ ذريعي موڪليندو رهندو آهي. هو، شاهه لطيف فائونڊيشن هجي، يا ڀٽائي آرٽس ڪائونسل ۽ سنڌي ادبي سنگت سميت پنهنجي لوهاڻا برادريءَ جي تنظيمن جي ڪمن ڪارين کان به دوستن کي وقت بوقت آگاهه ڪندو رهندو آهي.

پارومل پريمي سان سال ۲۰۱۷ ۾ ٽنڊو الهيار ۾ آواز ادب فورم جي پاران سالگرهه تقريب رکي هئي، جنهن ۾ ٽي وي آرٽسٽ محمد رفيق عيساڻي، عاشق هالائي، ايم بچل ميمڻ، قائم سولنگي، موسيٰ جروار، پروفيسر مٺل جسڪاڻي ۽ ٻيا ڪيترائي دوست شريڪ ٿيا هئا، جن کيس محبت ڀري ڀيٽا ڏني هئي. جڏهن ته سال ۲۰۲۱ ۾ ٽنڊوالهيار جيمخانه ۾ سندس تفصيلي انٽرويو تي ٻڌل پهرئين ادبي ڪتاب “پريمي جون پچارون” جي پڻ مهورت ڪرائي ويئي. سندس ساڳئي ڪتاب جي سنڌي ادبي سنگت ميرپورخاص شاخ پاران پريس ڪلب ميرپورخاص ۾ پڻ مهورت ڪئي ويئي، جنهن جي صدارت خوبصورت شاعر ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي ڪئي، جڏهن ته مهمان خاص ناليوارو اداڪار ۽ ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڌ جو مرڪزي صدر رفيق عيساڻي هو.

پارومل پريمي ڏسڻ ۾ ته تازو توانو ۽ آسودو ٿو لڳي پر هڪ وڏي بيماري فائبروسس (Fibrosis) ۾ مبتلا آهي. کيس کائڻ پيئڻ ۾ تمام گهڻي تڪليف رهندي آهي، هو مختلف دورن ۾ وس وارن کي اپيل ڪندو رهيو آهي پر اڃان تائين سندس واهر نه ٿي سگهي آهي. پ پ پ ڪلچرل ونگ سنڌ جي اڳوڻي صدر ۽ صوبائي صلاحڪار سرفراز راڄڙ سنڌ ثقافت کاتي مان سال ۲۰۱۴ ۾ ڀٽائي ڪلچرل هال ميرپورخاص ۾ سندس ۴۳ هين سالگرهه جي موقعي تي کيس هڪ لک روپيه وٺي ڏنا هئا، پر علاج تي گهڻي خرچ جي ڪري سندس علاج اڃان نه ٿي سگهيو آهي. تنهن هوندي به پارومل پريمي اڳي کان اڳرو آهي، سندس حوصلا هماليه جبل کان به وڌيڪ مضبوط آهن. سندس ۳۰۰ صفحن تي مشتمل هڪ وڏو ڪتاب “آتم ڪٿا” پڻ ڇپائي جي مرحلي ۾ آهي، جنهن تي تقريبن ڏيڍ لک روپيا خرچ ايندو ۽ ڪاغذ مهانگو هئڻ توڙي مهانگائيءَ واري هن پُرآشوب ۽ نفسانفسي واري دور ۾ وٽس ايترا پئسا نه هئڻ ڪري اڃان تائين اهو ڪتاب ڇپرائي نه سگھيو آهي ۽ التوا جو شڪار بڻيل آهي.

منهنجي خيال ۾ پارومل پريمي علمي ۽ ادبي حوالي سان امير ترين شخص آهي. ان ڪري سندس تمام گهڻا دوست آهن ۽ سوشل ميڊيا فيس بڪ جي ذريعي کيس دنيا ۾ سڃاتو وڃي ٿو. مان دعاگو آهيان ته رب پاڪ کيس زندگيءَ جون سوين بهارون ڏسڻ نصيب ڪري.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۱ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا