; سنڌي شخصيتون: نواز محمد انصاري

26 January, 2022

نواز محمد انصاري

نواز محمد انصاري

لاڙ جي مشهور ڍولڪ جو وڇوڙو

عبدالمجيد ملاح



لاڙ جو مشهور ڍولڪ نواز استاد محمد انصاري هن فاني جهان مان ۱۹ جنوري ۲۰۲۲ اربع جي ڏينهن هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم کي اباڻي قبرستان شاهه قادري ۾ سوين آلين اکين سان دفنايو ويو. مرحوم استاد محمد انصاري موجوده وقت جو نالي واري موسيقار استاد فنڪار غلام قادر راهيءَ جو والد هو. مرحوم استاد محمد انصاري نالي وارن فنڪارن عابده پروين، استاد محمد جمن، استاد مٺو ڪڇيءَ، سميت وڏن فنڪارن سان ڍولڪ تي سنگت ڪري چڪو هو. مرحوم پنهنجي زندگي غربت ۾ گذاريندي فن کي ارپي ڇڏي، هن ڪيترائي ڍولڪ جا شاگرد پيدا ڪيا جن پڻ ڪافي نالو ڪمايو، استاد محمد انصاري لاڙ ۾ وڏو نالو هو.


هن پنهنجي استاد مٺو ڪڇي جي ڀاءَ هاشم هٿڙيو کان ڍولڪ سکي، استاد مٺو ڪڇي جو ڀاءَ هاشم ڪڇي کي هاشم هٿڙيو ريڊيو پاڪستان تي سيد صالح محمد شاهه عرف ڏاڏا فتح خان لقب ڏنو هو. استاد محمد غربت سبب ڪافي عرصو بيمار رهيو، ليڪن ان جي سهائتا ٿي نه سگهي، غربت سبب اهڙا سدا بهار ۽ لاکيڻا فن جا ماهر جن سدائين فن جي آبياري ڪندي زندگي گذاري ڇڏي. ليڪن پنهنجي غربت واري زندگي سبب پڇاڙي ۾ جهڙي ريت فنڪار پنهنجي سڄي موڙي ان فن جي آبياري صرف ڪن ٿا، ليڪن سنڌ جي ثقافت کاتي طرفان اهڙا فنڪار سالياني وظيفي کان پڻ محروم رهجو وڃن.

استاد محمد انصاري هر ڪنهن سان نياز ۽ نوڙت سان پيش ايندي ڪنهن سان به کارو ڪونه ڳالهايو. ليڪن اهڙن ماڻهن جي قدر داني نه ٿيڻ سبب پنهنجا پساهه پورا ڪري هن دنيا کان روانا ٿيو وڃن. استاد محمد انصاري سنڌ جي سمورن وڏي نالي وارن فنڪارن سان ڍولڪ وڄائي پنهنجو وڏو نالو ڪمايو. ليڪن اڄ هو اسان وٽ موجود ناهي، ليڪن سندس فن جي قدرداني تاحيات ماڻهن کي ياد رهندي.

ڍولڪ نواز استاد محمد انصاري جو پونئرن جي مالي سهائتا ڪئي وڃي. مرحوم جي وفات تي تعزيتي سلسلو سندس فرزند غلام قادر راهي سان جاري آهي.

اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،

آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،

جي جيءَ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا. (شاهه)

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۱ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا