; سنڌي شخصيتون: حاجي امام بخش خادم بدوي

26 January, 2022

حاجي امام بخش خادم بدوي

حاجي امام بخش خادم بدوي

حسيب نقش ناياب منگي



سنڌي ادب جي واڌاري ۽ بهتري لاءِ جن املهه شخصيتن پاڻ ملهايو تن ۾ حاجي امام بخش “خادم” بدوي جو شمار به ٿئي ٿو. انگريزن جي دور ۾ گهڻا ئي ادبي ڪردار هيرن جيان چمڪيا ۽ پنهنجي جوت سان ساهت کي اهڙي ته روشني ڏئي ويا جو اڄ تائين سندن پورهيو عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. امام بخش “خادم” بدوي سنڌي ادب اندر ڊرامي، قصي ۽ شاعري ۾ لازوال خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.


حاجي امام بخش “خادم” بدوي محمد بچل بدوي جو پٽ هو. سندس جنم ۱۸۶۱ع ۾ ٿيو. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو “سنڌي ادب جو تاريخي جائزو” ۾ خيال آهي ته امام بخش خادم بدوي ۱۸۵۸ع ۾ ڄائو آهي”

امام بخش “خادم” ننڍڙو ئي هو ته سندس والده وفات ڪري وئي ۽ هن ٻالڪ جي پرورش ۽ پالنا ناناڻن جي نظر هيٺ ٿي. پڙهڻ لائق ٿيو ته ديني تعليم سان گڏ ورنيڪيولر اسڪول نمبر پهرين ۾ داخل ڪرايو ويس جتي آخوند قمر الدين صديقي جهڙي ڏاهي ۽ ماهر تعليم استاد جي نگراني ۾ پڙهيو.

گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ پرائمري پاس ڪرڻ کانپوءِ داخل ٿيو ته گهڻي غور ۽ فڪر توڙي ڌيان سان علم پرائڻ لڳو. ٽي سال پڙهڻ کانپوءِ استاد بڻجڻ لاءِ تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ويو مسلسل محنت ڪرڻ کانپوءِ ۱۸۷۹ع ۾ پاس ٿي منزل ماڻي حيدرآباد ۾ ئي پرائمري استاد مقرر ٿيو.

پرائمري استاد جي حيثيت سان حيدرآباد هجي، ڪشمور هجي، شڪارپور هجي يا اوٻاوڙو ۾ رهي ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان مستقبل جي معمارن کي علمي زيور سان نوازيندو رهيو. تعليم کاتي مان امام بخش “خادم” بدوي ۱۹۱۲ع ۾ رٽائرڊ ٿيو.

متقي، پرهيزگار، مخلص، سادو ۽ سچو امام بخش بدوي جڏهن حيدرآباد ۾ ٽريننگ حاصل ڪرڻ جو ويو ته استاد سان گڏ خليفي محمد قاسم هالائي، سيد فاضل شاه ۽ فضل محمد “ماتم” جي صحبت جو اهڙي رنگ لڳي ويس جو شعر چوڻ لڳو ۽ شاعر به ٿي ويو. “خادم” کي علم عروض جي بندش کان واقف ڪرائڻ ۾ خليفي محمد قاسم هالائي جي محنت ٿيل آهي.

“خادم” جي شاعري ان دور جي نه صرف رسالن ۽ اخبارن ۾ اشاعت هيٺ آئي پر سندس شاعري توڙي قصن جا ڪتاب به ڇپجي پڌرا ٿيا. اهڙي ريت مشاعرن ۾ به “خادم” جي شرڪت ٿيندي رهندي هئي. جتي هو پنهنجا شعر پيش ڪندو رهندو هو. تن ڏينهن ۾ نثر کان وڌيڪ نظم ۾ تخليقي سفر کي جاري رکندي امام بخش “خادم” روايتن جي پاسداري ڪئي ۽ نثر ۾ لکي يا ترجمو ڪري هن خوب داد حاصل ڪيو.

“هير رانجهو” ڊرامي کان علاوه “حاتم طائي”، “چار درويش”، “الف ليلي” ۽ “بهرام گور” اهي مشهور قصا آهن جيڪي امام بخش “خادم” ترجمو ڪيا ۽ ان دور کان اڄ تائين ڇپجي رهيا آهن. سندس محنت اڄ به ماڻهن وٽ مقبول آهي. اهي قصا پڙهڻ ۽ انهن مان سبق حاصل ڪرڻ جو سلسلو اڄ به جاري آهي. سنڌ جا مختلف اشاعتي ادارا سندس اهي ڪتاب الائجي ڪيترا ڀيرا ڇپائي وري پيا شايع ڪن. ان کان علاوه امام بخش “خادم” جي بين تصنيفن ۾ “دودو چنيسر” ۽ “نانگ وارو معجزو” نظم ۾ جڏهن ته “فرهنگ طب”، “دو وايو”، “انشاي خادمي” ۽ “فوائد المبتدي” به ڇپيون پر هاڻي بلڪل ناياب آهن. اهڙي ريت سندس ڪليات سنڌي ادبي بورڊ طرفان پهريون ڀيرو ۱۹۵۸ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جي ترتيب امام بخش “خادم” جي لائق فرزند پروفيسر لطف الله بدوي ڏني آهي. تنهن ڪليات جو ٻيو ڇاپو ۲۰۰۶ع ۾ شايع ٿيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب “ڪافيون جلد ٻيو” ۾ امام بخش “خادم” جون اهي ڪافيون به شامل ڪيون آهن جيڪي “ڪليات خادم” ۾ نه آهن. مطلب ته پنهنجي دور جي هن ڪوي جون ڪي ٻيون به ڪويتائون اهڙيون هونديون جيڪي ڪليات ۾ شامل ٿيڻ کان رهجي ويون هونديون.

حاجي امام بخش “خادم” بدوي بنيادي طور تي نعت ۽ غزل جو شاعر آهي. مگر سندس ڪافيون به وڻندڙ آهن. اهڙي طرح هن بيت به لکيا آهن. جن ۾ سنڌ جي عشقيه داستانن جو عڪس گهرو ۽ بهترين انداز ۾ بيان ٿيل نظر اچي ٿو. سسئيءَ جي سورن جون صدائون ۽ مارئيءَ جي مظلوميت نهايت ئي جامع ۽ وڻندڙ بيان ڪيل ٿي ڏسجي. امام بخش “خادم” جي ڪلام جي گهڻائي نعتيه آهي.

يا مصطفيٰ ڪو فضل ڪر، توتي صلواتون سلام،

سڀ کان آهين تون سروسر، توتي صلواتون سلام.

هي آسمان توڙي زمين، روشن ڪيا تنهنجي جبين،

توکان خجل حور ۽ قمر، توتي صلواتون سلام.

سڀ انبيا ۽ اوليا، توکان ڪرامت باب ٿيا،

سچ تون اتم آهين اپر، توتي صلواتون سلام.

ياسين و طاها شان ۾، آيو آهي فرقان ۾،

ساراهه تنهنجي سربسر، توتي صلواتون سلام

شيخ عبدالزاق راز “سنڌي غزل جو تجزيو” ۾ لکي ٿو ته “خادم جي غزل جو حقيقي محرڪ عشق رسول آهي. هن پنهنجي محبت جون گوناگون ڪيفيتون بيان ڪري معاشري کي صحيح طرف مائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. . . . خادم سنڌي غزل ۾ عشق رسول جي موضوع کي نئين پيرايي ۾ بيان ڪيو آهي. . . . خادم جي ڪلام مان محبت، عشق، نيازمندي، قرباني ۽ ايثار جون جهلڪيون ظاهر آهن”. (ص ۹۹ ۽ ۱۰۰)

پروفيسر لطف الله بدوي، حاجي امام بخش “خادم” بدوي جي شاعري کي مختلف رخن کان جانچي ۽ خوبين کي ساراهي “ڪليات خادم” ۾ لکي ٿو ته “آءُ هيءَ دعويٰ نٿو ڪري سگهان ته خادم کي پنهنجي همعصر شاعرن ۾ ڪهڙو درجو حاصل هو، پر هن حقيقت کان به انڪار ٿي نه ٿو سگهي ته سندس شعر ۾ جي صلاحيتون موجود آهن، انهن کي ڏسي سندس عظمت جو خيال خودبخود دل ۽ دماغ تي ڇانئجي ٿو وڃي. سلاست ۽ سادگي کان علاوه خادم جي ڪلام ۾ درد جي لذت گهڻي موجود آهي” (ص ۵۱ ۽ ۵۲).

منهنجي دانهن کان چمن ۾ آگ وئي چوڌر لڳي،

آهه ڪئي بلبل ته ڪنهن جي آهه و زاري آ اها.

درد مان اورڻ محبت ۾ دوا آ درد جي،

رنج کي خوش ٿي نڀائڻ سازگاري آ اها.

عمر گذري جي آ موڙي، حسرت ديدار شوخ،

ٿي مرڻ ثابت قدم، ايمانداري آ اها.

سال گذريا تنهنجي “خادم” کي جدائي ۾ جلي،

جور پرور آسمان جي غمگساري آ اها.

حاجي امام بخش “خادم” جي شاعري ۾ فراق ۽ درد آهي ئي آهي. پر هو محبت ۾ غمن جي گهڻي ستايل ماڻهن جو به آواز ثابت ٿيو آهي. پرين جي بي رخي ۽ محبت ۾ جدائي شاعر جو پسنديده موضوع معلوم ٿئي ٿو. تڏهن ته ڪليات جو گهڻو مضمون ان ئي حوالي سان سرجيل آهي.

فراق تنهنجي آ دوست ماريو، ڪڏهن مئل تي ڪريو مدارا،

رهيو رڳن ۾ نه ساه باقي طبيب دل جا نظر خدارا.

نه حال محرم رهيوم ڪوئي، ٻڌايان جنهن کي هي حال روئي،

ڏکن جي ڳالهين کي ياد آڻي، وهايان نيڻن مان نير نارا.

سدائين اکيون نميو نهارن، نئون ڏهاڙي ٿيون وار وارن،

ائين اوهان ڏي ڏسي گذارن، ڪڏهن اونهارا ڪڏهن سيارا.

نه حال “خادم” جو پڇ پيارا، ويا وڇوڙي ۾ سال سارا،

چڱي خدا کي وڻي ڏهاڙا، ورن ورائي وصال وارا.

اياز قادري “سنڌي غزل جي اوسر جلد ٻيو” ۾ امام بخش “خادم” بدوي لاءِ لکي ٿو ته “غزل جي نزاڪت ۽ نفاست کان چڱي طرح واقف هو. هن جي ڪلام ۾ سلاست،سادگي ۽ قلبي واردات جي نقاشي آهي”. (ص ۷۸)

تو بنا دلبر نه آهي درد وارن جو علاج،

راضپو تنهنجو کپي، ٻئي جو نه آهي احتجاج.

نبض منهنجي کي ڏسي، ٿي هئين چيو کلندي طبيب،

عشق وارن جو علحده آهه دنيا کان مزاج.

حاجي امام بخش “خادم” بدوي جي شاعري ۾ ڪٿي ڪٿي اهڙا ته مثال ملي وڃن جو حيراني ٿئي ٿي ته هو معاشري جي انهن مسئلن تي به لکي ويو آهي جن جو حل ڪلهه کان اڄ تائين نڪري نه سگهيو آهي:

طالب و استاد وٽ اڄ نا رهيو اخلاق ڪو،

هر طرف اي علم تنهنجي مان خواري ٿو ڏسان.

هي ڪتابن جو رڳو آ ڍير طوطي جان رٽڻ،

تربيت آ ڪانه پر تعليم جاري ٿو ڏسان.

نا اميدي ڪفر آ،پر “خادما” منهنجي اڳيان،

علم جي هوندي به اونداهه، رات ڪاري ٿو ڏسان.

علم ۽ ادب جي خدمت ڪندي حاجي امام بخش “خادم” بدوي ۲۱ جنوري ۱۹۱۸ع تي گذاري ويو. سندس خدمتون سنڌي ادب ۾ نه صرف ياد رکيون وينديون پر تاريخ ۾ سونهري حرفن سان لکيون وينديون.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۱ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا