; سنڌي شخصيتون: حاجي امام بخش خادم بدوي، حسيب نقش ناياب منگي،
Showing posts with label حاجي امام بخش خادم بدوي، حسيب نقش ناياب منگي،. Show all posts
Showing posts with label حاجي امام بخش خادم بدوي، حسيب نقش ناياب منگي،. Show all posts

26 January, 2022

حاجي امام بخش خادم بدوي

حاجي امام بخش خادم بدوي

حسيب نقش ناياب منگي



سنڌي ادب جي واڌاري ۽ بهتري لاءِ جن املهه شخصيتن پاڻ ملهايو تن ۾ حاجي امام بخش “خادم” بدوي جو شمار به ٿئي ٿو. انگريزن جي دور ۾ گهڻا ئي ادبي ڪردار هيرن جيان چمڪيا ۽ پنهنجي جوت سان ساهت کي اهڙي ته روشني ڏئي ويا جو اڄ تائين سندن پورهيو عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. امام بخش “خادم” بدوي سنڌي ادب اندر ڊرامي، قصي ۽ شاعري ۾ لازوال خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.