; سنڌي شخصيتون: ارباب حسين، خادم ٻگھيو، رکيل مورائي،
Showing posts with label ارباب حسين، خادم ٻگھيو، رکيل مورائي،. Show all posts
Showing posts with label ارباب حسين، خادم ٻگھيو، رکيل مورائي،. Show all posts

12 April, 2026

ارباب حسين ”خادم ٻگھيو“

ارباب حسين ”خادم ٻگھيو“

رکيل مورائي



دل درد سان ڀريل آ، اکڙين ۾ آھي پاڻي.

هيءُ اکر لکندي، اڄ جي تاريخ تائين سنڌي ادب جي ڪيل مطالعي جي آڌار تي واڌو پنهنجي سموري عملي ادبي اعتبار تي اهو چئي رهيو آهيان ته بي وفا عمر منھنجي ھن دلبر دوست ۽ بيمثال ڪھاڻيڪار سان ساٿ نه نڀايو، جيڪڏهن هو اڄ تائين حيات هجي ها ۽ لڳاتار لکندو رهي ها ته پڪ سان سنڌي ادب کي اهڙيون ڪهاڻيون ڏيئي ها جن جي اعليٰ هجڻ جي شاهدي اڄ جي سنڌ جا سمورا ليکڪ ڏين ها! پر وقت پنھنجي رفتار سان ھلندو آھي، ھو ڪنھن جو بھ محتاج رھڻ وارو نه آھي