; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر تنوير عباسي

14 March, 2011

ڊاڪٽر تنوير عباسي


ڊاڪٽر تنوير عباسي

سنڌ جي ناليواري عالم، شاعر، محقق، مترجم، لطيفيات جي ماهر ۽ سچل شناس ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو اصل نالو نور نبي عباسي هو. هن ۷ ڊسمبر ۱۹۳۴ع تي، ضلعي خيرپور جي هڪ ننڍڙي شهر سوڀي ديري ۾ گل محمد عباسيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ساڌو هيرانند اڪيڊمي، ڪراچيءَ مان پرائمري تعليم حاصل ڪيائين. مئٽرڪ جو امتحان اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان پاس ڪيائين. انٽر سائنس ڊي جي. سنڌ گورنمينٽ ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ ايم. بي. بي. ايس، لياقت ميڊيڪل ڪاليج، ڄام شوري مان پاس ڪيائين. ڊاڪٽر تنوير عباسي شاگرديءَ واري زماني کان شاعري ڪندو هو. ابتدا ۾ روايتي شاعري ڪيائين، پر اڳتي هلي سنڌي جديد شاعريءَ ۾ نوان لاڙا آندائين؛ ان ڪري سندس شاعري سنڌي ادب ۾ نئين حيثيت سان اجاگر ٿي. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ۽ شمشير الحيدريءَ، سنڌي شاعريءَ خاص ڪري نظم ۽ آزاد نظم ۾ نوان تجربا متعارف ڪرايا.


تنوير عباسيءَ جون سنڌي ادب ۾ وڏيون خدمتون آهن. سنڌي ادب جڏهن ورهاڱي کان پوءِ نئين سر اُسري رهيو هو، تڏهن تنوير عباسي انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن اديبن ۽ شاعرن مان هو، جيڪي سنڌي ادب جي بقا لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هُئا. هن جو شمار سنڌ جي وڏن شاعرن ۾ ڪيو وڃي ٿو، پر شاهه جي شاعريءَ ۽ سچل سرمست، خوش خير محمد هيسباڻي، نانڪ يوسف ۽ ٻين تي سندس تحقيق ۽ ڪاوش، کيس اهم ۽ منفرد اسڪالر واري حيثيت ڏياري ڇڏي.     
تنوير عباسيءَ جي علمي ۽ ادبي ادارن سان وابستگي، هڪ وڏي عرصي تائين رهي. پاڻ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو تصور ڏيندڙ ۽ ان جي ائڊوائيزري بورڊ جو آخر تائين ميمبر، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي رٿا جوڙيندڙ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي مالياتي، پبليڪيشن، تعليمي رٿابندي ۽ تحقيقي ڪاميٽيءَ جو ميمبر، شاهه لطيف ڪلچرل ڪاميٽي ڪراچيءَ جو ميمبر، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت جو باني ۽ مستقل ميمبر، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل (۱۱ سالن تائين)، سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر، سچل يادگار ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري، سچل چيئر- شاهه لطيف يونيورسٽيءَ خيرپور جو باني ڊائريڪٽر ۽ سچل سرمست ميلي ڪاميٽيءَ جو ڪيترائي سال آرگنائيزر ۽ ٻين ڪيترن ادارن سان وابسته رهيو. سندس علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم جي مڃتا طور کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ انعام به مليا. سندس علمي ادبي پورهيي جو وچور هن ريت آهي:
(۱) رڳون ٿيون رباب (شاعري: ۱۹۵۸ع)، (۲) شعر (۱۹۷۰ع)، (۳) جي ماريا نه موت (ويٽ نامي ناول جو ترجمو: ۱۹۷۳ع)، (۴) ٻاراڻا ٻول (چونڊ ۽ ترتيب: ۱۹۷۳ع)، (۵) شاه لطيف جي شاعري (تحقيق: جلد I- ۱۹۷۶ع)، (۶) شاهه لطيف جي شاعري (جلد ٻيو، ۱۹۸۵ع)، (۷) شاهه لطيف جي شاعري (۳ جلد گڏ، ۱۹۸۹ع)، (۸) سج تريءَ هيٺان (شاعري: ۱۹۷۷ع)، (۹) جديد سنڌي شاعري (چونڊ ۽ ترتيب: ۱۹۸۱ع)، (۱۰) خير محمد هيسباڻيءَ جو ڪلام (ترتيب: ۱۹۸۳ع)، (۱۱) نانڪ يوسف جو ڪلام (ترتيب: ۱۹۸۲ع)، (۱۲) ڏوري ڏوري ڏيهه (سفرنامو: ۱۹۸۴ع)، (۱۳) هيءَ ڌرتي (شاعري: ۱۹۸۵ع)، (۱۴) Sachal Sarmast، (۱۵) منهن تنين مشعل (خاڪا: ۱۹۹۰ع)، (۱۶) تنوير چئي (شعري ڪليات:۱۹۸۹ع)، (۱۷) ترورا (ادبي مضمون، خاڪا، يادگيريون، سفرنامو: ۱۹۸۸ع)، (۱۸) ساجن سونهن سرت (شاعري: ۱۹۹۶ع)، (۱۹) سپني کان سهڻي ساڀيا  (تقريرون ۽ ليڪچر: ۲۰۰۲ع)، (۲۰) سچل جو رسالو (ترتيب:اڻ ڇپيل)، (۲۱) مون کي اڳتي وڃڻو آهي (سفرناما: ۲۰۰۰ع).
سنڌي شاعر، ادب، جديد ٻوليءَ، ڪلچر، ڪلاسيڪي شاعريءَ ۽ ٻين موضوعن تي سندن سوين مقالا، مضمون ۽ مهاڳ لکيل آهن.
 ويهين صديءَ جو هيءَ ڏاهو انسان، ۲۵ نومبر ۱۹۹۹ع تي، اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. تنوير عباسي وصيت ڪئي هئي ته وفات بعد سندس لاش ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن کي تجربا ڪرڻ لاءِ ڏنو وڃي، پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو. البت سندس آخري خواهش هئي ته سندس اکيون آپريشن ذريعي ڪنهن محتاج کي ڏنيون وڃن. سندس وصيت تي عمل ڪيو ويو ۽ سندس اکين سان اڄ هڪ نياڻي ۽ هڪ نوجوان هن دنيا کي ڏسي پنهنجي زندگي خوش خوش گذاري رهيا آهن. تنوير عباسيءَ جي آخري آرامگاهه اسلام آباد ۾ آهي. تنوير عباسيءَ جي ياد ۾ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ خيرپور ۾ تنوير ڪارنر قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جو انچارج اياز گل آهي، تنوير بابت (۱) تنوير عباسي- هڪ مطالعو (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، (۲) پوان شل قبول (مرتب: اياز گل)، (۳) مان تنوير آهيان (مرتب: مشتاق ڪلهوڙو) ۽ ٻيا ڪتاب ڇپيل آهن. تنوير ڪارنر پاران سندس چونڊ شاعريءَ تي مشتمل پاڪيٽ سائيز ڪتابڙو ”روشن آ سانجهي“ اياز گل ترتيب ڏئي ۲۰۰۸ع ۾ ڇپايو آهي. ڪيترن علمي ادبي ادارن پاران ادبي تحقيق ۽ تنقيد تي تنوير عباسي شيلڊون ۽ اوارڊ ڏنا وڃن ٿا.

No comments:

راءِ ڏيندا