لالچند امر ڏنو مل
”مُيائي جياس جي وڃي مڙهه ملير ڏي“
”مُيائي جياس جي وڃي مڙهه ملير ڏي“
شوڪت حسين شورو
لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي سنڌي ٻولي جي انهن وڏن اديبن مان آهي، جن اٽڪل اڌ صديءَ تائين سنڌي نثر کي اوج ڏنو ۽ ان کي سجائي سنواري شاهوڪار بڻايو. اهو سنڌي نثر جو ڪلاسيڪل دور هو، جيڪو ادبي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. لالچند جو جنم 25 جنوري 1885ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو، سندس ڏاڏو منشي سکرامداس جڳتياڻي انگريزن جي راڄ ۾ تپيدار هو. هن جو لاڙو ڌرم ڏانهن گهڻو هو، لالچند جي پيءُ امر ڏنو مل مختيارڪار جي عهدي تي گهڻو عرصو ٿرپارڪر ۽ کپري ۾ گذاريو. اسڪول ۾ لالچند جي شروعاتي تعليم ڏاڍي خراب نموني سان ٿي، جنهن جو مزيدار چٽ هن پنهنجي ساروڻي ”ٻاراڻي ڪلاس ۾ پهرئين ڏينهن“ ۾ چِٽيو آهي. لالچند اڃان چئن سالن جو هو ته هڪ ڏينهن پنهنجي سئوٽ ٺاڪوءَ کي اسڪول ويندو ڏٺائين، هن به اسڪول وڃڻ جو ضد ڪيو، ٺاڪوءَ جو پيءُ ٽهلرام ان اسڪول جو هيڊ ماستر هو. ماستر ٽهلرام لالچند کي پنهنجي ڪلاس ۾ پيار سان پهرئين بينچ تي ويهاريو، پر پوءِ کيس شرارتون ڪندو ڏسي پٽيوالي جي هٿان هن کي ماستر تارا چند جي ڪلاس ۾ موڪليو. اتي جو نظارو ڏسي لالچند هراسجي ويو. هڪ ته سڀ ٻار پٽ تي ويٺل هئا، وري ڪلاس جي وچ ۾ ٿنڀي سان هڪڙو ٻار چوکنڀو ٻڌو پيو هو. ماستر تارا چند ان ٻار جا پٺا پٽيءَ سان پئي ڪُٽيا. لالچند اهو ڏسي ڊپ وچان روئڻ لڳو، اصل بس ئي نه ڪري، ڪجهه دير بعد ماستر تارا چند ٻين ٻارن کي موڪل ڏئي، لالچند کي ڪلاس ۾ روئندو ڇڏي، در کي ٻاهران ڪڙو ڏئي هليو ويو. ڪجهه دير بعد هيڊ ماستر ٽهلرام اسڪول بند ڪري گهر وڃڻ جي ارادي سان ڪلاس جي در وٽان اچي لنگهيو ته هن ٻار جي سڏڪن جو آواز ٻڌو. در کولي ڏٺائين ته اندر سندس ڀائيٽو لالچند هو. ان واقعي جو لالچند جي من تي ايترو اثر پيو جو هي اسڪول جي نالي کان ونءُ وڃڻ لڳو. هن ٻن سالن تائين وري ڪنهن اسڪول جو منهن نه ڏٺو. سندس ڏاڏي کيس پاڻ وٽ ئي پڙهڻ لکڻ سيکاريو. اهڙي طرح لالچند جي تعليم جي شروعات اسڪول ۾ نه پر سندس ڏاڏي جي نگرانيءَ ۾ ٿي. پهرئين ۽ ٻئين درجي جو علم هن پنهنجي ڏاڏي وٽان پرايو. هو ستن سالن جو هو ته سندس ڏاڏو گذاري ويو. تڏهن ڏاڏينهس کيس اسڪول ۾ ويهارڻ جو پڪو پهه ڪيو. وري به ساڳئي اسڪول ۾ پهرئين ڏينهن ساڻس هڪ اڻ وڻندڙ واقعو ٿيو. هڪ شاگرد ڪنهن ٻئي جو ڪتاب شرارت وچان لالچند جي ٿيلهي ۾ وجهي ڇڏيو ۽ مٿس چوريءَ جو الزام لڳو. لالچند وري به ڇهه مهينا گهر ۾ ويهي رهيو. ان بعد زور مس ڪري کيس ڪرسچن مشن اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. هو ڇهون سنڌي (ٻيون درجو انگريزي) کپري ۾ وڃي پڙهيو، جتي سندس پيءُ مختيارڪار هو. ان بعد ساڌو هيرانند جي برپا ڪيل ”يونين ائڪيڊمي“ ۾ داخل ٿيو. جنهن تي پوءِ ”نولراءِ هيرانند ائڪيڊمي“ نالو رکيو ويو. لالچند پنجين درجي انگريزي ۾ هو ته سندس پيءُ ديوان امر ڏنو مل لاڏاڻو ڪري ويو. لالچند ارڙهن سالن جي عمر ۾ ائڪيڊمي مان سال 1903ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ جو مئٽرڪ امتحان پاس ڪيو. گهر ۾ مالي مشڪلات سبب هو وڌيڪ پڙهڻ بدران ائڪيڊمي ۾ وڃي ماستر ٿيو. هن ڪجهه وقت ديوان پرڀداس شوقيرام آڏواڻي جي برپا ڪيل نوودياليه (هاڻوڪو سنڌ يونيورسٽي ماڊل اسڪول) ۾ به پڙهايو. ان بعد ڪراچي هليو ويو ۽ 1910ع کان ٻن سالن تائين سنڌ مدرسته الاسلام ۾ ماستري ڪيائين. انهن سالن ۾ سندس دوست ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي به مدرسي ۾ ماستر هو. لالچند بعد ۾ تارا چند شهاڻي جي برپا ڪيل اسڪول ۾ ماستري ڪندي ڊي-جي-سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا ورتي. سڄي سنڌ ۾ اهو پهريون ڪاليج هو، جنهن جو پايو ڏيارام ڄيٺمل وڌو هو. لالچند 1918ع ۾ فلاسافي ۾ بي اي جو امتحان پاس ڪيو. لالچند جا ڪجهه شاگرد جيڪي وٽس اسڪول ۾ پڙهي چڪا هئا، سي اعليٰ تعليم پرائي انهن ڏينهن ۾ ان ڪاليج ۾ وڃي استاد بڻيا هئا. لالچند سندن شاگرد بڻجي ڪلاس ۾ ويهندو هو، پر اهي کيس پنهنجي استاد جيان مان ڏيندا هئا.
ماستري ڪندي لالچند جي شادي ٿي، سندس چار ٻار ننڍي عمر ۾ گذاري ويا. فقط هڪ ڌيءَ سلامت رهي، جنهن جو نالو ديوي رکيائين. انهيءَ سڪيلڌي ڌيءَ ۾ لالچند جو ساهه هو. لالچند جي ڌيءَ ديوي ۽ ڄيٺمل پرسرام جي پٽ رام جي پاڻ ۾ شادي ٿي ته لالچند ۽ ڄيٺمل گهرن دوستن هجڻ سان گڏ سيڻ به ٿيا. هونءَ به سماجي توڙي سياسي زندگيءَ ۾ ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ گهرا ساٿي هئا. 1920ع ۾ جڏهن مهاتما گانڌي انگريز سرڪار سان سهڪار نه ڪرڻ جي تحريڪ شروع ڪئي ته سنڌ واسين به ان ۾ حصو ورتو. لالچند ان هلچل ۾ اڳرو هو. جنوري 1922ع ۾ هن کي ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو ۽ هڪ سال جي سزا مليس. هن اٺ مهينا ٿاڻا (بمبئي) جي جيل ۾ ۽ سزا جا باقي چار مهينا ڪراچيءَ جي جيل ۾ ڪاٽيا. قومي هلچل ۾ سرگرم رهڻ سبب ڪجهه عرصو ڪراچي ضلعي ڪانگريس جو سيڪريٽري به هو. بمبئي پريزيڊنسي کان سنڌ کي جدا ڪرڻ جي هلچل ۾ به هن زوردار نموني ۾ حصو ورتو.
لالچند کي لکڻ پڙهڻ جو شوق ننڍي هوندي کان هو. هن هڪ ناول ”چوٿ جو چنڊ“ لکيو، جيڪو شروع شروع ۾ ”سرسوتي“ نالي ماهوار ادبي رسالي ۾ قسطوار شايع ٿيو.هن ڪتاب ۾ نهايت سليس ٻوليءَ ۾ دلچسپ نموني ڳالهين کي بيان ڪيو ويو آهي. ميرزا قليچ بيگ ان ڪتاب کي ساراهه جوڳو ڪري سڏيو. لالچند، ڄيٺمل پرسرام ۽ ڪجهه ساٿين گڏجي 1914ع ۾ ”سنڌي ساهت سوسائٽي“ قائم ڪئي. سوسائٽي طرفان ماهوار ادبي رسالي جي نالي ۾ هر مهيني هڪ ڪتاب شايع ڪيو ويندو هو. لالچند سوسائٽي جي وسيلي سنڌي عوام ۾ ادب سان جيڪو چاهه پيدا ڪيو، سو اڳي نه هو. سوسائٽي تيرهن سالن تائين ڪتاب ڇپائيندي رهي. لالچند جو ٻيو ناول ”ڪشنيءَ جو ڪشٽ“ شايع ٿيو. ٻنهي ناولن ۾ حيدرآباد جي هندن جي سماجي زندگيءَ جو عڪس پيش ڪيو ويو آهي. ”حُر مُکيءَ جا“ لالچند جي امر تخليق آهي. ان کي ڪن نقادن ڪهاڻي ته ڪن، رپورٽاز ڪري ليکيو آهي. لعل پشپ جي ويچار ۾ اها سنڌيءَ جي پهرئين اصلوڪي ڪهاڻي آهي. حُر تحريڪ جي پسمنظر ۾ لکيل ان ڪهاڻيءَ ۾ حرن جي ڪارنامن کي بيان ڪيو ويو آهي. سنڌي نثر جو اهو هڪ مثالي نمونو آهي. لالچند جون ٻيون مکيه ڪهاڻيون آهن: ”نو ورنيءَ جو خون“، ”ڏکڻ ڏڌي زندگي“، ”ننڍڙي نئنا“، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري بابت سندس ڪتاب ”شاهاڻو شاهه“ ۾ شاهه جي ڪلام جون خوبيون ۽ خاصيتون بيان ڪيل آهن. سر ڪيڏارو، سر سارنگ، سر يمن ڪلياڻ، جيون ماٿر يا سر ڏهر کانسواءِ ٻين ڪتابن ۾ ”سونهارو سچل“ ۽ ”بي رنگي باغ جو گل سنڌي“ شامل آهن. جدا جدا موضوعن تي لکيل سندس مضمونن جو مجموعو ”ڦلن مٺ“ جي نالي سان ڇپيو. ناٽڪن جي مختلف ڪتابن کان سواءِ سندس يادگيرين ۽ خاڪن تي مشتمل ليک پڻ ڇپيل آهن. جي ايم سيد 1940ع ۾ سنڌ جو وزير ٿيو ته هن ”سنڌي ادب (ساهت) لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ ڪراچي ۾ قائم ڪرايو. لالچند امر ڏنو مل بورڊ جو جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. اڳتي هلي بورڊ طرفان ”مهراڻ“ رسالو شروع ڪيو ويو. لالچند امر ڏنو مل ”مهراڻ“ رسالي جو مئنيجنگ ايڊيٽر هو. رسالي لاءِ مواد گڏ ڪرڻ ۽ ڇپائڻ جو ڪم لالچند جي حوالي هو.
ورهاڱي کانپوءِ لالچند جو ساٿي ۽ سيڻ ڄيٺمل پرسرام جڏهن 1948ع ۾ بمبئي ۾ گذاريو ويو، تڏهن هن جون هاٺيون بمبئي جي ويجهو ناسڪ تيرٿ وٽ گوداوري نديءَ ۾ پرواهه ڪيون ويون. لالچند کي ان ڳالهه جو وڏو صدمو رسيو. چيائين، ”پياري سنڌڙيءَ کان ڇڄي هند ۾ اچي رسياسين، پر مُئي پڄاڻان ته مٺڙي ملڪ جي مٽي نصيب ٿئي! اسان ٻيو نه، ته به پياري سنڌڙي جي مٽي ته لهڻي“. ان ڪري هن وصيعت ڪئي ته ”منهنجون هاٺيون سنڌوءَ کي سونپجو، مُيائي جياس جي وڃي مڙهه لمير ڏي.“ لالچند امر ڏنو مل 18 اپريل 1954ع ۾ گذاري ويو. گهر وارن ۽ گهڻگهرن سندس آخري خواهش جو خاص خيال رکيو. لالچند جون هاٺيون ڪراچيءَ موڪليون ويون، 17 اپريل 1956ع ۾ ڪراچيءَ جي اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ هڪ ميڙ ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ سندس ساٿين، اديبن ۽ شاگردن کيس عقيدت جا گل ارپڻ ڪيا. پنجن سنڌي روزانه اخبارن خاص پرچا شايع ڪيا. ٻئي ڏينهن شام جو سنڌوءَ ڪناري، گدو پارڪ حيدرآباد ۾ هڪ عاليشان ميڙ ڪٺو ٿيو. سئو کن ماڻهن لالچند جي هاٺين تي گل چاڙهيا، پوءِ پنجن ٻيڙين ۾ جيترا ماڻهو سوار ٿي سگهيا، درياءُ جي وچ سير ۾ پهچي، عثمان علي انصاريءَ پنهنجن هٿن سان لالچند جون هاٺيون سنڌو جي حوالي ڪيون. سنڌ جي تاريخ ۾ هندو-مسلم ايڪتا ۽ ساڻيهه جي سڪ جو اهو پهريون مثال آهي. ان کان پوءِ ساڌو واسواڻي ۽ هري موٽواڻي سنڌيءَ جون هاٺيون پڻ سندن وصيعتن موجب شان مان سان سنڌوءَ جي حوالي ڪيون ويون.
No comments:
راءِ ڏيندا