; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر حمزه علوي، ڊاڪٽر ايوب شيخ،
Showing posts with label ڊاڪٽر حمزه علوي، ڊاڪٽر ايوب شيخ،. Show all posts
Showing posts with label ڊاڪٽر حمزه علوي، ڊاڪٽر ايوب شيخ،. Show all posts

18 November, 2017

ڊاڪٽر حمزه علوي - ڊاڪٽر ايوب شيخ

ڊاڪٽر حمزه علوي
ننڍي کنڊ جو ناميارو عالم، پنھنجي لکيل ڪتاب ”تشڪيل پاڪستان“ جي تناظر ۾
ڊاڪٽر ايوب شيخ
ڊاڪٽرحمزه علوي جي نالي ۾ ”علوي“ پڙهي مون ڳولڻ شروع ڪيو ته سندس حسب نسب ڇاهي؟ ڪير آهي؟ ڪٿان جو آهي؟ مون انٽرنيٽ تي ”علوي“ پئي لکيو ته ڪراچي جي پهرئين مسلمان ميئر حاتم علوي کانسواءِ ٻي ڪا به ڄاڻ نه پئي ملي. پوءِ تنهن ڏينهن آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ سندس مقالن جي اردو ۾ ٿيل ترجمن جي ڪتاب ”تشڪيل پاڪستان“ جي مهورت جي موقعي تي ڪتاب جي مترجم ڊاڪٽر رياض شيخ مرحوم، حمزه علوي جي ڀاءُ مسٽر زين علوي سان ملايو، جيڪو پاڻ به گهٽ ۾ گهٽ ۸۰ ورهين جو ٿي لڳو. مرحوم حمزه علي، حاتم علوي صاحب جو ڀائيٽيو هيو. ننڍي هوندي کان ئي کيس سماج کي ڳولڻ ڦولهڻ جي تڙپ هوندي هئي. انٽرنيٽ تي هن جا ڪيئي عالمي سطح جا مضمون انگريزي ۾ موجود آهن، جن کي پڙهي سندس علمي حيثيت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.