; سنڌي شخصيتون: جسٽس ، ظفر حسين مرزا، جرئتمند انسان، نصير مرزا،
Showing posts with label جسٽس ، ظفر حسين مرزا، جرئتمند انسان، نصير مرزا،. Show all posts
Showing posts with label جسٽس ، ظفر حسين مرزا، جرئتمند انسان، نصير مرزا،. Show all posts

05 January, 2017

جسٽس (ر) ظفر حسين مرزا - نصير مرزا


جسٽس (ر) ظفر حسين مرزا

هڪ جرئتمند انسان جو وڇوڙو

جمع ۲۸ آگسٽ ۲۰۱۵ع

نصير مرزا

سنڌ کان اڄ نهايت جرئتمند ۽ پنهنجي فيصلن ۾ To the point جج اسان کان جدا ٿيو آهي. ان ۾ اها جرئت پنهنجي وڏي ڏاڏي مرزا خسرو بيگ مان آئي. جيڪو ٽالپر ميرن جي ايامڪاريءَ ۾ ميرن پاران سفير جي حيثيت ۾ سنڌ دشمن چارلس نيپيئر وٽ سفير بڻجي پهتو هو، ۽ کيس ڀري درٻار ۾ چئلينج ڪيو هو ته ”فرنگي سنڌ ڪا حلوو ڪانهي، جنهن کي تون آساني سان ڳهي ويندين“. مرزا خسرو بيگ جي خانوادي مان هجڻ سبب ئي سنڌ سان هن کي بي پناهه محبت هئي، ۽ هن ساري زندگي سنڌ ڪاز جي لاءِ انصاف جي وڏي سطح تي حمايت ڪئي. جسٽس (ر) ظفر حسين مرزا اهو شاندار ماڻهو ۽ انصاف پسند جج هو، جنهن ان وقت مستعفي ٿيڻ جي ڌمڪي ڏني، جڏهن وزير اعظم بينظير ڀٽو صاحبه کيس هڪ اثر رسوخ واري ماڻهوءَ جي پٽ کي ڊي ايم جي گروپ ۾ رکڻ جي سفارش ڪئي. آخر ڪار محترمه کي مرزا صاحب جي ئي ڳالهه رکڻي پئي ۽ چيائين ته آئون ان ماڻهوءَ کي چوندس ته مرزا صاحب منهنجي نٿو ٻڌي. (جسٽس ظفر حسين اها ڳالهه پنهنجي هڪڙي يادگار انٽرويو ۾ رڪارڊ تي آندي هئي).