حيدر علي لغاري
سڄڻ کٿوري بُوءِ
غلام حسين رنگريز
منهنجو اُهو اڃا شاگرديءَ وارو دؤر هو ته هڪ ڀيري شهر جي بازار ڏانهن
ويندي هڪ ماڻهوءَ کي پينٽ شرٽ ۾ سامهون ايندي ڏٺم، جنهن جي چهري جي اڇي رنگت، ٿورا
گهنگهريالا وار ۽ موچارا مهانڊا هُئس ۽ قدآور به هو. سوچيم ته اهو همراهه هن شهر
جو ته نٿو لڳي، غالبن ڪو اجنبي ڪنهن ڪم سانگي آيو هوندو.
ڪجهه هفتن بعد دوستن سرڪاري پرائمري اسڪول ميرپور بٺورو، جتي هن وقت
گرلس پرائمري اسڪول آهي ۾ هڪ تعليمي تقريب ۾ اچڻ جي نينڍ ڏني ته آئون ۽ سندم دوست
عبدالحميد شاهين (مرحوم) گڏجي تقريب ۾ وياسين. اسڪول جي ورانڊي ۾ تقريب جو اهتمام
ڪيل هو، جنهن ۾ اڪثريت پرائمري استادن جي هُئي. مختلف استادن مقالا پڙهيا ۽
تقريرون ڪيون. آخري ماڻهن مان هڪ کي مقالي پڙهڻ لاءِ سڏيو ويو ۽ هُو جڏهن اسٽيج تي
آيو ته ڏٺم اُهو ساڳيو ئي پينٽ شرٽ وارو همراهه هو. اُتي پهريون ڀيرو خبر پئي ته
هو ٽريننگ اسڪول جو استاد محترم حيدر علي لغاري هو. ساڻس بٺورو ۾ ڪا خاص قابلِ ذڪر
ڪچهري نه ٿي. ان بعد ڪافي سالن پُڄاڻان منهنجي ملاقات حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج ۾
سندم مرحوم دوست عبدالفتاح عبد ذريعي ٿي. ڇاڪاڻ ته عبدالفتاح عبد، اُنهن ڏينهن ۾
ڪاليج طرفان ڇپجندڙ ’اخبار تعليم‘ (ماهوار) جو ايڊيٽر هو ۽ محترم حيدر علي اُنهيءَ
ڪاليج ۾ استاد هو. جيئن ته منهنجو ڪاليج ۾ اڪثر اچڻ وڃڻ ۽ هاسٽل ۾ رهڻ ٿيندو هو.
انهيءَ ڪري سائين حيدر علي کي تمام ويجهڙائيءَ سان ڏسڻ، ٻُڌڻ ۽ پرکڻ جو موقعو نصيب
ٿيو ۽ پوءِ اها قربت آخر تائين قائم رهي.
سائين حيدر علي لغاري، جيتوڻيڪ تاجپور جي نواب خاندان سان تعلق رکندو
هو پر منجهس نوابيءَ وارو ٺاٺ وغيره قطعي موجود نه هو. هو ٻين استادن جي ڀيٽ ۾
تمام نهٺو، سنجيده ۽ گهڻو پڙهيو انسان هو ۽ منجهس انسانيت جا سڀ گُڻ موجود هئا.
سائين حيدر عليءَ کان، علم ۽ ادب ۽ فلسفي جي حوالي سان، گهڻو ڪجهه پلئه پيوم.
سائين حيدر علي فڪري طرح علامه آءِ آءِ قاضي کان ڪافي متاثر هو ۽
اڪثر قاضي صاحب جي دانش جا حوالا ڏيندو هو. هو فڪري طرح هن دؤر جو هڪ ڏاهو فيلسوف
هو جنهن فلسفي جي مختلف نظرين ۽ فڪري وهڪرن مان فيضياب ٿي پنهنجي انفرادي واٽ ٺاهي
ورتي هئي. ساڻس ڳالهين ٻولين دوران ڪا به تلخي نه ٿيندي هئي ۽ هو انتهائي ڌيرج سان
مدلل نموني پنهنجو نقطئه نظر پيش ڪندو هو. هُن جي فڪري اُڻت ۾ تصوف، سيڪيولرزم،
سماجواديت ۽ ڪي قدر وجوديت جا عناصر شامل هئا ۽ پاڻ ترقي پسند هئڻ سان گڏوگڏ سنڌ
دوست به هو ته انسانيت پرست به.
مون کيس ڪچهرين دوران اسلام ۽ مختلف مغربي ۽ مشرقي فيلسوفن تي توريل
تڪيل راءِ ڏيندي ڏٺو ۽ ٻُڌو. سنڌ ۾ ۽ خاص طرح تعليم کاتي ۾ ايڏي وڏي ۽ همه گير
اڀياس رکڻ وارا ماڻهو تمام گهٽ نظر ايندا، جيڪي صاحبِ علم به هجن ته صاحبِ ڪردار
به. سائين حيدر علي لغاري ڪافي قلمي پورهيو ڪيو ۽ سندس هڪ ڪتاب ”مُلهه املهه“ به
ڇپيو ۽ آئون پاڻ کي خوش قسمت ٿو سمجهان ته سندم لائبريري ۾ اُهو ڪتاب موجود آهي،
جنهن ۾ مختلف موضوعن تي سندس طبعزاد مضمون ۽ مقالا آهن. سندس مضمون سنڌي ٻوليءَ جي
مختلف رسالن جهڙوڪ ”اخبار تعليم“، ”ٽه ماهي مهراڻ“ ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ وقت
بوقت شايع ٿيندا هئا. سندس لکڻ جو به هڪ پنهنجو منفرد اسٽائل هوندو هو، جنهن ۾
فارسيءَ جا شعر، لطيف سائين جا بيت ليک کي وڌيڪ حسُناڪ بنائي ڇڏيندا هئا. هُن جي
فڪر و نظر ۾ هڪ عجيب ڇڪ محسوس ٿيندي هُئي جيڪا ذهنن کي جهنجهوڙي ڇڏيندي هئي. هُو
ڪنهن به سياسي ڌر جو ماڻهو نه هو پر هُن جي دامن جي وسعت ۾ سڀ ڌريون سمائجي
وينديون هُيون.
هو سونهن، سنگيت ۽ ٻين فنونِ لطيفه جو پرستار هو يا ائين کڻي چوان ته
’سونهن ۽ سنگيت‘ سندس ڪمزوري هوندا هئا. هو طبعن حضور شرم، ڏيک ويک کان پري رهندڙ
۽ ڪتابن سان گڏ چونڊ دوستن سان ميل ميلاپ رکندڙ هڪ آدرشي انسان هو. هو ٻئي جي راءِ
کي سنجيدگيءَ سان ٻڌندو ۽ قابلِ قبول استدلال کي تسليم ڪندو هو ۽ پنهنجي نقطئه نظر
کي جارحاڻي انداز ۾ ڪڏهن به پيش نه ڪندو هو. سائين شمس الدين عرساڻي سندس قريبي
دوست رهيو.
سائين حيدر علي لغاري هڪ انسائيڪلوپيڊڪ پد جو ماڻهو هو پر اسان جا
اشاعتي ادارا کيس پرکي ۽ پروڙي نه سگهيا، جي نه ته اسان کي اهو احساس نه ستائي ها
ته سنڌي ٻولي ۽ ادب فلسفي جي دنيا ۾ گهڻو پوئتي رهيل آهي. سائين حيدر علي اسان جي
درميان نه آهي پر سندس ساروڻيون ساٿ آهن.
هُن تاري هُن روءِ، هُتي منهنجا سپرين
سڄڻ کٿوري بوُءِ، موُن کي موُر نه وسريا.
(لطيف سائين)
سائين حيدر علي لغاري هڪ
يگاني عالم جي ياد ۾!
تاريخ ۲۵ آگسٽ ۲۰۰۸ع تي اسان سنڌ واسين کان هڪ استاد، مفڪر، عالم،
اديب ۽ لطيف جو پارکو سائين حيدر علي خان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
سائين حيدر علي لغاري بنيادي طور تي استاد هئا ۽ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج
حيدرآباد ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندڙ هزارين ماسترن کي تربيت ڏئي کين صحيح معنيٰ ۾
استاد بڻائڻ ۾ سندن اهم ڪردار رهيو. سائين حيدر علي جو سڀني تربيت وٺندڙ استادن
سان شفقت وارو رويو هوندو هو ۽ ٻيو اهو ته سائين جو پڙهائڻ ۽ ليڪچر ڏيڻ جو منفرد
انداز هو. سائين جي لکڻ جو انداز به ٻين ليکڪن کان مختلف آهي، ان ڪري کين يگانو
عالم ڪوٺيو ويندو آهي.
سائين حيدر علي جي لکڻين جا ٻه ڪتاب ”اندر ملهه املهه“ ۽
”ڪڇان ڪڄاڙو“ سندن جيئري ئي ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن ۽ اڃا
به گهڻو اڻ ڇپيل مواد موجود آهي، جنهن کي ڇپائڻ جي ضرورت آهي. سائين جي لکڻين جا موضوع
علم، تعليم، تدريس ۽ لطيف جي فن ۽ فڪر بابت آهن. سندن استاد ۽ رهبر علامه آءِ آءِ
قاضي هو. سائين حيدر علي ”سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽي“ جي صدر جي حيثيت سان، سندن
روحاني رهبر علامه آءِ آءِ قاضي جي تقريرن تي مشتمل ڪتاب ”اُو ڪو ٻيو فهم“ پڻ
ڇپايو هو ۽ ان جي مهورت سنڌ زرعي يونيورسٽي جي آڊيٽوريم ۾ ٿي هئي، جنهن جو مهمان
خاص تڏهوڪو وفاقي وزير تعليم سيد غلام مصطفيٰ شاهه هو. سائين ان تقريب ۾ به هڪ فڪر
انگيز تقرير ڪئي هئي، جيڪا رڪارڊ تي موجود آهي.
سائين هڪ شخصيت نه پر هڪ مڪمل
ادارو هئا ۽ ڪنهن ڏاهي چواڻي ته پاڻ خاموش خدمت ڪندڙ هئا ۽ فرد تيار ڪندا رهيا،
جيڪو هڪ ڏکيو عمل آهي. اڄ سائين حيدرعلي ته اسان وٽ موجود ناهي پر سندن يادون
موجود آهن.
سائين وٽ ڪتابن جو به تمام وڏو ذخيرو هو، اميد ته سائين جا پونيئر ۽
پوئلڳ انهن ناياب ۽ املهه ڪتابن جي ذخيري کي به سنڀاليو ايندا.
فقير علي ڏنو جروار/حيدرآباد
No comments:
راءِ ڏيندا