; سنڌي شخصيتون: اياز گل - رضوان گل

17 August, 2012

اياز گل - رضوان گل


اياز گل
ڪومل احساسن ۽ سهڻن جذبن جو شاعر
رضوان گل
زندگيءَ جي تتل رڻ ۾ ڪي شخصيتون اهڙيون به ملنديون آهن، جن سان گھاريل لمحا گھاٽي بڙ جي ڇانوري جيان محسوس ٿيندا آهن. اهڙا انسان جھٽ پل ۾ ئي پنهنجا محسوس ٿيڻ لڳندا آهن جو سندن پيار ۽ خلوص ڀريو انداز منَ کي موهي وجھندو آهي. اهڙن محبتي، ملنسار ۽ پر خلوص ماڻهن مان اياز گل به هڪ آهي. هن دوستن کي هميشه محبتون آڇيون آهن ۽ سندن مرڪي آڌرڀاءُ ڪيو آهي.


اياز گل ولد رجب علي دل ۱۶ مارچ ۱۹۵۹ تي سکر ۾ جنم ورتو. ايم اي سنڌي ادب فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ماڻي گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. بين القوامي تعلقات ۾ به سندس ايم اي ٿيل آهي. هن وقت پاڻ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ استاد آهي.
اياز گل جي شاعريءَ ۾ اهڙو رس ۽ رچاءُ آهي جيڪو پڙهندڙ کي پنهنجي سحر ۾ آڻيو ڇڏي. هو هڪ اهڙو ڪوي آهي جنهن جي هر سٽ ۾ هڳاءُ ۽ تازگي بخشيندڙ ڪومل احساس آهن، جيڪي دل جي تهه خاني ۾ هڪ دم لهي روح جي تارن کي ڇُهي وٺن ٿا. سادي ۽ عام فهم ٻوليءَ جي استعمال سبب سندس شاعريءَ کي سمجھندڙن جو خاصو تعداد آهي. سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر عبدالغفار پنهنجي مضمون ”منهنجيInspiration  جو مرڪزي ڪردار“ ۾ اياز گل بابت راءِ ڏيندي لکيو آهي ته ”هو خوشنصيب شاعر آهي، پنهنجي ڌرتيءَ جي ٻن ٽن ٽهين کي متاثر ڪندڙ ڪوي آهي. هن وقت سنڌ ۾ نوجوان اديبن جي وڏي کيپ سندس ڏانءَ ۽ ڏات جي پوئلڳ ۽ سندس Diction جي پوئواري ڪري رهي آهي“.
اياز گل کي خوبصورت شاعريءَ جي موٽ ۾  جوڀن وارن ڏينهن ۾ ئي مڃتا ملي. سندس وائي جڏهن ريڊيو تان آن ايئر ٿئي ٿي:
توکان ٿيندي ڌار
کلندي کلندي يار
لڙڪ لڙي پيا لار ڪري

ته ڳوٺن ۽ شهرن ۾ پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ رڌل ماڻهن جو ڌيان سندس انهن مقناطيسي سٽن ڏانهن بي ساخته ڇڪجي وڃي ٿو ۽ اها ئي ڪنهن به شاعر جي شعر جي خوبي هوندي آهي ته سندس سٽون ماڻهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائين ۽ منجھن سمايل احساس کين پنهنجي دلين جي ترجماني ڪندڙ محسوس ٿين.
نامياري ليکڪا ماهتاب محبوب ”پنجين موسم جو شاعر“ جي سري هيٺ اياز گل بابت لکيو آهي ”اياز گل جي شاعري پڙهندي احساس ٿو ٿئي ته هن هر جذبي کي شدت سان محسوس ڪيو آهي تڏهن ئي ته سندس شاعري انساني ڏکن، ڏوجھرن، احساسن ۽ سچي موتين جهڙي تاريخ لڳڻ سان گڏ ڪٿي ڪٿي ائين به ٿي لڳي ڄڻ اياز گل اها نفيس احساسن واري شاعري درد جي تارن سان ويهي اُڻي آهي. هن جي شاعري پڙهندي اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته خوابن جي دنيا ۾ رهندڙ اياز گل هڪ اهڙي دنيا ۾ جيئڻ ٿو چاهي، جتي سڪ، چين ۽ ڀرپور پيار هجي. هن وٽ انساني نفسيات جو مشاهدو اُڇاترو نه بلڪه اونهو آهي، جنهن کي پڻ نظر ۾ رکندي هن ڪيترائي خوبصورت شعر چيا آهن“.
اياز گل جي شاعريءَ جا جيڪي هيل تائين ڇپيل مجموعا آهن انهن ۾، ”سوچون سُرها گل“ (تاج جويي سان گڏ شعري مجموعو) ۱۹۷۸، ”پيلا گل پلاند ۾“ (غزلن جو مجموعو) ۱۹۸۰، ”ڏينهن ڏٺي جا سپنا“ (شعري مجموعو) ۱۹۸۴، ”تو بن ڪهڙا ڇانورا“ (شعري مجموعو) ۱۹۹۲، ”دک جي نه پڄاڻي آ“ (۱۹۸۳ کان ۱۹۹۶ تائين جي شاعري) ۱۹۹۸ شامل آهن.
اياز گل جو پهريون شعر ماهوار ”اديون“ ڪراچي ۾ شايع ٿيو. هن کي ادبي خدمتن جي مڃتا ۾ ڪيترائي ادبي ايوارڊ مليا آهن، جن ۾ ”سنڌالاجي ادبي انعام“ ۱۹۷۸، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو پاران ڪتاب ”سوچون سُرها گل“ تي سال جي بهترين شعري ادب جو انعام، ”عبدالواحد جماڻي سگا گولڊ ميڊل“ ۱۹۸۴، سگا پاران ڪتاب ”ڏينهن ڏٺي جا سپنا“ تي سال جي بهترين شعري ادب جو انعام، استاد بخاري ايوارڊ ۱۹۹۲ سنڌي ادبي سنگت پاران ڪتاب ”تو بن ڪهڙا ڇانورا“ کي سال جي بهترين شعري ادب جو انعام، ”هجره ايوارڊ“ ۱۹۹۷ پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد پاران ڪتاب ”دک جي نه پڄاڻي آ“ تي سال جي بهترين ڪتاب جو انعام، ”ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوراڊ شامل آهن. پاڻ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو ٻه ڀيرا مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۱۹۹۶ ۽ ۱۹۹۸، ميمبر آرگنائزنگ ڪاميٽي سچل سرمست يادگار ڪاميٽي، انچارج تنوير عباسي ڪارنر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۽ ٻين ڪيترن ئي علمي ۽ ادبي ادارن ۽ عهدن تي منتظم طور خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.
اياز گل جي غزل جو گھاڙيٽو پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکندڙ آهي، سندس لهجو ۽ انداز نهايت نفيس ۽ ڪومل آهي، جيڪو بلڪل تخليقي آهي ۽ هن ڪنهن کان به اڌارو ناهي ورتو. سندس غزل جون هي سٽون ڏسو:
ڪيڏا ناڪام ٿي ويا آهيون،

صبح مان شام ٿي ويا آهيون.
هرڪو ماڻهو ائين ٿو دُور رهي،
ڄڻ ته الزام ٿي ويا آهيون.
اهي لفظ جيڪي اياز گل جي غزل جي سونهن جو سبب بڻجن ٿا اهي پاڻ ئي پنهنجو هڳاءُ محسوس ڪرائن ٿا جيڪي ڪنهن به تعريف يا تعارف کان گھڻو مٿي آهن. اهو ئي سبب آهي جو اياز گل عام ماڻهن توڙي دانشور طبقي کان ويندي وچولي سوچ وارن نوَن توڙي سينيئر ليکڪن ۾ هڪ جيترو ئي مقبول آهي. هن جي ڪتاب جي اهميت ايتري آهي جو مارڪيٽ ۾ اچڻ شرط هٿئون هٿ وڪامجي وڃي ٿو ۽ اها ڳالهه ڪنهن به ليکڪ لاءِ وڏي خوشي ۽ اطمينان جو پيغام آهي ته سندس پڙهندڙ ۽ ساڻس پيار ڪندڙن جو خاصو تعداد آهي.
اياز گل مثبت روين وارو پيارو شاعر آهي، جيڪو مسلسل سنڌي شاعريءَ جي حسن ۾ اضافو ڪندو رهي ٿو. شال هو سنڌي شاعري کيتر ۾ پنهنجي تازي فڪر جي خوشبو ڦهلائيندو رهي.

No comments:

راءِ ڏيندا