; سنڌي شخصيتون: محمد نواز بروهي - رياضت ٻرڙو

05 August, 2012

محمد نواز بروهي - رياضت ٻرڙو


محمد نواز بروهي
رياضت ٻرڙو
محمد نواز بروهي ڪمپيوٽر سائنس جو پروفيسر آهي. هو پنهنجي شعبي ۾ وڏي مهارت رکي ٿو ۽ دبئيءَ جي هڪ فرم ۾ ڪمپيوٽر سافٽ ويئر انجنيئر آهي. هن قنبر ۾ مختلف علمي ۽ تعليمي تنظيمن پاران معلوماتي ليڪچر پڻ ڏنا آهن. محمد نواز ۱۲ ڊسمبر ۱۹۶۱ع تي ڳوٺ خان مغل، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾، مئٽرڪ هاءِ اسڪول قنبر ۾، انٽر سائنس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾، بِي ايس سِي فزڪس ڊپارٽمينٽ، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري ۾ ۽ ايم ايس سِي ڪمپيوٽر سائنس ۾ قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد مان پاس ڪئي.


محمد نواز بروهي ۱۹۸۷ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي ڪمپيوٽر سائنس ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. کيس ڊاڪٽريٽ ڪرڻ لاءِ ۱۹۹۰ع ۾ اسڪالرشپ ملي ۽ هُو چين روانو ٿي ويو، جتي هن پهريائن مختلف ريفريشر ڪورس ۽ ٻوليءَ جا ڪورس ڪيا، جنهن کان پوءِ وڌيڪ تحقيق ڪئي. چين مان موٽڻ کان پوءِ هن ڪجھ وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهايو، پر ستت ئي دبئيءَ جي هڪ فرم ۾ مقرر ٿي ويو. سندس رهائش دبئي ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا