; سنڌي شخصيتون: وفا سولنگي - رياضت ٻرڙو

02 August, 2012

وفا سولنگي - رياضت ٻرڙو


وفا سولنگي
رياضت ٻرڙو
وفا سولنگيءَ جي شاعريءَ جو محور پيار ۽ محبت آهي. سندس غزلن ۾ اهڙو اظهار خوشبوءِ جيان سمايل آهي. پنهنجي وس آهر، شاعريءَ سان وفا ڪري رهيو آهي.


وفا سولنگيءَ جو ڇٺيءَ نانءُ عبدالرشيد ولد محبوب علي سولنگي آهي. هُو ۴ فيبروري ۱۹۷۹ع تي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي آهي. کيس کبڙي مڪان ويجهو ذاتي روزگار آهي.
۱۹۹۲ع ۾ وفا سولنگيءَ شاعريءَ جي شروعات مشهور شاعر سرمد چانڊيي  جي استاديءَ هيٺ ڪئي. ساڳئي وقت هُو س.ا.س. قنبر جو ميمبر ۽ ۱۹۹۴ع ۾ آڊيٽر ٿيو. هو ۱۹۹۹ع کان پوءِ ذاتي مسئلن سبب سنگت قنبر کان پاسائتو ٿي ويو. هاڻ ۲۰۰۷ع کان وٺي ٻيهر سنگت قنبر جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو آهي.
وفا سولنگيءَ ’صنم‘ سولنگي ۽ ’سعيد‘ سولنگيءَ جي نالن سان پڻ لکيو آهي.
سندس رهائش نصيرآباد روڊ سان، کبڙي مڪان ويجهو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا