; سنڌي شخصيتون: عبدالستار ڏيرو - رياضت ٻرڙو

05 August, 2012

عبدالستار ڏيرو - رياضت ٻرڙو


عبدالستار ڏيرو
رياضت ٻرڙو
هيءُ قنبر تعلقي سان واسطو رکندڙ سنڌ جو مشهور ڪامورو آهي. عبدالستار ولد غلام حيدر ڏيرو پهرين جنوري ۱۹۵۲ع تي ڳوٺ غلام حيدر ڏيري، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ بٺي مان پرائڻ کان پوءِ مئٽرڪ هاءِ اسڪول قنبر، انٽر سائنس گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۽ انجنيئرنگ (سول) ۾ گريجوئيشن (بِي اِي) ۱۹۷۵ع ۾ مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪئي. عبدالستار ڏيرو پورٽ قاسم اٿارٽي ڪراچي ۾ ۱۹۷۵ع ۾ ئي انجنيئر مقرر ٿيو، جتي ڏهه سال ڪم ڪرڻ کان پوءِ ۸۹-۱۹۸۵ع دوران گوادر پورٽ تي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر رهيو، ۱۹۸۹ع ۾ کيس ترقي ملي ۽ هُو پورٽ قاسم تي ميمبر آف بورڊ براءِ لئنڊ ۽ اسپيشل پراجيڪٽ مقرر ٿيو، جنهن دوران هن ۲۱ هزار ايڪڙ زمين ملڪي ۽ غير ملڪي ڪمپنين کي صنعتي ڪمن لاءِ تيار ڪري ڏني. ان عهدي تي هن ۱۹۹۲ع تائين ڪم ڪيو. جنوري-اپريل ۱۹۹۳ع ۾ هُو پورٽ قاسم ۾ سيڪريٽري، ۹۴-۱۹۹۳ع ۾ ٻيهر ميمبر پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ پورٽ قاسم، ۹۹-۱۹۹۷ع پرنسپل ايگزيڪيوٽوِ ايڊمنسٽريشن رهيو ۽ ۱۹۹۹ع کان وٺي ڊائريڪٽر جنرل طور پورٽ قاسم تي مقرر رهڻ کان پوءِ رٽائر ٿيو. هو انيڪ ڏيهي ۽ پرڏيهي اهم، ٽريننگس، سيمينارن ۽ گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪري چڪو آهي. کيس جيڪي سرٽيفيڪيٽ وغيره مليا آهن، تن ۾ پاڪستان انجنيئرس ڪائونسل، چارٽرڊ انسٽيٽيوٽ آف ٽرانسپورٽ انگلئنڊ، پورٽ پلاننگ سب ڪاميٽي آف انٽرنيشنل ايسوسيئيشن جاپان، ميمبر ڊريجنگ ٽاسڪ فورس سب ڪاميٽي جاپان، آمريڪن بايوگرافيڪل اسنٽيٽيوٽ پاران انٽرنيشنل ڪلچرل ڊپلوما آف آنر ۽ ”فائيوِ هنڊريڊ ليڊرس آف انفلوئنس“، انگلئنڊ بايوگرافيڪل اسنٽيٽيوٽ، ڊپٽي گورنر ريسرچ ايسوسيئيشن وغيره شامل آهن. سندس رهائش ڪراچيءَ ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا