تابش بخاري
جهنگ جهَر جو ماڻهو
مارُو جمالي
انسان جنهن سماج ۾ رهي ٿو، اهو ئي سماج سندس شخصيت تي گوناگون اثر
ڇڏي ٿو ۽ اهو ئي سماج سندس ڪردار جو تعين ڪري ٿو. اسان جنهن ڌرتي جا وارث آهيون
اها صوفين جي سرزمين سنڌ آهي، ان جو سماجي تاڃي پيٽو تصوف جي رنگ ۾ رڱيل آهي، اهو
ئي سبب آهي جو سنڌي ماڻهوءَ جي مزاج ۾ نياز ۽ نوڙت آهي. اهائي اباڻي نياز ۽ نوڙت
کڻي دادو تعلقي جي ننڍڙي ڳوٺ شير محمد ڏاوچ ۾ سيد رسول بخش شاهه جي ڪچي گهر ۾ اسان
جي يار تابش بخاريءَ ۱۲ جولاءِ ۱۹۶۵ع ۾ واڪو ڪري وجود جو اعلان ڪيو، جنهن جو اصل نالو
سيد شبير شاهه آهي.
تابش بخاري جنهن کي جيجل جي لولي ۽ ٻولي ٻهراڙيءَ جو نج ماحول، آسپاس
جا ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا ڪچي جي ڪوملتا، درياهه جي دلرباڻي ۽ دهشت فطرت طرفان ورثي ۾
مليون، ان جي شخصيت کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ جون محرڪ بڻيون. ڪي نخريلا نيڻ، استاد بخاري
۽ الهنواز رڪڻائي جي صحبت ۽ شفقت، سونهن ۽ سنگيت کيس شاعر بڻايو. ڪن مجبورين سبب
جڏهن ڳوٺ جي ڳلين کي الوداع ڪري دادوءَ جي جادوءَ ۾ جندڙي جياپو شروع ڪيائين ته
هتي مليس سنڌي ادبي سنگت جا يار، رجب آزاد، مشتاق ڀرڳڙي، علي محمد سولنگي، عادل
سخيراڻي، بشير سيتائي ۽ ٻيا ڪيترائي ۽ پوءِ ادبي سنگت سان هِن جو جيءُ جڙي ويو.
شاعري هِن کي سهارو ڏنو ۽ شهرت ڏانهن وٺي ويس. هونئن ته تابش جي سڃاڻپ جا ڪيترائي
حوالا آهن، پر ٽي حوالا تمام اهم آهن. پهريون سندس شعري مجموعو ”منهنجا شعر
منهنجون تصويرون“ ٻيو ايف ايم ۹۹
دادو ۽ منهنجي نظر ۾ ٽيون آهي سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو جي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ سال
۱۹۹۸ع سنڌ جي ڪهنه مشق شاعر سائين الهنواز رڪڻائي جي
شاعريءَ جو ڪتاب ”ڇُليون منڇر ڇوليون“ ڇپائڻ.
جڏهن اسان تابش جي شاعريءَ تي نظر ڊوڙايون ٿا ته اسان ڏسون ٿا سادي
ٻولي، سادا خيال، ٻهراڙيءَ جا ٻول، سونهن جي ساراهه، اکين جي آس، چاهتون، بي
وفايون، وچن ويساهه، وانگي، ولهار، وليون وڻ، ٻوٽا، ٻول، سياسي سماجي حالتن جو ذڪر
۽ فن تي دسترس، اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪيترائي ڪلام مختلف فنڪارن ڳايا آهن ۽ اهي
عوام ۾ مقبول ٿيا آهن. ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪندڙ تابش جي ذاتي زندگيءَ به سادي ۽
سونهن جي سڪ سان ٽٻٽار نظر ايندي.
سنڌ جي سرزمين سونهن، سڪ ۽ سُرن جي سرزمين آهي. ان ئي ڌرتيءَ جي شاعر
تابش بخاريءَ جي ڪردار جو جڏهن تعين ڪنداسين ته اهو هڪ فرض شناس استاد ذميوار ۽
شفيق پيءُ مهربان ۽ بااعتماد دوست، نياز ۽ نوڙت ڪندڙ انسان، سادو سٻاجهو، مهمان
نواز، حال حبيبان پيش پريان ڪرڻ وارو ماڻهو سونهن ۽ سنگيت کي ساهه ۾ سمائيندڙ
مولائي مڙس لڳندو. سادو ايڏو جو پنهنجي شعر تي کڳيون هڻڻ بجاءِ ٻين کي دل کولي داد
ڏيندو، مڃتا ڏيندو. نوجوانن، شاگردن، استادن، اڻ پڙهيل ڳوٺاڻن، مزدورن، هارين،
آفيسرن سڀني سان ساڳيو لهجو، ساڳيو سڀاءُ، ساڳي نماڻي نگاهه، ڪڏهن ڏس ته اسٽيج
سيڪريٽري جا فرض پيو نڀائي، ڪڏهن ڏس ته فنڪارن جي ڪلبن تي ساز ويٺو وڄائي، ڪڏهن ڏس
ته مشاعري ۾ شعر پيو پڙهي، ڪڏهن ڏس ته ادبي پروگرام جون ڪرسيون پيو سيٽ ڪري،
مهمانن کي پاڻي پيو پياري، ڪڏهن ته وري ايف ايم تي پروگرام پيو ڪندو، ٽي وي تي شعر
پيو پڙهندو، ائين ئي ڪڏهن ڪلين شيو ٿي ڳڀرو پيو ڏسبو، ڪڏهن هيئر ڪلر هڻي نوجوانن ۾
شمار پيو ٿيندو ته ڪڏهن مڇون مٿو اڇو پوڙهن واري ڏِکَ پيو ڏيندو.
تابش جي دوستيءَ جو هلڪو تمام وسيع آهي، هو شهر ۾ رهي به ڳوٺاڻن
جهڙيون ڳالهڙيون ڪندو آهي، ملڻ جلڻ ۾ ڳوٺاڻن جيان اٿي بيهي ڀاڪر پائي ملندو. وڏائي
سندس وجود ۾ ئي ڪانهي. نماڻائي ته کيس سنڌ جي صوفين وٽان ورثي ۾ مليل آهي، هو
استاد بخاري جي تر جو ماڻهو آهي، هُو جهنگ جهَر جو ماڻهو آهي، هو درياءَ جو دادلو
آهي، هو ڪچي جو قربدار ماڻهو آهي، هُو ٻيلي جو ٻهڳڻ ماڻهو آهي، هُن سان منهنجي
ياري آهي، هو تابش بخاري آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا