; سنڌي شخصيتون: صابر فقير ڪلهوڙو - رياضت ٻرڙو

05 August, 2012

صابر فقير ڪلهوڙو - رياضت ٻرڙو


صابر فقير ڪلهوڙو
رياضت ٻرڙو
هيءُ پنهنجي دَور جو عالم، بزرگ، شاعر، ليکڪ ۽ ڪاتب هو. پڙهڻ لکڻ سان چاهه هئس. صابر فقير ولد ميان حال اللھ ڪلهوڙو ۱۷۹۵ع تي ڳوٺ ڀاوند لاکا، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. سندس قلمي نسخن جي زيارت لاءِ پري پري کان عقيدتمند ڪَهي ايندا هئا، جن کي هُو پنهنجا لکيل نسخا سوکڙي طور به ڏيندو هو. هن قرآن شريف جا ڪيترائي قلمي نسخا لکيا، تنهن کان سواءِ علم ابجد، شجري سازيءَ ۽ اسلام جي تاريخ تي به لکيائين، جن ۾ عربي، فارسي ۽ ابوالحسن جي سنڌي استعمال ٿيل آهي. سندس لکيل ڪجھ قلمي نسخن جا نالا هن ريت آهن: ڪنزالعبرت ، تاريخ عالم اسلام ، لغات نامه (عربيءَ ۾)، مدحيات ميان محمد حسن، فالنامه (فارسيءَ ۾)، طبِ فارسي، غزل عشق (فارسيءَ ۾)، فوائد والتسخير في علم الوقف والتڪبير (عربيءَ ۾)، مڪتوباتِ انشائيه (فارسيءَ ۾)، سورت واضحى مبارڪ جو تفسير ، علم ابجد، يوسف زليخا جو قصو، وغيره. اهو قلمي ذخيرو سندس پويَن وٽ زبون حالت ۾ موجود آهي. هن قرآن شريف جا لڳ ڀڳ ۲۰ قلمي نسخا لکيا. هن ۱۸۷۹ع ۾، هڪ نسخي ۾ ترجمو ۽ شرح فارسيءَ ۾ به لکي. سندس وفات ۱۹۱۳ع ۾ ٿي. کيس ڀاوند لاکا جي مقام ۾ دفنايو ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا