طارق اشرف
ڪهاڻيڪار، نقاد ۽ ايڊيٽر
رضوان گل
ايمرسن پنهنجي هڪ تقرير ۾ چيو هو
ته: ”اسان کي ٺهيل ٺڪيل نقلي ماڻهو ڪونه ٿا کپن جيڪي چاٻي ڦيرائڻ سان ادبي لفاظي
يا ڪا ٻي ڪرت ڪري سگھندا هجن، پر پاڻ کي ته ڪجهه اهڙن شخصن جي گھرج آهي جيڪي
پنهنجي ارادي جي سگھ ڪتب آڻيندي سمجھداريءَ سان ڪنهن به نئين ڪم ۾ هٿ وجھي سگھندا
هجن.“ هي لفظ سنڌي ادب کي نئون موڙ ڏيندڙ بيباڪ ڪهاڻيڪار طارق اشرف جي ڪيل ڪارنامن
سان بلڪل ٺهڪندڙ آهن. ڇا لاٰءِ ته طارق اهو قلمڪار هيو جنهن روايتن جي قيد و بند
کان آزاد ٿي پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪم ڪيو. هن پنهنجا دڳ پاڻ ٺاهيا ٻين جي گسن تي
هلڻ سندس طبعيت ۾ نه هو.
سن ۱۹۴۰ ۾ حيدرآباد ۾ جنم وٺندڙ طارق
اشرف جهڙي ريت ڪهاڻي سان پنهنجو ناتو نڀايو، ساڳي طرح پبلشنگ وارو ڪم به منفرد
انداز ۾ ڪيو. سندس انداز مان متاثر ٿيندي بعد ۾ ٻين ماڻهن پڻ جهڙيس ڪوششون ڪيون.
جڏهن سنڌي ادب ذريعي مختلف مزاحمتي لاڙا اڀريا ۽ خاص طور ون يونٽ واري زماني ۾
اديبن کي جيلن ۾ وڌو ويو، ته طارق اشرف عملي طور به ميدان ۾ لٿو. هن دل کولي لکيو
۽ وقت جي حڪمرانن سان به سڌي سنئين ريت مخاطب ٿيڻ کان نه ڪيٻايو. سنڌ ۽ سنڌين جي
حقن جي ڳالهه ڪندي هن ڪنهن به پلئـٽفارم تي مصلحت کان ڪم نه ورتو.
جتي به طارق اشرف جو ذڪر ٿيندو ته
اتي ماهوار ”سهڻي“ جو ذڪر به ائين ئي ٿيندو جيئن سهڻيءَ سان گڏ ميهار جو. ”سهڻي“ رسالو
طارق کان پوءِ وري ڪنهن نه ڪڍيو. ”سهڻي“ طارق اشرف جي سڃاڻپ جو اهم حوالو آهي،
جيڪو ان وقت نيون سوچون، فڪر ۽ سنڌي ادب ۾ جديد روايتون کڻي آيو. سنڌي ادب ۾ طارق
اها به نئين روايت وڌي ته هن اديبن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ انهن جي جيئري ”سهڻيءَ“ جا
يادگار نمبر ڪڍيا. ان کان اڳ رسالن ۽ اخبارن جا خاص نمبر فقط وڇڙي ويل اديبن تي ئي
نڪرندا هئا. اهڙي ريت طارق انهيءَ پراڻي روايت ۾ هڪ نئين تبديلي پڻ آندي.
ڪنهن به رسالي کي مستقل جاري رکڻ
انتهائي مشڪل ڪم هوندو آهي پر اهو مشڪل ڪم هن تمام محنت ۽ خوشيءَ سان سرانجام ڏنو.
”سهڻيءَ“ جا ايڊيٽوريل ان دؤر جي حالتن جي تاريخ سان گڏوگڏ طارق اشرف جي سنڌ سان
جذباتي لڳاءُ جو داستان آهن. طارق جي بيباڪيءَ سان سچ چئي ڏيڻ واري عادت ان وقت جي
اقتدار ڌڻين کي نه وڻي، جنهن ڪري کيس تمام گھڻين تڪليفن ۽ مشڪلن سان منهن ڏيڻو
پيو. سهڻي رسالي تي پابندي مڙهي، هن جي گھر مٿان چڙهائي ڪرائي وئي، جنهنڪري کيس
مجبوراً روپوش به ٿيڻو پيو.
سهڻيءَ جا نسيم کرل، امر جليل ۽
شيخ اياز نمبر سنڌي ادب ۾ انقلابي تبديلي هئا، جن تي ان دور ۾ وڏا بحث مباحثا به
ٿيا. طارق اشرف بحيثيت ايڊيٽر پنهنجون سموريون صلاحيتون ”سهڻيءَ“ لاءِ صرف ڪيون.
نوَن ليکڪن کي سينيئر ليکڪن سان گڏ جاءِ ڏئي انهن جي همت افزائي به ڪيائين، ته
ساڳي وقت وري ڪيترن ئي سيکڙاٽ ليکڪن جون لکڻيون واپس به ڪري اماڻيائين، جن ۾ اصلاح
جي تمام گھڻي گنجائش هوندي هئي. اهو ان ڪري به ته هن سهڻيءَ کي هڪ ڀرپور ۽ معياري
رسالو بڻائڻ ٿي چاهيو، جنهن ۾ هو سڦل به ٿيو. سهڻيءَ ۾ مواد شايع ٿيڻ ڪنهن به اديب
لاءِ سند جي حيثيت رکندو هو. اڄ ڪلهه ڪمشرل ازم جو دؤر آهي، هرڪو ڪمائي خاطر پيو
ڪم ڪري. ڪي ٿورا ماڻهو آهن جيڪي ادب جي خدمت جي جذبي تحت ادبي مخزن ڪڍي رهيا آهن،
پر طارق اشرف جو اهو سهڻيءَ سان عشق هو جو مالي طور نقصان ۾ وڃڻ باوجود به هن
مسلسل ان عشق سان نڀاءُ ڪيو.
طارق اشرف بنيادي طور هڪ بيباڪ ڪهاڻيڪار
هو، ”بک“ ۽ ”چهڪ“ سندس يادگار ڪهاڻيون آهن. ان کان علاوه ”روپ ٻهروپ“، ”اُڻ تڻ“،
”ملنگ جو نعرو“ ۽ ”منهن ڪارو“ پڻ سندس تخليق ڪيل بهترن ڪهاڻين منجهان آهن. انهن
ڪهاڻين جا ڊائلاگ ۽ منظر ڪشي دل ۾ پيهجي وڃن ٿا. اهي ڪهاڻيون اجتماعي سماجي دردن،
ناانصافين، محرومين، زيادتين، ڇرڪائيندڙ حادثن ۽ واقعن جو داستان آهن.
طارق اشرف جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”جيل ۾
ٻاويهه مهينا“ (ڀاڱو پهريون)، ”اڌ ملاقات“ خط، ”جيل گھاريم جن سان“، ”جيل ۾ ٻاويهه
مهينا“ (ڀاڱو ٻيو)، ”زندگي تنها مسافر“ ڪهاڻيون، ”هٿين هٿ ڪڙول“ جيل جي ڊائري،
”سونهن پٿر ۽ پيار“ ڪهاڻيون، ”ميرو ڌاڙيل“ ناول، ”انٽرويو“، ”درد جا ڏينهن درد جون
راتيون“ ۽ ”بند اکين ۾ ڪجهه يادون ڪجهه سپنا“ شامل آهن.
موت اهڙي اٽل حقيقت آهي جنهن کان
دنيا جي عظيم ڏاهن، فلسفين، دانشورن ۽ مفڪرن به انڪار ناهي ڪيو. ان ئي بي مهلي موت
طارق اشرف کي ۱۴ اپريل ۱۹۸۲ع تي اسان کان جدا ڪيو. پر هو اڄ به ساهت جي رستي تي
موت مٿان به حاوي آهي بقول استا بخاري:
مٿي ۾ اٿئون زندگيءَ
جي هوا،
اسين تيز رفتار آهيون سو آهيون.
اڙي! موت ساهت جي رستي مٿان،
اسين تو تي هسوار آهيون سو آهيون.
اسين تيز رفتار آهيون سو آهيون.
اڙي! موت ساهت جي رستي مٿان،
اسين تو تي هسوار آهيون سو آهيون.
No comments:
راءِ ڏيندا