; سنڌي شخصيتون: ليلومل - پير علي محمد راشدي

01 August, 2012

ليلومل - پير علي محمد راشدي


ليلومل
پير علي محمد راشدي
عام چوڻي هوندي هئي ته ”واڻيو ڳوٺ جي سونهن آهي“. جنهن ڳوٺ ۾ واڻئي جو هٽ نه هوندو، ان ڳوٺ کي نه مڪمل سمجهيو ويندو، نه ان جي رهاڪن کي سکيو ستابو. ”واڻئي“ جي معنيٰ هوندي هئي ٻهراڙيءَ جو هندو ننڍو دڪاندار.
ڳوٺ جي ”واڻئي“ سان ڏاڍائي ڪرڻ يا ان کي نقصان پهچائڻ يا ان جي مذهبي ضرورتن ۽ روايتن جو لحاظ نه رکڻ، نامردي ۽ خسيسپڻو سمجهيو ويندو هو.


ساڳئي وقت ”واڻيا“ به ڪن خاص حدن اندر پيا رهندا هئا. سندن ڪم ڪم سان، يعني پنهنجي واپار سان هوندو هو، ٻين معاملن ۾ مداخلت ڪا نه ڪندا هئا. هميشه هيٺانهين وٺيو پيا هلندا. پاڻ کي ”ڪچيءَ پنڊيءَ“ سان مشابهت ڏيندا. معزز مسلمان کي ڏسندا ته نِوڙي سلام ڪندا. گڏهه يا گهوڙي تي چڙهيل هوندا ته هيٺ لهي، رستو ڇڏي بيهي رهندا. قرآن مجيد جي اهڙي ئي عزت ڪندا، جهڙي گيتا جي. قرآن مجيد ڏسي، ڪڏهن ڪوڙ ڪو نه ڳالهائيندا. مسجدن ۾ راتين جو ڏيئا ٻاري رکندا. پير سيد کي پيرين پئي گڏبا. مهيني جي يارهين، جنهن تاريخ کي حضرت غوث الاعظم سان نسبت آهي، مسلمانن کان به وڌيڪ ملهائيندا: اولهه ڏانهن نه پيرُ ڊگهو ڪندا ۽ نه ان پاسي کٽ جا پير ئي ڪندا. سوئر جي گوشت کي مسلمانن وانگر حرام سمجهندا. سارو سال مسلمانن کي اوڌر کڻائيندا رهندا، ۽ سال جي پڇاڙيءَ ۾ جڏهن ديرو بٽائي ٿيندو، تڏهن ئي پنهنجي رقم وصول ڪندا. سندن لباس به سندن روش جهڙو ئي سادو هو. مردن کي پير ۾ جوتو يا گهيتلو، هيٺتي ڌوتي، جسم تي لنڊو چولو، چولي اندر جڻئي جو ڌاڳو، مٿي تي معمولي ڀرت سان ڪپڙي جي ننڍي ٽوپي يا مختصر پڳڙي. زالون هيٺتي پڙو، جسم تي ڀريل ڳچيءَ سان چولِي، ۽ مٿي تي اڇو رئو پائينديون. سواءِ پنهنجي اولاد يا پنهنجن ننڍن جي، ٻين سڀني مردن جي اڳيان منهن ڍڪي هلنديون، حتاڪ گهر ۾ پنهنجن مڙسن اڳيان به گهُنڊ ڪڍنديون. جوان زالون گهرن اندر پردي جي حالت ۾ رهنديون، سواءِ ڏِڻ وارَ يا شاديءَ غميءَ جي، ڳوٺ جي وڏيري جي گهر ۾ به نه اينديون. منجهانئن غير شادي شده نڪ ۾ پاسي ڏانهن ننڍي بولي پائينديون. شادي شده سڌو بولو پائينديون، جيڪو مٿئين چپ جي مٿان لڙڪندو رهندو. ڪنن ۾ حيثيت آهر چانديءَ يا سون جا پنڙا.
مسلمان ڳوٺاڻن جي مقابلي ۾، هندن کي پنهنجن گهرن ۽ دڪانن يا هٽن کي صاف رکڻ جو وڌيڪ اونو هوندو هو. هفتي ۾ هڪ-اڌ دفعو ساري فرش تي نئون ليپو پائيندا. ڏياريءَ جو ڏڻ ايندو ته ڀتين کي چوني جو هٿ ڏيندا ۽ انهيءَ تي ڳاڙهي رنگ سان پنهنجن ديوتائن جون مورتون ڪڍندا، وهنجندا هر روز، منجهند کان اڳ، جسم تي صابڻ جي جاءِ تي ميٽ مکيندا. سيارو هوندو ته وهنجڻ کان اڳ بدن تي سرنهن يا ڄانڀي جي تيل جي مالش ڪندا. غسل گهر کان ٻاهر رستي تي ڪندا. پاڻي مٿي تي پرٽائيندا. ”رام رام“ چوندا ۽ هلندا رهندا، جيئن غسل جو پاڻي هڪ جاءِ تي جمع ٿي، گپ نه ڪري وجهي. ڳوٺ جي ڀر ۾ واهه هوندو يا ڪا ڍنڍ يا ڍورو يا کڏ، ته علي الصباح وڃي ان ۾ پوندا. حساب ڪتاب ڪاٺ يا پاٺي جي ڦرهين تي لکندا، ”هندو سنڌي“ اکرن ۾. ”عربي سنڌي“ اکر کين گهڻو ڪري ڪين ايندا هئا، پر منجهانئن جن اسڪولن ۾ پڙهيو هوندو، سي به پنهنجو حساب لازماً ”هندو سنڌي“ رسم الخط ۾ ئي لکندا. چٺي چپاٽي پڻ هڪٻئي ڏانهن ”هندو سنڌي“ ۾ لکندا. اڄ تائين ڪنهن شايد اها تحقيق ڪانه ڪئي ته اها مخصوص ”هندو سنڌي“ ڪڏهن کان شروع ٿي. ڪنهن ڳوٺ اندر هندن جا ٻه - چار گهر هوندا ته اُت مڙهي به ٺاهيندا، جنهن ۾ ديوتائن جون مورتون رکيل هونديون ۽ اُت پاٺ پوڄا لاءِ وقتًا فوقتًا ويندا رهندا. سُکائون ۽ باسون گهڻو ڪري مسلمان درگاهن ۽ پِيرن تي ئي باسيندا. ڪنهن مسلمان پير جي درگاهه يا مزار تي ميلو لڳندو، ته هندو به ان ۾ انتهائي خلوص نيت سان وڃي شريڪ ٿيندا. چوندا هئا: ”الله جي پيارن، چڱن موچارن ۾ سڀني جو حصو ٿئي ٿو. پِير ڪنهن ورهائيا ڪين آهن!“
ان عام تصوير کي سامهون آڻڻ کان پوءِ، ليلي مل جو قصو عرض آهي.
سرڳواسي اسان جي ڳوٺ ۾ رهندو هو. مون کيس سندس پڇاڙيءَ واري زماني ۾ ڏٺو، جڏهن پوڙهو ٿي چڪو هو. کيس جوان پٽ به هوندا هئا، پر هٽ جو ڪاروبار پڇاڙيءَ تائين پاڻ هلائيندو رهيو. ڪاروبار تمام مختصر هوس، ساري هَٽ اندر شايد ڏهن رپين جي موڙيءَ جو سامان به ڪونه رکي سگهندو هو. هٽ ۾ هوندو ڇا هوس؟ تيل جو سير-اڌ، گاسليٽ جو شيشو، چانورن، ڪڻڪ، جوئر ۽ ٻاجهريءَ جا ٻه-ٻه سير، لوڻ، مرچ، ڌاڻا، گيهه جو سير-سوا، ناس، تماڪ، ماچيس، سُتيون، سٽ جا ڌاڳا، لالٽين ڇاپ سگريٽن جا ٻه-ٽي پاڪيٽ (ان قسم جي سگريٽن جو هڪ پاڪيٽ انهن ڏينهن ۾ هڪ پئسي ۾ ملندو هو)، مٿي يا ڏاڙهيءَ ۾ وجهڻ لاءِ مينديءَ جي پنن جا ٻه-ٽي ٻڪ، ۽ مڪتب جي شاگردن ۽ استادن جي دفتري ضرورتن پوري ڪرڻ لاءِ فلوسي پنن جو هڪ دستو موجود رکندو هو، ۽ هڪ پئسي ۾ هڪ پنو پيو وڪڻندو هو. ان کان سواءِ ٻارن جي واپرائڻ لاءِ ڪجهه ٻيون ”شيون شڪليون“ به موجود رکندو هو: مثلًا مٺائي، ڀڳڙا، جوئر جا ڦُلا وغيره وغيره.
ليلي مل جي هڪ ڪمزوري سندس هَٽ جي سمورن گراهڪن کي معلوم ٿي ويل هئي. هو الله تعاليٰ جي نالي ٻڌڻ سان ڏڪي ويندو هو. گراهڪ کانئس پهرين سودو تورائي پنهنجي هٿ ڪندا، ان کان پوءِ چوندس ”ليلا مل، سودو ته ڏنئه، پر خبر نه آهي ته اگهه ڪهڙو ڏنئه، ۽ تور ڪيئن بيهاريئه، ڌڻيءَ کان ڊڄجانءِ!“ ڌڻيءَ جو نالو ٻڌڻ ۽ ليلي مل جو ڪنبڻ. ڊوڙي وڃي ساڳيءَ شيءِ مان وڌيڪ ٻه ٻُڪ ڀري آڻي گراهڪ جي جهوليءَ ۾ وجهندو! اسان ليلي مل جي هٽ جي پاسي ۾ مڪتب ۾ پڙهندا هئاسون. مڪتب مسجد شريف ۾ هوندو هو. خرچيءَ طور روزانو ٻه پئسا ملندا هئا، اهي کڻي وڃي ليلي مل وٽ رسندا هئاسين. شي وٺڻ کان پوءِ چوندا هئاسونس:”ليلامل، ڪجهه ڌڻيءَ جو به خوف ڪر، ٽڪي ۾ ڇا ڏنو اٿئي؟“ جيتري شي ٽڪي ۾ پهرين ڏني هوندائين، ان کان سوائي هينئر آڻي اسان کي ڏيندو. اسين پنهنجي ڪاميابيءَ تي کلندا، شي کائيندا، موٽي اچي مڪتب ۾ رسنداسين. ان خصوصيت سبب ليلومل نفعو گهٽ ڪمائي سگهيو، ۽ هٽ جي آمدنيءَ مان سندس گهر ٻار جو پلجڻ مشڪل ٿي پيو. پڇاڙيءَ ۾ تيل پيڙهڻ جو گهاڻو به چالو ڪيائين، جنهن مان ڪجهه قدر ڪمي پوري ٿيندي رهيس. گهاڻي جي ڏاند سان گڏ کيس هلندو ڏسي، ماڻهو ٽوڪون ڪندا هئس: ”ليلا مل، هاڻي گهاڻي ۾ پيو ڏاند وانگر وهين؟“
وراڻي ڏيند هو: ”ميان، يار پيو ٿو گهاڻي سان گهمائي. جا وڻيس سا واه! اهو به شڪر آهي، جو گهاڻي جي ٻاهران پيو گهمائي، جي خود گهاڻي اندر وجهي پيڙهائي ها ته کيس ڪير چوي ها؟“ ائين چوندو، ڏاند جي پٺيان هلندو رهندو.
ڏياريءَ واري عيد ايندي، ته ليلي مل لاءِ قيامت کڙي ٿي ويندي، شهر جا سمورا ٻار خالي ٺڪر جا ڏِيئا کڻي وڃي سندس هٽ تي جمع ٿيندا: ”ليلا مل ڪڪڙا ڏي، تيل ڏي، ڦٽاڪا ڏي، سوسڙيون ڏي“. “ليلي مل، حتي الوسع اهي وَٿون منجهن ورهائيندو ويندو. جڏهن سامان هٽ مان کُٽي ويندس، تڏهن ڇوڪرا مشعلون ٻاري هلندا، پر هلندي هلندي، سندس احسان جو بدلو هي ڏيندا ويندا، چي:
”عيد مشعالو، ليلي جو منهن ڪارو!“
ليلومل پاڻ کلندو رهندو، چوندو: ”ڇوڪراڻي پوتِي، ڌوتِي نه ڌوتِي!“
سندس وڏي پٽ، هڪ ڏينهن، کيڏندي کيڏندي، شهر جي هڪ گابي کي ماري وڌو. وڏو پاپ جهڙو ڪم ٿي پيو! ڇوڪري کي کڻي وڃي ٽڪاڻي ۾ ڇڏي آيو، جتي ساري عمر بطور ساڌوءَ جي گذارڻي پيس، ۽ وڌندي وڌندي وڃي پير ڳوٺ جي مرڪزي ٽڪاڻي جو مکيه ٻائو بڻيو. ليلي مل پاڻ پٽ جي ان پوزيشن مان به ڪڏهن فائدو ڪونه ورتو. چوندو هو، ”ساڌن فقيرن کي ڏبو آهي، کانئن وٺبو نه آهي“.
قرض کڻائيندو هو ته ڪاٺ جي ڦرهين تي حساب لکندو ويندو هو. هڪ دفعي ڪي مقروض چور سندس سموريون ڦرهيون کڻي ويا. پاڙي وارا همدردي ڪرڻ آيس. پاڻ چيائين: ”چڱو ٿيو، پنهنجي به جان ڇڏايائون ۽ اسان جي به! کين چنتا هوندي هئي قرض ڏيڻ جي، ۽ اسان کي چنتا رهي ٿي رقم وٺڻ جي: هاڻي حساب جون ڦرهيون ويون ته اهي چنتائون به لهي ويون، ڀل سندن ئي ڀت گهاٽو هجي!“
ليلي مل جي ڌرم پتني، مائي ”موٽوءَ ماءُ“، پڻ پنهنجي مڙس جهڙي ئي نيڪ نفس هوندي هئي. سندس ڪم هوندو هو صبح جو رستن تي ٻهاري ڏيڻ، جيئن ماڻهن کي پيرن ۾ ڪنڊا نه لڳن، ۽ رات جو بلاناغي ڀر واريءَ مسجد شريف ۾ ڏيئو ٻارڻ. ۽ شب معراج ايندي ته سڄيءَ مسجد ۾ ڏيئا ٻاري چراغان ڪندي. قرآن مجيد تي اچي باسون باسيندي، حاجت پوري ٿينديس ته حال سارو ڪپڙن جي پوتي کڻي آڻي قرآن مجيد کي پهرائيندي.
شهر ۾ ڪنهن کي ماتا نڪرندي ته لولِي ڏيڻ لاءِ ”موٽوءَ ماءُ“ اچي موجود ٿيندي. ڌوتل اڇا ڪپڙا پائي ايندي. مريض کي صاف بستري تي سمهاريندي. فرش تي واري وڇارائي، مٿانئس پاڻيءَ جي ڇڻڪار ڪرائيندي. گهر اندر گوشت جو اچڻ ۽ پچڻ بند ڪندي. پکو هٿ ۾ ڪري، پاڻ مريض جي ڀر ۾ ويهي لولِي ڏيڻ شروع ڪندي:
”مائي ڏاڻ ڏيندي، پنهنجو پاڻ ڏيندي...
مائي پنهنجي گُلڙن کي پاڻي پاڻ ڏيندي.“
مٺي سُر سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ اها لولي به هلندي رهندي ۽ پکو به ڦرندو رهندو. ماتا جا داغ سُڪي ويندا ته ليمي يا نم جا پن پاڻيءَ ۾ وجهي، ان پاڻيءَ سان مريض کي غسل ڪرائيندي. ان غسل کي ”مٿي تي پاڻي وجهڻ“ چوندي هئي. غرض ته ساري ڳوٺ جي ماڻهن سان موٽوءَ ماءُ پئي ڀال ڀلائيندي هئي.
عام عقيدي موجب، بهشت برين مخصوص ته آهي مسلمانن لاءِ، پر آءٌ سمجهان ٿو ته ان جي ايڏين وسعتن اندر، ڪنهن ڪنڊ پاسي ڏانهن، جيڪڏهن اهڙي ڪنهن غير مسلم جوڙي لاءِ به ڪا گنجائش نڪري آئي، ته رب العالمين جي شان کان بعيد نه هوندو!

No comments:

راءِ ڏيندا