قمر شهباز
ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ ڪالم نگار
رضوان گل
سنڌي ادب جون ڪجهه شخصيتون اهڙيون
به آهن جن هڪ ئي وقت شاعري، ڪهاڻي، ڊرامي، ڪالم نگاري ۽ فنون لطيفا جي مختلف شعبن
۾ خدمات سرانجام ڏنيون آهن. عام طور اهو تاثر هوندو آهي ته گھڻن شعبن ۾ ڪم ڪرڻ کان
بهتر آهي ته ڪنهن به هڪ شعبي ۾ ڪم ڪجي، ان طرح تخليقي سطح تي بهتر نتيجا حاصل ڪري
سگھجن ٿا، پر ادب جي مختلف شعبن ۾ جن ماڻهن تمام ڀرپور نموني لکي پاڻ ملهايو، اهڙن
تخليقڪارن ۾ قمر شهباز جو نالو تمام وڏي اهميت جو حامل آهي. هن نه فقط ڪهاڻي پر
شاعري، ڪالم نگاري ۽ هدايتڪاري کان علاوه ڪيترائي ڊراما، فيچر، خاڪا، فلمي ڪهاڻيون
۽ اسڪرپٽس پڻ لکيا. قمر شهباز جو نالو سنڌ جي انهن اديبن ۾ شمار ٿئي ٿو جن تمام
گهڻو لکيو آهي.
قمر شهباز ولد محمد مقبول ٻگهيو ۱۳
اپريل ۱۹۳۸ع تي نواب شاهه ۾ جنم ورتو. بنيادي ۽ ثانوي تعليم بعد ڪراچي يونيورسٽيءَ
مان انگلش ۾ ايم. اي ڪيائين ۽ مختلف ڪاليجن ۾ بحيثيت ليڪچرار ۽ اسسٽنٽ پروفيسر
پڙهائيندو رهيو. ايس ايم ڪاليج ڪراچي مان سندس تقرري ڪنڌڪوٽ ڊگري ڪاليج ۾ پرنسپال
طور ٿي، جنهن بعد ملازمت جي حوالي سان سندس مصروفيتون هن ريت رهيون: ڊائريڪٽر
پاپوليشن ڊويزن اسلام آباد، ڊائريڪٽر ايڪسپورٽ ائنڊ انٽرنيشنل افيئرس، ڊائريڪٽر
آءِ ٽي سي، جنرل مئنيجر ايڪسپورٽ ائنڊ ٽريڊ فيبرڪس، اٺن سالن تائين ريزيڊنٽ
ڊائريڪٽر گهي ڪارپوريشن آف پاڪستان، ڊائريڪٽر ٽريڊ ڪارپوريشن، چيئرمئن ايڪسپورٽ
پروسيسنگ زون ۽ سن ۱۹۹۸ ۾ انهيءَ عهدي تان رٽائرمينٽ. جئين مٿي ڏنل تفصيل مان ظاهر
آهي ته ملازمت جي حوالي سان قمر شهباز انتهائي اهم عهدن تي فائز رهيو ۽ پنهنجي
ڀرپور صلاحيتن سان ترقيون پڻ ماڻيائين. انهيءَ دؤران هن مختلف ملڪن جا دؤرا پڻ
ڪيا، جن ۾ برطانيا، جرمني، آمريڪا، فرانس، سئٽزرلئنڊ، عرب امارات، بيلجيم،
يوگوسلاويا، سعودي عرب، ملائيشيا، سريلنڪا، سنگاپور، ڪويت، رومانيا، ٿائيلئنڊ،
مصر، هالينڊ، چين ۽ هانگ ڪانگ وغيره شامل آهن.
قمر شهباز لکڻ جي شروعات ۱۹۵۴ ۾
ڪئي. هن پنهنجي ڪالمن ۽ ڪهاڻين ذريعي سنڌ
جي مسئلن ۽ پيڙهيل طبقي جي هيسيل ماڻهن جي نمائندگي ڪئي. هن جابر ڪردارن جي پت
وائکي ڪري عام ماڻهن ۾ شعور بيدار ڪرڻ لاءِ بيباڪي سان مسلسل قلم ذريعي جنگ جوٽي.
قمر شهباز سنڌ جي نوجوان صحافين ڏانهن پنهنجي ڪتاب ”ضمير جو موت“ جي ارپنا ۾ لکيو
آهي: ”سنڌ جي نوجوان، بي خوف ۽ سورهيه صحافين جي نانءِ، جن روايتي خوشامندي، لوڀي
۽ وڪاميل صحافت جا جُهونا ڪوٽ ڪيرائي، نئين صاف سٿري، وطن دوست ۽ سڄاڻ صحافت جو
پايو وڌو آهي. شل سندن محنت، محبت ۽ سچائي سنڌڙيءَ جي سيني تي جلندڙ نفرت جي آڳ
اُجهائي سگهي!“ اها سنڌ جي صحافين جي نانءِ ڪيل ارپنا قمر شهباز جي سنڌي نوجوان
صحافين ۽ سنڌ لاءِ اٿاهه محبت ۽ عقيدت جو ثبوت به آهي ته سندس پيغام پڻ.
قمر ۽ امر اهي ٻئي نالا سنڌي ادب ۾
پنهنجي انفرادي انداز وارين لکڻين سبب الڳ مقام ۽ حيثيت رکندڙ آهن. هميشه قمر ۽
امر جو ذڪر گڏيل طور نڪرڻ جو اهم سبب قمر شهباز ۽ امر جليل جي تمام قريبي دوستيءَ
آهي. امر جليل جيڪو سنڌي ڪهاڻي ۽ ڪالم نگاريءَ ۾ پنهنجو هڪ جدا مقام ۽ سڃاڻپ جو
منفرد حوالو رکندڙ آهي، تنهن قمر شهباز کان ئي متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجو
نالو قاضي عبدالجليل مان قمر جي نالي سان ٺهڪندڙ نالو ”امر“ رکيو. امر جليل جهڙي
ٺهه پهه سچ لکندڙ ڪهاڻيڪار جيڪو نوجوانن لاءِ آدرشي ڪردار بڻجي چڪو آهي، کي ادب جي
ميدان ۾ وٺي اچڻ جو ڪريڊٽ پڻ قمر شهباز ڏي ئي وڃي ٿو.
قمر شهباز مختلف سماجي ۽ تعليمي
سرگرمين ۽ ادارن سان پڻ واڳيل رهيو آهي، جن ۾ ايڊيوڪيشن سوسائٽي، ميمبر ائڊوائيزري
ڪاميٽي براڊڪاسٽنگ، ميمبر سينٽرل بورڊ آف فلم سينسر، ميمبر بورڊ آف گورنرس پاڪستان
نيشنل ڪائونسل آف آرٽس، ميمبر سچل چيئر ۽ ميمبر شيخ اياز چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، وائيس پريزيڊنٽ پيس ڪاميٽي ڪراچي،
سرپرست آل سنڌ وومين ايسوسيئيشن ۽ مارئي فورم وغيره شامل آهن.
قمر شهباز پنهنجي لکڻين ۾ ڪڏهن به
ڪا مصلحت واري ٻولي يا انداز اختيار نه ڪيو. سندس نثر توڙي نظم جو محوّر ۽ مرڪز
سنڌي ٻولي، ڪلچر ۽ سنڌو سڀيتا جي سونهن کان ويندي انهن مڙني مسئلن ۽ مونجهارن تي
مشتمل آهي، جيڪي اڄ به ساڳئي ريت موجود آهن. سنڌ سان سندس عشق جي اظهار واريون چند
سٽون ڏسو:
* رات انڌيري ڪيسين،
نيٺ اُجالو ٿيندو،
سک جو سورج ڏياڻ ته اڀريو، منزل جو ڏس ڏيندو.
* ڪين رُڪياسين، ڪينَ جهڪياسين،
توڙي اوکو پنڌ، سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ.
* سنڌڙي تنهنجي سينڌ نه اُجڙي،
تو تان جندڙي گهوري ڙي!
سک جو سورج ڏياڻ ته اڀريو، منزل جو ڏس ڏيندو.
* ڪين رُڪياسين، ڪينَ جهڪياسين،
توڙي اوکو پنڌ، سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ.
* سنڌڙي تنهنجي سينڌ نه اُجڙي،
تو تان جندڙي گهوري ڙي!
شاعريءَ کان علاوه قمر شهباز جون
ڪهاڻيون پڻ سنڌي سماج جي دردن جي چٽي تصوير پيش ڪندڙ آهن. نوجوان صحافي ۽ ڪالم
نگار زرار پيرزادي کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ قمر شهباز هڪ سوال، ”توهان شاعر، ڪهاڻيڪار
۽ ڪالم نگار آهيو توهان ڪهڙي صنف ۾ پنهنجو اظهار بهتر طور ڪري سگهيا آهيو؟“ جي
جواب ۾ چيو هو ته: ”مون ادب جي هر صنف تي قلم آزمايو آهي، افسانا، شعر، مضمون،
ڪالم، اسٽيج ڊراما، ٽي وي ڊراما، ريڊيو ڊراما ۽ فلمون وغيره هر صنف ۾ پنهنجي وسعت
۽ اهميت آهي ڪوبه هڪ ٻئي کان گهٽ نه آهي مون ضرورت آهر ۽ موضوع جي لحاظ کان مختلف
موقعن تي مختلف صنفن ۾ لکيو آهي ان ڪري چئي نه ٿو سگهان ته ڪهڙو پاسو سگهارو اٿم،
وري به پڙهندڙ بهتر منصف ٿي سگهن ٿا.“
قمر شهباز جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”اٺون
گهر“، ”ضمير جو موت“ (ڪالم ڪهاڻين جو
مجموعو)، ”چنڊ رهين ٿو ڏور“ (شعري مجموعو)، ”قمر شهباز جون چونڊ ڪهاڻيون“ ۽
”واچوڙن ۾ لاٽ“ (ڊراما) شامل آهن، جڏهن ته سوين ڪهاڻيون، ڊراما، شاعري ۽ اسڪرپٽس
وغيره لکڻ کان علاوه هن ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ ٻرندڙ مسئلن تي
مسلسل ڪالم پڻ لکيا.
No comments:
راءِ ڏيندا