; سنڌي شخصيتون: غلام مجتبى اسراڻ - رياضت ٻرڙو

05 August, 2012

غلام مجتبى اسراڻ - رياضت ٻرڙو


غلام مجتبى اسراڻ
رياضت ٻرڙو
هيءُ قنبر تعلقي جي نامور سياسي ڪُٽنبَ ”اسراڻ“ سان واسطو رکندڙ پ پ پ جو مشهور سياسي اڳواڻ آهي. هُو ۱۹۸۸ع کان وٺي ۱۹۹۹ع تائين مسلسل ۴ ڀيرا سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر (ايم پِي اي) رهيو آهي ۽ زميندار پڻ آهي. غلام مجتبى ولد غلام مصطفى اسراڻ ۱۹۳۴ع ۾ ڳوٺ خيرپور جوسي، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن سياست جي شروعات جنرل ايوب خان جي دَور کان يونين ڪائونسل جي چيئرمئن طور منتخب ٿيڻ سان ڪئي، جنهن دوران هن خيرپور جوسي ۾ هاءِ اسڪول قائم ڪرائڻ سميت ٻيا ڪم ڪيا. هُو ۱۹۸۲ع ۾ عوام دوست نمائندي طور ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻي جو چيئرمئن چونڊيو ويو. جڏهن ته ۲۰۰۲ع ۽ ۲۰۰۸ع جي اليڪشنن ۾ سندس ڀاءُ غلام مجدد اسراڻ پ پ پ پاران ايم پِي اي منتخب ٿيو. غلام مجتبى اسراڻ جي رهائش ڳوٺ خيرپور جوسي ۽ لاڙڪاڻي ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا