; سنڌي شخصيتون: رئيس ڏتل خان مرحوم - پير علي محمد راشدي

10 August, 2012

رئيس ڏتل خان مرحوم - پير علي محمد راشدي


رئيس ڏتل خان مرحوم
پير علي محمد راشدي
ڪنهن نالو به ڪو نه ٻڌو هوندو. دنيا پرستن جي نظر ۾ ته ننڍو ماڻهو هو، پر دل پرستن جي نگاهه ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. قدرت جو عجيب قانون آهي: هر هڪ جي جهولي ڪنهن نه ڪنهن شيءِ سان مڙيو ئي ڀريو ڇڏي. ڪن کي ڌن ڏنائين، پر دل جي دولت کان محروم ڪري ڇڏيائين، ڪن کي دل ڏنائين، ڌن نه ڏنائين. مون اڪثر ڏٺو ته جت ڌن هو ات دل ندارد هئي، جت دل موجود هئي ات ڌن جي نافت هئي. سبب اهو سمجهه ۾ آيو ته اهي ٻئي تراريون هڪ کپ ۾ سمائجي ڪو نه ٿي سگهيون.


رئيس مرحوم قوم جو لـُـنڊ هو. منهنجي فارم جي ڀر ۾ ٻروچڪين ڀونگڙين ۾ رهندو هو. پنهنجيءَ شاخ جو پريو مڙس هو، پر مڃوتي موچڙي جي ٿئي ٿي. رئيس وٽ ڌن ڪو نه هو تنهنڪري موچڙو به ڪو نه هو. البته سندس سچائي، صفائي ۽ وفائي جو سڪو ويٺل هو، تنهنڪري هر مجلس ۾ مان لهندو هو. پنهنجي زمين جا ٽڪرا هئس، پر انهن ۾ آباديءَ جو مدار هوندو هو مينهن تي، ۽ مينهن جوهيءَ جي باراني علائقي ۾ چوٿين پنجين سال مس ڦيرو ڪندو هو، پر غربت ۾ غني مون اهو شخص ڏٺو.
مون سان دوستي بنا سبب ٿي ويس. ٻڌو هئائين ته پاڙي ۾ ڪنهن پير اچي باغ رکيو آهي. پاڻ ٻروچ هو. پاڙيچائي جا فرض ڄاتائين ٿي. مون سان ملڻ لاءِ لنگهي آيو. هيٺ تي گوڏ ۽ بدن تي ڊگهو چولو چڙهيل هوس. پر سندس چهرو پري کان ٻهڪندو ۽ ٻولائيندو ٿي آيو ته هي ماڻهو سکڻو ڄٽ نه آهي. مون ساڻس ملي، موڙي تي وهاريس. پنهنجو تعارف ڪرايائين. چي:”آءُ تنهنجو پاڙيچو لنڊ ٻروچ آهيان، تنهنجو ٻڌم، آڌر ڀاءُ ڪرڻ فرض هو، اهو فرض لاهڻ آيو آهيان. منهنجي لائق ڪا به خدمت هجي ته دل سان پوري ڪندس.“ ان کان پوءِ زماني جا حال احوال ڏنا ويا ۽ ورتا ويا. پاڻ اڻ پڙهيل هو. رهندو جهنگ ۽ برپٽ ۾ هو. اٿڻ ويهڻ به هارين، ڌنارن، پنهوارن سان ٿيندو رهيو هوس. نه اخبارن سان واسطو نه ريڊئي سان رستو. پر ڌڻيءَ جي ڏنل ڏات انهن ڳالهين جي محتاج نه ٿي رهي. هر مسئلي جي باري ۾ پنهنجي راءِ ٿي رکيائين. ڪنهن جي وڏ ماڻهائپ يا مالداري بنهه اکين ۾ ڪا نه ٿي آئڙيس. چي: ”وڏن ماڻهن جي هڪ ٽنگ ريل ۾ ۽ ٻي جيل ۾ رهي ٿي. ڦڪرات (فڪرات) ڪري اندر ۾ ٽمجهڻ متل رهي ٿو. سندن شـُـکن (سخن) ڄڻ پاڻيءَ تي ليڪو. نه ڪهڻ جا نه ڏهڻ جا.“ جديد غير مذهبي تعليم جي سخت خلاف هو. انگريزي تعليم يافت تي خاص طرح سان ڪاوڙيل ٿي رهيو. انهن کي پنهنجي زبان ۾ ”اسڪولي“ سڏيندو هو، يعني اسڪولن جا پڙهيل. مخالفت جا سبب ڪيئي هئس. پهريون سبب هيءُ هو ته اسڪول مان پڙهيو، سرڪاري نوڪريون وٺي، پنهنجي ماڻهن کان ئي ”رشوائون“ يعني رشوتون وٺن ٿا ۽ انهن کي ئي ڦرين ٿا. ٻيو سبب هيءَ ته ابي ڏاڏي جي ريت ڇڏيو ڏين. پڙهڻ کان پوءِ ڪڏهن گهر اچن ٿا ته ڄڻ ڌاريا پيا لڳن. نه محنت ڪري سگهن نه اباڻي ڪرت، هر هلائڻ کان ٻرو پيو ايندن. مهمان ڏسيو لڪيو پون، نه ان جو آڌر ڀاءُ ڪن نه ان سان خوش خير عافيت. نه سام جهلڻ جهڙا نه سخن تي سر ڏيڻ وارا، ڇڙو وات پيا هڻندا. شهرن ۾ رلندا، نوڪرين لاءِ ٻاڏائيندا، ۽ چانهيون پي پنهنجا آندا ساڙيندا وتندا. مڙس جو شان پڳ هوندي آهي، انهن پڳ ڇڏي واڻڪي ڪاون واري ٽوپڙي پاتي آهي، جيڪا لٺ جو ڌڪ به جهلي ڪا نه سگهندي. پڳ ۾ وڏي حڪمت ٿئي ٿي. جهڙو تهڙو ڌڪ پڳ تي اثر ڪو نه ڪندو. مئي کان پوءِ به گازين (غازين) لاءِ پڳ ”کفڻ“ يعني ڪفن جو ڪم ڏئي ٿي. ٽوپي ڪري ٽانءِ ته به پڳ برابر ناهن.“
رئيس کي کنگهه جو ٽونڪارو هوندو هو. ان مان واندو ٿي وري تقرير شروع ڪندو هو. چي: ”اسان جي ٻچن کي اسڪولن ارن کان ڪڍي ڇڏيو آهي. ڀرت جي ٽوپڙي پائي چيلهه کي لوڏا ڏئي پيا هلن، ڄڻ ميتڙيون مکڻ يا بازيگرڻيون گهگهڙا وڪڻڻ شهرن ۾ نڪتيون آهن. چيلهه کي اهڙا ئي موڙا، اکين جا ساڳائي چالا، لٽا به اهڙا ئي رنگا رنگ زالاڻا. اسان جي جوانيءَ واري زماني ۾ ڪو اسان جو ٻار پنهنجو اهڙو حال ڪري سامهون اچي ها ته لٺين سان اُجهائي وجهونس ها يا کدڙو سمجهي ڳوٺ نيڪالي ڏئي ڇڏيونس ها.“
کيس سمجهائبو هو ته: ”اهي ماڻهو پڙهيل آهن. اسان جا پنهنجا آهن. منجهن ملڪ جون اميدون آهن. هي نئون زمانو آهي، جنهن سان نئون ٿي هلڻو آهي، وغيره وغيره.“ پر اثر ڪو نه ٿيندو هوس. رئيس جا پنهنجا خيال هوندا هئا. چي: ”انهن مان گذا (غذا) ٿيڻي ڪا نه آهي. پڙهيا پر ڪڙهيا ڪو نه ته ڇا حاصل؟ سنڌ جو مرڪ ڪڙهڻ آهي نه پڙهڻ. اسان جا وڏا، جن سنڌ تي سر ٿي ڏنا، سي پڙهيل نه هئا پر ڪڙهيل هئا، ڇو ته ”اکران دي وچ جو ئي اڙيا، عشق دي چاڙهي مول نه چڙهيا.“ اهو ڪهڙو پڙهڻ آهي، جنهن ۾ ماڻهوءَ مان ماڻهپو ئي نڪريو وڃي. جڏهن کان ڦلنگي (فرنگيءَ) اسڪول چالو ڪيا، اسان جي ماڻهن مان ماڻهپي جا انگ مٽبا ويا. منهنجي عمر اسي ورهيه آهي، مون جيڪي انگ ماڻهپي جا اوائلي ڏينهن ۾ ڏٺا سي به اڄ نظر ڪو نه ٿا اچن.“
پوءِ ويهي رئيس مرحوم پراڻيءَ سنڌ جي ماڻهپي جا انگ ڳڻائيندو هو ۽ هر هڪ جي شرح لاءِ ڪو نه ڪو واقعو ٻڌائيندو هو. کيس ٻڌڻ کان پوءِ سندس نظريي سان کڻي اتفاق نه به ڪبو هو، تڏهن به هيءَ مڃڻو ٿي پيو ته جيڪا سنڌ رئيس ڏسي چڪو هو ۽ جن انساني خوبين کي هن ماڻهپو ۽ سنڌ جي ميراث ٿي قرار ڏنو، سا سنڌ هينئر واقعي ڪا نه رهي آهي ۽ نه گهڻي پر اهي خوبيون.
رئيس جي اڄ ڪالهه جي سيدن پيرن تي به خاصي رنجش هوندي هئي. چي: ”گهڻو کائي دل پيٽ ۾ پوري ڇڏي اٿائون، آنڊن ۾ پوريل دل کي الله ڪيئن نظر ايندو.“ سيدن پيرن جي خلاف گهڻيون شڪايتون هئس، پر منهنجي شرم کان انهن جي اپٽار ڪو نه ڪندو هو. پڇبو هوس ته مـُـرڪي ڪري ماٺ ڪندو هو ۽ سندس اها مـُـرڪ به ڏاڍي معنيٰ خيز ۽ من موهيندڙ هوندي هئي.
رئيس مرحوم جي سوچ سنڌ جي ٺيٺ خداداد فهم يا Wild Wisdom جو نتيجو هئي، جنهن تي مصلحت، منافقت، زمانه سازي، يا نون تمدني يا تعليمي اثرن جو اثر ڪو نه هو. هو جيڪا ڳالهه ڪندو هو سا ائين هوندي هئي ڄڻ سنڌ جي ڌرتي پئي ڳالهائي ۽ ماڻهو ڌرتيءَ سان ڪن لايون ڌرتيءَ جي ڌڙڪندڙ دل جا داستان پيو ٻڌي.
اسان جو تعلق ڏهه سال هليو. پاڻ اهو دستور بڻائي ڇڏيو هئائين ته جڏهن به آءٌ باغ تي ويندس (ڀل روز وڃان ۽ مهينن جا مهينا ويندو رهان) ۽ پاڻ موٽر جو آواز ٻڌندو ته هڪدم جوار يا ڪڻڪ جون مانيون ٿوٻيءَ تي پچرائي، لوٽو لسيءَ ۽ تازي مکڻ سان ڀري، مٿي تي کڻي هڪدم اچي مون وٽ پهچندو، هٿين خالي نه ايندو، ناغو نه وجهندو.
منهنجي باغ تي پهچڻ کان گهڙي ساعت بعد پري کان ڏسبو هو ته پوک يا وڻن مٿان پهريان دکي ٻاهر نڪرندي هئي، پوءِ رئيس جي اڇي پڳ ۽ ان کان پوءِ رئيس صاحب پاڻ. اها سنڌ جي روايتي وضعداري هئي، ناتو رکڻ ۽ ناتو نباهڻ.
۱۹۷۴ع جي پڇاڙيءَ ۾ پاڻ انتقال ڪيائين. ساڻس دوستي کهنبي جو چـُـٽڪو ثابت ٿي.
ويچارا وڻجارا ويا، ڇني سنڱ سندام،
ائين چئي چڪام ته اسان اچڻ ايترو.
شال سندس مرقد مبارڪ الاهي رحمتن سان منور رهي.

No comments:

راءِ ڏيندا