; سنڌي شخصيتون: محمد عثمان ٻرڙو - رياضت ٻرڙو

05 August, 2012

محمد عثمان ٻرڙو - رياضت ٻرڙو


محمد عثمان ٻرڙو
رياضت ٻرڙو
هيءُ قنبر جو هڪ سٺو ليکڪ، فنڪار ۽ مولوي ٿي گذريو آهي، جنهن نه صرف آتم ڪٿا لکڻ سميت پنج ڪتاب لکيا، پر قنبر ۾ ڪتابن جو دڪان به کوليو هو. هُو قنبر جي اديبن ڊاڪٽر محبت ٻرڙي، صحبت ٻرڙي ۽ رياضت ٻرڙي جو ڏاڏو هو. محمد عثمان ولد محمد گلاب ٻرڙو ۱۸۶۵ع (۱۳۸۵هه) ۾ قنبر تعلقي جي ڳوٺ خيرپور جُوسي ۾، ناناڻن ۾، پيدا ٿيو، جڏهن ته قنبر شهر جي نور شاهه محلي (تڏهن سيد ڪامل شاهه بخاري محلي) ۾ سندس رهائش هئي. ۱۸۷۲ع ۾ سندس والد وفات ڪئي، ته کيس سندس چاچي علي محمد ٻرڙي پاليو. هن ۱۰ ورهين جي ڄمار ۾ ۱۸۷۷ع ۾ سيد غلام حسين شاهه وٽ قرآن شريف پڙهي پورو ڪيو. باوجود بيحد غربت جي، هن پنهنجي شوق سبب پنجن درجن تائين تعليم پِرائي، پوءِ کيس پنهنجي چاچي علي محمد اسڪول مان ڪڍي، هارمونيم جو هنر سيکاريو، تڏهن به محمد عثمان لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندو رهيو. علي محمد هن کي ڪتابن جو دڪان به کولي ڏنو، جتي سندس سَوٽُ خير محمد به ويهندو هو. اتي ئي کيس ڪتابن پڙهڻ جو گھڻو موقعو مليو. کيس ۱۸۹۸ع ۾ علي محمد ڌار ڪيو، ته هن قنبر جي ميونسپالٽيءَ ۾ نوڪري ڪئي، جتي هُو صفائيءَ جو انسپيڪٽر به ٿيو، پر ۱۹۰۶ع ۾ عام ڏڪر سبب غريب ٿي پيو، ته نوڪري ڇڏي هارمونيم وڄائي گذر سفر ڪرڻ لڳو.



محمد عثمان ٻرڙي خلافت تحريڪ (۱۹۲۱ع) ۾ به ڀرپور حصو ورتو ۽ سندس لفظن ۾ ”دل وَ جان سان ڪم ڪيو“ ۽ مختلف ڪانفرنسن ۾ هميشه شرڪت ڪئي. هن پير تراب علي شاهه جي خطبن کي محفوظ رکيو. هُو اردو ٻوليءَ مان ڪچهريءَ ۾ ويٺلن کي مختلف مواد سڌو ترجمو ڪري ٻڌائيندو هو. هن قنبر ۾ آيل هڪ هندستانيءَ کان اردو سکي، جيڪو نجيب آباد جو ويٺل هو. محمد عثمان ٻرڙي وٽ ڪتابن، رسالن ۽ پمفليٽن جو سٺو ذخيرو هو، جيڪو سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ مواد جي ضايع ٿي ويو. هن ۶ ڪتاب لکيا، جن مان هڪ ڪتاب ڇپيو، ٻيا قلمي صورت ۾ موجود رهيا. سندس لکيل ڪتاب هي آهن:
1.      تاريخ جهان في احوال رسول زمان (ميونسپالٽي ۾ نوڪريءَ دوران هي ڪتاب لکيائين.)
2.      اسد اللھ الغالب في تاريخ علي بن ابو طالب (ڇپائيندڙ: قاضي الهه ورايو خان ۽ الهه ڏنو خان تاجر ڪتب لاڙڪاڻو. ڪتاب لاهور ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جي ڪاپي ميسر ڪانهي.)
3.      الحسن (امام حسن عليه سلام جي زندگيءَ بابت)
4.      تهذيب اخلاق ۽ گلشن اخلاق (هن ڪتاب ۾ هن پنهنجو نسب نامو به لکيائين ۽ شجرو به مرتب ڪيائين.)
5.      خلافت: تقريرات، تحريرات و تصنيفات علماء هند
6.      مجموع راڳ (غزلن، ڪافين، رباعين، بيتن ۽ مناقبات تي مشتمل)
محمد عثمان ٻرڙي کي ٽي پٽ: ڪريم بخش (اٺن سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو)،  محمد علي ۽ شوڪت علي پيدا ٿيا. شوڪت علي پڻ هڪ ڪتاب ”آزاد حقيقت“ لکيو.
تاريخ ۽ ادب جي مطالعي سان دلچسپي رکندڙ محمد عثمان ٻرڙي کي پنهنجي پياري سَوٽ ۽ سالي خير محمد جي وفات (آگسٽ ۱۹۲۴ع) جو سخت صدمو رَسيو، جنهن کان پوءِ هُو بيحد بيمار ٿي پيو. سندس وفات ۱۳ جنوري ۱۹۲۵ع تي ٿي.

No comments:

راءِ ڏيندا