; سنڌي شخصيتون: عبدالحميد ميمڻ - رياضت ٻرڙو

05 August, 2012

عبدالحميد ميمڻ - رياضت ٻرڙو


عبدالحميد ميمڻ
رياضت ٻرڙو
هيءُ سماجي ڪارڪن ۽ قنبر ميونسپل ڪاميٽي ۾ سينئر سب انجنيئر آهي. هو پهريون شخص آهي جنهن قنبر ۾، ۲۰۰۴ع ۾، ”ميمڻ ڪمپيوٽرائيزڊ پريس“ لڳائي. عبدالحميد ولد عبدالوهاب ميمڻ پهرين مارچ ۱۹۶۲ع تي ڳوٺ ڇڄڙا، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم ڇڄڙن ۽ علي خان ۾ حاصل ڪئي، مئٽرڪ هاءِ اسڪول قنبر ۾ پڙهي، ڊپلوما ۸۱-۱۹۸۰ع ۾ گورنمينٽ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ميرس مان ۽ بِي ٽيڪ (پاس) مهراڻ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. عبدالحميد ميمڻ شاگرد هئڻ دوران ۸۱-۱۹۸۰ع ۾ جساف جو ميمبر رهيو، ۱۹۹۲ع کان ۱۹۹۴ع تائين سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ جي گڏجاڻين جو ميزبان رهيو ۽ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر سان لاڳاپيل آهي. سندس طبيعت سماجي خدمتن ڏانهن مائل رهي آهي. هن فنڪاريءَ جي سکيا، استاد اشرف علي ٻرڙي کان ورتي، پر پوءِ ذاتي مصروفيتن سبب شوق کي اڻپورو ڇڏي ڏنائين. عبدالحميد ميمڻ ۱۹۹۰ع کان وٺي قنبر ۾ رهي پيو.

No comments:

راءِ ڏيندا