; سنڌي شخصيتون: آتش سنڌيءَ جون بي تڪلف ڳالهيون - رياضت ٻرڙو

05 August, 2012

آتش سنڌيءَ جون بي تڪلف ڳالهيون - رياضت ٻرڙو


قومي شاعر آتش سنڌيءَ جون بي تڪلف ڳالهيون
رياضت ٻرڙو

·      ڇٺيءَ جو نالو: معشوق علي
·      سڃاڻپ: آتش سنڌي
·      والد جو نالو: ولي محمد شيخ
·      ڄم-تاريخ /ڏينهن: ۱۷جولاءِ ۱۹۵۳ع/---
·      ڄم-هنڌ: علي خان، قنبر.
·      تعليم: ٻه درجا سنڌي
·      روزگار: پورهيو


·      پهرينءَ ملاقات ۾ ماڻهوءَ جي ڪهڙيءَ ڳالهه جو جائزو وٺندا آهيو؟
- جائزو ته ناهيان وٺندو جو نفسياتي ڊاڪٽر ناهيان، البت ڳالهائڻ مان طبيعت ۽ موڊ کي ڏسندو آهيان.
·      توهان جي روزاني زندگيءَ جو بنيادي اصول؟
- علم جي جاکوڙ ۽ جيڪا کوٽ آ، ان جو پورائو ڪرڻ.
·      ڪهڙيءَ ڳالهه تي اداس ٿيندا آهيو؟
- ڪڏهن به ڪنهن دل گھرئي دوست مائينڊ ڪيو ته.
·      اداس لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟
- مطالعو يا شاعري ڪرڻ.
·      ڪهڙيءَ ڳالهه تي خوش ٿيندا آهيو؟
- ڪنهن غريب جي حق جي ڪاميابيءَ تي.
·      خوش لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟
- ٻاهر دوستن سان ميل جول، گپ شپ.
·      ڪهڙيءَ ڳالهه تي چڙ لڳندي اٿو؟
- ڪوڙ کي سچ ثابت ڪرڻ تي.
·      ڪهڙيءَ ڳالهه تي روئڻ ايندو اٿو؟
- ڪنهن به دل ڏکئي ماڻهوءَ سان زيادتي ٿيندي ڏسي.
·      ڪهڙيءَ ڳالهه کان نفرت اٿو؟ - قوم سان غداريءَ کان.
·      توهان جي ڪهڙيءَ عادت مان گھر وارا بيزار آهن؟
- واندڪائيءَ مان.
·      ڪهڙو سپنو ساڀيان ٿيو؟
- بس اهو ئي ته اولاد کي پڙهايان پيو.
·      ڪهڙو واقعو ڪنڊي جيان چُڀندو اٿو؟- 17 آڪٽوبر جو.
·      زندگيءَ جي اها گھڙي، جنهن زندگي بدلائي ڇڏيو؟
- محبت.
·      آئينو ڏسڻ سان ڪهڙو خيال ايندو اٿو؟
- ويچارا ڪڍندو آهيان.
·      توهان جي ننڍپڻ جا ڏينهن؟ - تمام ڪٺن.
·      ڪاش اهي ڏينهن موٽي اچن؟ - نه.
·      شاگرد هوندي ڪهڙو سبجيڪٽ نه وڻندو هيوَ؟- حساب.
·      وڻندڙ شعر:
هر ڪو خوش پنهنجي گهر تڙ ۾،
آنءُ اڪيلو ٿوهر ٿَڙ ۾.

·      وڻندڙ شاعر: شاهه لطيف، شيخ اياز، استاد بخاري، استاد پيرل قنبر، آڪاش انصاري، زاهد شيخ.
·      وڻندڙ اديب: جي ايم سيد ۽ عبدالواحد آريسر.
·      وڻندڙ اخبار: جيڪا سچ ڳالهائي.
·      وڻندڙ ڪتاب/رسالو: جنم گذاريم جن سين، ٿئي نه محبت مات/افيئر.
·      وڻندڙ صحافي: علي محمد شيخ مرحوم.
·      وڻندڙ ايڊيٽر: هر ڪو پنهنجو مَٽ پاڻ آهي.
·      وڻندڙ سياستدان: سائين جِي ايم سيد.
·      وڻندڙ اداڪار: صلاح الدين تنيو
·      وڻندڙ اداڪاره: اداڪارائن جا نالا ئي نه ٿا اچن.
·      وڻندڙ گلوڪار: مهدي حسن
·      وڻندڙ گلوڪاره: عابده پروين
·      وڻندڙ موسيقار: رشيد عطري
·      وڻندڙ آرٽسٽ: منصور عالم ابڙو
·      وڻندڙ لوڪ فنڪار: محمد جمن
·      وڻندڙ لوڪ فنڪاره: مائي ڀاڳي
·      وڻندڙ شهر: ڳوٺ شاهه پنجو
·      وڻندڙ رنگ: هلڪو سليٽي
·      وڻندڙ فلم: ---
·      وڻندڙ ٽي وي پروگرام: سائين بابا
·      وڻندڙ ريڊيو پروگرام: ريڊيو ٻڌان ئي ڪو نه.
·      وڻندڙ ميوزيڪل انسٽرومينٽ: بانسري.
·      24-ڪلاڪن مان وڻندڙ وقت:
- رات جو، آرام جو.
·      وڻندڙ ڏينهن/مهينو/موسم: اربع/مارچ/بسنت
·      وڻندڙ ڏڻ: حضرت علي جي ڄمڻ جو.
·      وڻندڙ لباس: جيڪو ملي.
·      وڻندڙ  راند: چيس
·      وڻندڙ رانديگر: محمد علي ڪِلي
·      وڻندڙ سواري: ريل
·      وڻندڙ گل/خوشبوءِ: رابيل/ چنبيليءَ جي.
·      وڻندڙ مشروب: ٿاڌل
·      وڻندڙ کاڌو: جيڪو مليو.
·      وڻندڙ ميوو: صوف
·      وڻندڙ موضوع: تحقيق
·      توهان جو پيارو دوست: صاحب خان سيال
·      ڪهڙي جانور کان ڊپ ٿيندو اٿوَ؟
- هر وحشي جانور کان.
·      ڪهڙي سفر کان ڊپ ٿيندو اٿوَ؟
- ڪنهن کان به نه.
·      موسيقي ڪهڙي ٻڌندا آهيو؟ - ڪلاسيڪل.
·      توهان جي نظر ۾ سائنس جي بهترين ايجاد؟ - فون.
·      ڪهڙو وهم پريشان ڪندو اٿوَ؟ - شڪ.
·      ڪهڙي شخصيت شدت سان ياد ايندي اٿوَ؟
- هوچي منهه.
·      طبيعت جي لحاظ کان ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيو؟ - سنجيده.
·      ڪهڙيءَ غلطيءَ تي پشيمان آهيو؟
- ڪوڙ ڳالهائڻ تي.
·      ڪهڙي ڪم تي فخر اٿوَ؟ - ادب تي.
·      توهان جو مشن؟ - آزادي.
·      زندگيءَ جي اها خواهش جنهن لاءِ زنده رهو ٿا؟ - آزادي
·      آٽوگراف ڪهڙو ڏيڻ چاهيو ٿا؟
- غلطين کي سڌاريو وڃي، غلطين مٿان غلطيون نه ڪجن.
·      توهان کي خط لکجي ته ڪهڙيءَ ايڊريس تي؟ - يو سِي-۳، محلو علي خان، قنبر.
۲۰۰۶-۳-۲۱

No comments:

راءِ ڏيندا