; سنڌي شخصيتون: سچل سرمست رحه - ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

03 August, 2012

سچل سرمست رحه - ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

سچل سرمست رحه
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
نالو:
حضرت سچل سرمست رحه جي جنم جو نالو عبدالوهاب هو، پر راست گوئي ۽ راست بازي جي ڪري ”سچو“، ”سچل“ ۽ ”سچيڏنو“ سڏڻ لڳا. پوءِ انهيءَ ئي نالي سان مشهور ٿيو. سنڌي، سرائيڪي ۽ اردو شعر ۾ اهو ئي نالو تخلص طور آندو اٿس، البته ”فارسي مثنوين“ ۽ ”ديوان آشڪار“ فارسي ۾ ”آشڪار“ تخلص ۽ ديوان خدائي ۾ ”خدائي“ تخلص آندو اٿس.


ولادت:
حضرت سچل سائين، ميان صلاح الدين جو اڪيلو فرزند هو، جيڪو ميان صاحبڏني جو وڏو فرزند هو. سنه ۱۱۵۲هه (۱۷۳۹ع) ۾ سندس ولادت ٿي. هو اڃا ڇهن سالن جو مس ٿيو، ته سندس والد بزرگوار وفات ڪئي.
تعليم ۽ تربيت:
جيئن ته اڃا ننڍڙو ئي هو، ته سندس والد وفات ڪئي، انهيءَ ڪري سندس تعليم ۽ تربيت سندس ڏاڏي ميان صاحبڏني ۽ چاچي خواجه عبدالحق جي زير نگراني ٿي، جيڪي اهل الله به هئا، ته جيد عالم به.
اڳ ۾ اچي چڪو آهي، ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جن حضرت ميان صاحبڏني جي ملاقات لاءِ ڪهي درازن ۾ ايندا هئا. هڪ ڀيري جڏهن روح رهاڻ لاءِ درازن ۾ آيا، ته حضرت خواجه صاحب کي چيائين، ته پنهنجن صاحبزادن کي گهرايو، ته انهن کي به ڏسون. جڏهن صاحبزادا آيا، ۽ حضرت سچل سائينءَ تي نظر پيس، ته ان ڏانهن اشارو ڪري چيائين: ”اسان جيڪا ديڳ چاڙهي آهي، ان جو ڍڪ هيءُ ڇوڪر لاهيندو.”مطلب هيءُ هو، ته هيءُ عارف اسرار اِلاهي عيان ڪندو. ٿيو به ائين. سچل سائينءَ جو ڪلام ان لاءِ شاهد آهي.
حضرت سچل سائينءَ، روحاني تعليم سان گڏ ننڍپڻ ۾ ئي ديني تعليم به باقاعده حاصل ڪئي هئي. ننڍي هوندي ئي، درازا درگاهه جي فيض جي چشمي مان فيضياب ٿيل، حافظ عبدالله قريشي صديقيءَ وٽ کيس ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويهاريو ويو، جيڪو پڻ وڏو عالم ۽ عارف الله هو. ٿوري ئي وقت ۾ قرآن مجيد حفظ ڪيائين، ۽ فارسي ۽ عربي جي مڪمل تعليم حاصل ڪيائين. علوم عقلي ۽ نقلي جي تڪميل پنهنجي چاچي ميان عبدالحق وٽ ڪيائين.
بيعت:
حضرت سچل سرمست کي روحاني فيض به پنهنجي چاچي ميان عبدالحق کان حاصل ٿيو ۽ ان جو ئي دست بيعت مريد هو. ان وٽان ئي معرفت جون منزلون طئي ڪيائين. پنهنجي مرشد سان بي انتها محبت ۽ عقيدت هيس، جنهن جو اظهار پنهنجي شعر ۾ مختلف جاين تي ڪيو اٿس. مرشد جي اولاد جي به وڏي عزت ڪندو هو.
شادي:
حضرت خواجه عبدالحق پنهنجي نياڻي، حضرت سچل سرمست جي نڪاح ۾ ڏني. بي بي صاحبه ٻه سال حيات هئي، پر اولاد ڪونه ٿيو.
شرع جي پابندي: سچل سائين شروعاتي زندگيءَ ۾ شريعت جي پوري پوري پابندي ڪندو هو ۽ نماز باجماعت پڙهندو هو. پر پوءِ جڏهن مستيءَ واري ڪيفيت مٿس طاري ٿي، ته استغراق جي حالت ۾ رهڻ لڳو.
طالب:
سچل سائين دست بيعت مريد ڪو نه ڪيو. جيڪو به وٽس ايندو هو، ته ان کي مرشدن ڏانهن موڪليندو هو. مرشدن جو وري دستور اهو هو، ته روحانيت جي طالبن کي  ذڪر ڏئي، تربيت لاءِ سچل سرمست رحه ڏانهن اماڻيندا هئا. اهڙن طالبن مان هيٺين جا نالا قابل ذڪر آهن:
۱. فقير نانڪ يوسف اڳڙن وارو ۲. فقير محمد صالح قادري لاڙڪاڻي وارو ۳. فقير محمد صلاح دونهين وارو ۴. فقير گهرام جتوئي ۵. فقير شير خان ڀنڀرو ۶. جانو فقير شڪارپوري ۷. سيد خير شاهه ۸. سيد پير شاهه ۹. حاجي عثمان چاڪي لاڙڪاڻو ۱۰. سيد حسن شاهه ۱۱. فقير محمد صديق ۱۲. فقير شير علي ۱۳. حيدر شاهه.
وفات:
سنڌ جي هن سرمست شاعر، سنڌ جي سرزمين جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ توحيد جو پيغام پهچائي، روحانيت جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ سان سـُرهو ڪري، ڪيترن ئي خدا جي ٻانهن کي معرفت جي رنگ ۾ ريٽو ڪري، تاريخ ۱۴ رمضان سنه ۱۲۴۲هه (۱۸۲۷ع) تي وصال ڪيو. انهيءَ تاريخ تي هر سال سندس درگاهه تي ميلو لڳندو آهي ۽ ڪيترائي پيار جا پانڌيئڙا ڪٿان ڪٿان ڪهي اچي، سڪ جو سلام ڀريندا آهن. سنڌ جي باڪمال صوفي شاعر حضرت قادر بخش بيدل سندس وفات جون تاريخون سنڌي ۽ فارسي شعر ۾ چيون آهن. اُهي هت ڏجن ٿيون:
ڪافي
عشق جو يارو درازن ۾ عجب اسرار هو،
مست سالڪ شهه سچو عاشق اتي اظهار هو.

۱. برهه جي برسات جو تنهن وير تي وسڪار هو،
ظاهر ۽ باطن تنهين وٽ درد جو ڌڌڪار هو.

۲. وجد وحدت جو سدا خاصو تنهين خمار هو،
مرد سو منصور وانگر عشق جو اوتار هو.

۳. منجهه سخن ان جي الوهيت سندو آثار هو،
جنگُ جذبي جوش مستي ۾ مثل عطار هو.

۴. پانهنجي رائي پِرين نَوي ورهه نروار هو،
پوءِ وصل جي موج ماڻي، ذوق کان ذخار هو.

۵. سن ٻارنهن سؤ ٻائيتاليهه ۾ تيار هو،
چوڏهين رمضان جي هادي اهو هسوار هو.

۶. قربدارن جي ڪٽڪ ۾ مرد منصبدار هو،
در تنهين داتا جي ”بيدل“ پرت جو پينار هو.
تاريخي پس منظر:
سچل سائين ارڙهين صدي، ۽ اڻويهين صديءَ جي پهرين چئن ڏهاڪن ۾ زندگي گذاري. انهيءَ زماني ۾ سنڌ وڏا لاها چاڙها ڏٺا، جن سنڌ جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ علمي حالتن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو.
جنهن سال ۱۷۳۹ع ۾ حضرت سچل سائينءَ جي ولادت ٿي، ان سال نادر شاهه سنڌ تي ڪاهه ڪئي، ۽ وڏي تباهي مچائي. نه فقط تمام گهڻو مالي ۽ جاني نقصان ٿيو، پر وڏي علمي ذخيري تان به سنڌين کي هٿ ڌوئڻا پيا. هن جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي ڪري ”گهوڙا ڙي گهوڙا“ ۽ ”نادر ٿو اچي“ جهڙيون چوڻيون رواج ۾ آيون. سچل سائين ۱۵ سالن جو هو، ته احمد شاهه ابداليءَ سنڌ تي ڪاهه ڪئي، ۽ مغل پرڳڻو پنهنجي قبضي ۾ رکيو. ان پرڳڻي جون حدون اتر ۾ بلوچستان جي شهر روجهاڻ کان مدئجيءَ تائين هيون. اهڙيءَ طرح ان ۾ موجوده شڪارپور، شڪارپور ضلعي جو حصو ۽ بلوچستان جو ڪجهه حصو اچي ٿي ويا.
سنه ۱۷۶۲ع ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙو سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو، جنهن کي احمد شاهه ابداليءَ ”شاهه وردي خان“ جو خطاب ڏنو. سنه ۱۷۶۳ع ۾ هن ڪڇ فتح ڪيو. ان کان پوءِ هن حيدرآباد جو شهر ٻڌرائي، ان کي سنڌ جي گادي بنايو. احمد شاهه ابداليءَ، ديره جات جو سمورو علائقو ميان غلام شاهه جي قبضي ۾ ڏنو. هيءُ علائقو ٽن سوَن ميلن تي پکڙيل آهي، ۽ هينئر پنجاب ۾ آهي. سنه ۱۷۶۸ع ۾ هن علائقي جي ”ناهرا“ قوم بغاوت ڪئي، جنهن کي مير بهرام خان، ميان جي طرفان شڪست ڏني.
ميان غلام شاهه يوروپي واپارين مان فقط انگريزن کي سنڌ ۾ واپار ڪرڻ جي اجازت ڏني. هو سنڌ مان ڪپڙو، قلمي شورو ۽ نير خريد ڪري، ڏيساور ڏانهن موڪليندا هئا. سنه ۱۷۷۲ع ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي وفات ڪئي. سندس ڏينهن ۾ سنڌ اندر گهڻي قدر امن امان رهيو، ۽ سنڌ حڪومت جون حدون ديره جات، ڪڇ ۽ بلوچستان جي ڪجهه حصي تائين پکڙيل هيون. هنر ۽ واپار جي ترقي ٿي، ۽ سنڌ جو مال ڏورانهن ڏيهن تائين پهتو. آبپاشيءَ جا طريقا سڌريا ۽ زرعي پيداوار وڌي. مطلب ته سنڌ جا ماڻهو سکيا ۽ آسودا رهيا، ۽ صلح سانت سان زندگي گذاريائون. اهوئي سبب آهي، جو ان زماني کي ڪلهوڙن جي اوج جو زمانو چيو وڃي ٿو.
ان کان پوءِ سندس پٽ ميان محمد سرفراز (ڪلهوڙو) تخت نشين ٿيو. ان وقت حضرت سچل سرمست رحه جي عمر ۳۲ سال هئي. ميان سرفراز سنڌ جو ڪامياب حڪمران ثابت نه ٿيو.
ان زماني ۾ فوجي واڳون ٽالپرن جي هٿ ۾ هيون. هن ٽالپرن سان اچائي کنئي (اُنهن کي تنگ ڪيو ۽ ستايو). مير بهرام خان کي درٻار ۾ مارايائين، ۽ ان جو پٽ مير صوبدار خان وري ميان محمد سرفراز جي ماڻهن سان وڙهندي مارجي ويو. هيءُ واقعو سنه ۱۷۷۴ع ۾ ٿيو. انهيءَ ڪري ٽالپرن سندس خلاف بغاوت ڪئي، ۽ سنه ۱۷۷۵ع ۾ کيس تخت تان لاهي، حيدرآباد جي قلعي ۾ قيد ڪيائون.
ان کان پوءِ، ميان غلام نبي، ميان صادق علي ۽ ميان عبدالنبي کي هڪٻئي پٺيان تخت تي ويهاريائون. ميان عبدالنبي هڪ ظالم حڪمران ثابت ٿيو. هنن ميان محمد سرفراز کي مارائي ڇڏيو، ۽ ٽالپرن جي به پويان پيو. آخر سنه ۱۷۸۳ع ۾ مير فتح علي خان کيس شڪست ڏئي، سنڌ ۾ ٽالپرن جي حڪومت قائم ڪئي.
ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ زرعي پيداوار وڌي، ڇاڪاڻ ته هنن کي زراعت سان تمام گهڻي دلچسپي هئي. هنن زرعي پيداوار کي وڌائڻ ۽ سڌارڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ورتيون. انهيءَ مقصد لاءِ ڪيترائي واهه کوٽايائون. مسٽر ڊيل هوسٽ، ڪلهوڙن جي کوٽايل واهن جا نالا ڏنا آهن، جيڪي هن طرح آهن:
”پراڻ، نارو، اڙل، ڦليلي، گوني، پڃارو، گانگرو، لکي، سيتا، بگهاڙ، داديجي، گهاڙ، امرڪس ۽ نور واهه.“
آبپاشيءَ جي طريقن کي سڌارڻ سان گڏ نوان شهر به آباد ڪيائون، جهڙوڪ: حيدرآباد، مراد آباد، الله آباد ۽ خدا آباد (نزديڪ هالا). ميان غلام شاهه ”شاهه بندر“ نالي بندر تعمير ڪرايو ۽ ”پراڻ“ کي موريءَ جو بند ٻڌرايو، انهيءَ ڪري ٿر جي آباديءَ ۾ واڌارو آيو.
سنه ۱۷۷۵ع کان سنه ۱۷۸۳ع تائين ڪلهوڙن ۽ ميرن جي ڇڪتاڻ ۽ لڙاين جي ڪري سنڌ کي وڏو نقصان پهتو. سنه ۱۷۸۰ع ۾ وڏو ڦورو مدد خان پٺاڻ سنڌ تي ڪاهي آيو، ۽ اتر کان هيٺ بدين تائين ڪيترائي ڳوٺ ۽ شهر ناس ڪري ڇڏيائين. جوڻ ۽ فتح باغ جهڙا وسندڙ شهر ويران ٿي ويا، ۽ ڪيترائي سرسبز باغ ۽ آباديون ناس ٿي ويون. انهن حالتن ڪري واپار بند ٿي ويو، صنعت ۽ حرفت کي ڌڪ لڳو، پيداوار ۾ ڪمي اچي ويئي، ۽ ملڪ ڏڪر ۾ تباهه ٿي ويو.
ٽالپرن، سنڌ تي پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ کان پوءِ، حالتن کي بهتر بنائڻ لاءِ وڏي ڪوشش ورتي. ميان نور محمد خان جي آخري ڏينهن ۾ قلات جي بيگلر بيگي ڪراچيءَ جي مياڻيءَ تي قبضو ڪيو هو. ٽالپرن ڪراچيءَ تي ٻيهر قبضو ڪيو. ان کان سواءِ شڪارپور وارو علائقو، جيڪو افغانن جي قبضي ۾ هو، پنهنجي قبضي هيٺ آندائون. عمر ڪوٽ واري علائقي تي به جوڌپور جو راجا قبضو ڪري ويو، اهو علائقو به فتح ڪري، سنڌ جي حيثيت بحال ڪيائون. نه فقط ايترو، پر بهاولپور جي حاڪم کان سبزل ڪوٽ وارو علائقو هٿ ڪري، سنڌ جي حدن ۾ شامل ڪيائون. هوڏانهن مزارچه علائقو بروهين کان کسي، سنڌ سان ملايائون. انهيءَ ڪري راڄنپور تائين ٽالپر حڪومت قائم ٿي وئي. مزارين ۽ بليدن جو تعاون حاصل ڪري، ٽالپرن پنهنجي حڪومت ديره جات تائين مضبوط ڪئي، انهيءَ ڪري سنڌ جون حدون اتر ۾ راجنپور کان ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ، ۽ اوڀر ۾ راجپوتانا کان کيرٿر تائين قائم ٿي ويون.
سنڌ جو پهريون ٽالپر حڪمران مير فتح علي خان هو. ملڪ جي فلاح ۽ بهبود لاءِ هن پنهنجي ٽن ڀائرن: مير غلام علي خان، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان کي پاڻ سان حڪومت ۾ شامل ڪري، چوياري قائم ڪئي. سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو: (۱) پهريون حصو حيدرآباد وارو، جنهن جون حدون ڪراچيءَ کان سيوهڻ ۽ ٽنڊوالهيار کان کيرٿر تائين هيون. ٿر به هن حصي ۾ هو. مير فتح علي خان پنهنجي چوياريءَ سان هن حصي جو حڪمران بنيو. هيءَ ”شهداداڻي“ سرڪار سڏي وئي. (۲) ٻيو حصو شاهه بندر کان ڇوڙ تائين هو. ان جو پهريون تخت گاهه ونگي ۾ ”ڪيٽي“ هو. هيءُ علائقو مير ٺاري خان کي ڏنو ويو. سنه ۱۸۰۶ع ۾ مير ٺاري خان ميرپورخاص شهر تعمير ڪرائي، ان کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بنايو. هيءُ ”ماڻڪاڻي“ سرڪار سڏي وئي. (۳) ٽيون حصو اتر ۾ هو، جنهن جون حدون ٿر ۽ موري کان اوٻاوڙي، روجهاڻ ۽ سيوهڻ تائين هيون. هي علائقو مير سهراب خان جي حوالي ڪيو ويو. ان جو تخت گاهه ”خيرپور“ کي بنايو ويو. هيءَ  ”سهراباڻي“ سرڪار سڏبي هئي.
اسان جي شاعر يعني حضرت سچل سرمست رحه جو ڳوٺ خيرپور واري حصي ۾ هو، ۽ خيرپور جا حڪمران مير سندس معتقد هئا. سنڌ جي وڏي حصي تي جيتوڻيڪ حيدرآبادي حاڪمن جو قبضو هو، ان هوندي به اتر سنڌ جو سمورو علائقو مير سهراب خان جي قبضي ۾ هو. هو سخي، رحمدل ۽ ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ هو. سندس ڏينهن ۾ ملڪ ۾ امن امان رهيو، ۽ هر طرح خوشحال ۽ آباد هو. هو حضرت سچل سرمست رحه جو همعصر ۽ معتقد هو. هن سنه ۱۸۳۰ع ۾ وفات ڪئي. ان کان پوءِ، سندس پٽ مير رستم خان تخت نشين ٿيو.
جيتوڻيڪ ميرن ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ۽ امن امان قائم رکڻ لاءِ وسان ڪين ٿي گهٽايو، ان هوندي به چوڌاري وڏي گڙ ٻڙ هئي. فرنگي شرارتون هندستان کي پنهنجو شڪار بنائي چڪيون هيون، ۽ هينئر سنڌ ۾ پنهنجو ڄار پکيڙي رهيون هيون. هوڏانهن پنجاب جو حاڪم رنجيت سنگهه سنڌ تي حملي ڪرڻ جون تياريون ڪرڻ لڳو. هو شاهه شجاع ۽ انگريزن جي اتحاد ثلاثه ۾ شامل هو.
راجپوتن ۽ دائودپوٽن به کئونس ڪرڻ شروع ڪئي، پر ميرن دليري، بهادري ۽ جرئت سان سڀني سان منهن ڏنو.



سچل سرمست
سچُو سو فقير جو حد لاحد لنگهي وڃي
اعجاز ممنائي
سچل سرمست رحمته الله عليه سنڌ جو عظيم ۽ بيباڪ شاعر آهي، سندس ڪلام ۾ رس رچاءُ ۽ رواني کان علاوه بي خودي ۽ وجد واري ڪيفيت نمايان نظر اچي ٿي، بقول شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ته ”سچل ان ڪُنيءَ جو ڍڪڻ لاهي ڇڏيندو، جيڪا اسان رڌي آهي“، جا بلڪل حقيقت ثابت ٿي ۽ سچل سائينءَ جيڪي روحاني پرداپوش حقيقتون بيان ڪيون، سي اڳتي هلي امت جي لاءِ اصلاح جو سامان بڻيون ۽ اڇا ڪارا سڀ ظاهر ٿي پيا، ائين سچل سرمست رحه نمايان شاعر ٿي اڀريو، پاڻ جڏهن به ڪلام چوندو هو ته مٿس وجداني جي ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي ۽ پاڻ تنبورو کڻي مستيءَ ۾ نچندو ۽ ڳائيندو رهندو هو، ائين سندس اکين مان آب جاري ٿي ويندو هو، ڇوته سندس ڪلام ۾ درد جا واهڙ وهندا هئا، اهڙي پرسوز شاعري پڙهي پڙهندڙ شاعر جي شخصيت کي به پرکڻ شروع ڪندو آهي، ڇوته ڪنهن به قوم يا گروهه جي باوقار شخصيت جي ٺهڻ ۾ ان علائقي جي تهذيب، تمدن، بهترين ماحول، والدين جي صحيح پرورش، معاشري جو سٺو طريقو، قانون تي عمل ۽ ان جي پاسداري، هاديان دين جي هدايت جو وڏو هٿ هوندو آهي، جنهن ۾ هُو پروان چڙهندو آهي، قرآن مجيد جي حڪم موجب شيطان ازل کان انسان جو دشمن آهي ۽ قسم کڻي انسان سان دشمنيءَ جو عمل شروع ڪيو آهي ته جيئن کيس هر ممڪن طريقي سان گمراهه ڪري سگھي، سائين به کيس خوب جواب ڏنو ته ڪوبه منهنجو دوست ڪڏهن به تنهنجي ڄار ۾ نه ڦاسندو، جڏهن سچل سرمست رحه جي شخصيت تي نظر وجھجي ٿي ته پاڻ سادا ۽ پروقار نظر اچن ٿا، سادو کاڌو کائڻ ۽ سادو لباس پهرڻ سندس شخصيت کي اڀاري ٿو، مولوي راڻيپوري سندس شڪل شبيهه ۽ لباس بابت لکيو آهي ته سندس قد وچولو، رنگ صاف کليل بادام جهڙو، دلڪش، اکيون وڏيون، وارگيسو دراز، اڇو پهراڻ ۽ اڇي کٿي جي چادر يا اڇي کاڌيءَ جي گوڏ ٻڌندو هو، مٿي تي سبز تاج پائيندو هو، پاڻ نماز جو پابند هوندو هو، سڄو ڏينهن ورد ۽ وظيفو سندس مشغول هوندو هو، مٿس هميشه بي خودي ۽ استغراق واري ڪيفيت رهندي هئي، اهڙي عظيم شاعر جي شاعريءَ جي سڀني پهلوئن جو هڪ ئي وقت جائزو وٺڻ ڪنهن انسان جي مجال نه آهي، پاڻ ئي پنهنجي هن بيت ۾ چوي ٿو ته:
حدين وڃي هر ڪوئي، بيحد وڃي پير،
سچو سو فقير جو حد لاحد لنگھي وڃي.
ان مان ظاهر آهي ته سچل سرمست ڪنهن محدوديت جو نالو نه آهي، بلڪه جيترو ان جي گهرائيءَ ۾ وڃبو اوترو اهو گهرو ٿيندو ويندو، جيئن انسان جي تخليق جو راز اڄ ڏينهن تائين نه پرکجي سگھيو آهي ۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي مقصد سان ان کي بيان ڪري ٿو، جڏهن قرآن مجيد صرف انسان جي تخليق کي چند لفظن ۾ بيان ڪري الله تعاليٰ ملائڪن جي سوال جو اڌورو جواب ڏيئي خاموش ڪرايو آهي ته ”جيڪو ڪجهه مان ڄاڻان ٿو توهان نه ٿا ڄاڻو“ سو سچل سرمست رحه کي به هر پڙهندڙ پڙهي پڙهي جواب ۾ لکي ٿو ته جيڪو ڪجهه سچل لکيو آهي سو اسان جي سمجهه کان مٿي آهي.
ڪلمو پڙهان ته ڪافر ٿيان، گھڙان نه انهيءَ گھيڙ،
جاڏي راهه رسول جي مان تاڏي نه ڀريان پير،
جي من مان ڪڍان نه مير ته حضوري حاصل نه ٿئي.
سندس اهڙي رنديءَ ۽ مستي واري لهجي مذهبي حلقن ۾ رنجش پيدا ڪري وڌي ۽ فتوائون جاري ٿيڻ لڳيون ته سچل سرمست مسلمانيءَ مان نڪري ويو آهي پر کين ڪهڙي خبر ته مير رکڻ سان ڪهڙيون خرابيون جنم وٺن ٿيون ۽ انسان پنهنجي تخليق کان هزارين ڪوهه پري ٿي وڃي ٿو، روزا ۽ نمازون ان لاءِ عذاب بڻجي وڃن ٿيون، قرآن مجيد ته واضح چيو آهي ته اهي نمازون توکي واپس منهن تي هنيون وينديون ۽ اهي روزا صرف تنهنجي بک ڪاٽڻ لاءِ آهن، اهي حج رڳو پئسو زيان ڪرڻ لاءِ آهن، اهي زڪواتون ماڻهن کي ڏيکاءُ لاءِ آهن، جنهن جو ڪوبه سِلو توهان کي ملڻو نه آهي، صوفي ته پوري انسانيت ۾ خدا جي عڪس ڏسڻ جا قائل آهن، ڇوته سندن عقيدو هجي ٿو ته خدا جو جلوو انسان ۾ آهي، صوفياڻي خيالن جو اهو ڍڪ وارو اظهار به سچل سائينءَ وٽ  موجود آهي، پر بنيادي طور سندس بيباڪي هزارن ڍڪن جي پردن کان به ٻاهر نظر اچي ٿي، پاڻ مئخاني ۾ رهي محبوب جو مشاهدو ماڻي ٿو ۽ بي خوف ٿي چوي ٿو ته:
شوق شراب پيان پرين وٽ رات رهان،
ناهي وري قاضي ملان جو لحاظ مون کي.
هونءَ به حق سچ جي ڳولا جو حڪم پڻ آيل آهي، هاڻي حڪم جي تعميل ڪندي حق جي ڳولا ڪري، ڇوته حق وارو ئي نجات پائيندو، ڇوته انسانيت جي دائري ۾ رهي حق جي طرفداري ڪندڙ انسان لامحدود ڪمالات جو مالڪ بڻجي سگهي ٿو، حق لهڻ جي ڪاميابيءَ لاءِ چار مرحلا ترتيبوار طئي ڪرڻ ضروري آهن، پهريون معرفت، ٻيو عشق، ٽيون ارادو ۽ چوٿون عقل.
هاڻي ڪنهن به ڪم جي لاءِ سڀ کان پهريان معرفت ضروري آهي، ان کان پوءِ عشق انسان کي منزل طرف وڌڻ جو دڳ ڏيکاري ٿو، جنهن سان انسان ارادو ڪري اڳتي وڌي ٿو ۽ اڳيان ايندڙ رڪاوٽن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ جبل وانگر مضبوط ۽ طاقتور ٿي ويندو آهي جڏهن ته عقل حق ۽ باطل ۾ بامقصد ۽ بي مقصد شين ۾ فرق پيدا ڪري ٿو، حق ۽ سچ جي معرفت حاصل ڪرڻ جو واحد ذريعو عقل ئي آهي، ان ڪري عقل جي ڪري ئي انسان کي باقي موجودات تي فوقيت حاصل آهي، سچل سائينءَ وٽ معرفت، عشق، ارادو ۽ عقل موجود آهي.
سچل سائين جي شاعري ۾ ذڪر ڪيل ملان مان مراد خود غرض، خاص ذهنيت ۽ بي عمل انسان آهي، ان ڪري انهن جي هر عمل کي هر عظيم شاعر ننديو آهي، الاهي معرفت عشق کان سواءِ ملڻ ممڪن نه آهي، جيتوڻيڪ عاشقن کي راهه ۽ رسم جي خبر ازل کان آهي، جيئن اتباع، انڪساري ۽ خشوع جي منزل حق جي منزل ڏانهن راغب ٿي وڃي، مرشد ڪامل پنهنجي ورد وظائف ذريعي شريعت جي تڪميل لاءِ آماده ڪندو آهي، ان طريقت جي ذريعي ئي معرفت تي پهچبو آهي، تصوف تعصب جو رد، رواداري جو حامي ۽ خودشناسيءَ کي خدا شناسي سمجهي ٿو، اصل ۾ تصوف جا پنج ڏاڪا آهن.
۱: شريعت: اسلامي عقيدت جي پختگي،  ۲: طريقت: حق جي مرشد جي اتباع ۳: معرفت: خدا تعاليٰ جي ساڃاهه،  ۴: حقيقت
۵: بقاءِ دام: خدا جي ذات ۾ گم ٿي وحدت ۾ سمائجي وڃڻ.
مطلب ته سچل سائين انهيءِ پنجن طريقن کان به مٿي اڏار ڪندو نظر اچي ٿو، ڇوته پاڻ مذهب ۾ هر صاحب معرفت جيان تنگ نظريءَ کان مٿي انساني رواداري امن ۽ محبت جو قائل آهي، سندس سڄو ڪلام بيباڪيءَ جو آئينو هئڻ سان گڏ رندي ۽ مستيءَ سان ڀريل آهي، پاڻ درد ۽ سوز جا سڀ رنگ اختيار ڪيا اٿائين، پر هر رنگ ۾ سندس فڪر جو محور رڳو محبت ۽ عشق آهي، جيڪا ڪنهن به گروهي تعصب کان اتاهين آهي ۽ سڄي جا سڄي انسانيت تي مبني آهي، پر ڪي سمجھو ئي ان کي سمجھي سگھن ٿا، جيئن پاڻ فرمايو اٿائين ته:
پڇو نه منهنجي ذات، مان جوئي آهيان سوئي آهيان،
اچڻ اسان جو ٿيو اتاهين جاتي ڏينهن نه رات،
ظاهر آهي زبان منهنجي الاقرب سندي ڪلمات،
سچُو سر سهي ڪر پنهنجو عشق منجهون عشقات.


No comments:

راءِ ڏيندا