ادل سومرو
اميدن ۽ خوشبوئن جو شاعر
رضوان گل
شاعر سماج جو باشعور فرد ٿئي ٿو. هُو
جيڪو ڪجهه به پنهنجي مشاهداتي ۽ احساساتي اک سان پنهنجي ارد گرد ٿيندي ڏسي ٿو سو
سچائيءَ سان بيان ڪري ٿو. ادب جي مختلف شعبن ۾ جن ليکڪن انتهائي ذميواريءَ سان
خوبصورت تخليقون سرجي ماڻهن جي دلين ۾ جايون جوڙيون آهن، انهن مان نرالي انداز
وارو شاعر ادل سومرو پڻ هڪ آهي، جنهن جون سوچون مايوسين ۾ آٿت ڏيندڙ آهن. سندس شعر
دلداري ڏياريندڙ ۽ روشني ڦهلائيندڙ آهن:
شاعر ڄڻ دلداري آهن،
انسانن جا لڙڪ اگهن ٿا،
رابيلن جي مُرڪ ڏين ٿا،
مايوسيءَ جي اونداهين ۾،
روشن روشن گيت چون ٿا.
ادل سومرو روايتي انداز جو شاعر نه
آهي. هن جي شاعريءَ ۾ نواڻ آهي. اهڙي نواڻ جنهن ۾ تازگي آهي، جنهن جي پنهنجي الڳ
خوشبو آهي. ادل سومري وٽ لفظ ٻانهون ٻڌي بيٺل ٻانَهن جيان محسوس ٿين ٿا:
* شـعـــر بـــرابــــر
سِـــڪـــا نــاهــــن، پـــوءِ بـه آهــيـــون ڌنـــوانَ،
ڪوئل ڪنهن ڪنهن لئه
ڳائي ٿي، سو ڇا سمجهن نادان.
* پنهنجا خواب فقيرن جهڙا، چتيون چتيـون ويـس،
دردن جي ڪوهيڙي ۾ آ، ڌنڌلو سارو ديس.
ادل سومرو، جنهن جو اصل نالو
عبدالڪريم آهي، ۱۵ آگسٽ ۱۹۵۵ تي سکر ۾ پيدا ٿيو. ايم اي اقتصاديات ۽ ايم اي سنڌيءَ
۾ ڪيائين. ۱۹۸۱ ۾ ليڪچرار ٿيو. لکڻ جي شروعات ۱۹۶۸ کان ڪيائين. سندس پهريون
شعر ”ماءُ بنا ٻار جو نظم“ ۱۹۶۹ ۾ هلال پاڪستان ۾ شايع ٿيو. شاعريءَ ۾ ادل سومري جي پسند جون صنفون،
وائي، بيت، غزل آهن، جڏهن ته نثري ادب ۾ آتم ڪهاڻيون کيس پڙهڻ ۾ وڌيڪ سٺيون لڳن
ٿيون. ادل سومري جي ڇپيل ڪتابن ۾ ”وليون وڻ ڦلارئا“ (شاعري)،
”اسين مسافر پيار جا“ (مضمون ۽ خاڪا)، ”سنڌالاجي ۽ ساميءَ مٽ“ (شاعري، ڪهاڻيون ۽
مضمون) ترتيب، ”سمنڊ جاڳي ٿو“ (شاعري)، روز ٽڙن رابيل“ (ٻاراڻي شاعري)، ”چنڊ پشم
گولو“ (ٻاراڻي شاعري)، ”آچر جا احوال“ (ڪهاڻيون)، ”پتلن جو تماشو“ (شاعري)، ”جيتن
جي ڪانفرنس“ (ڪهاڻيون)، ”پوپٽ جهڙا گيت“ (شاعري)، ”نئين دؤر جا نوان سبق“ (طنزيه
سبق)، ”واٽون ڦلن“ (شاعري) ۽ ”وساري نه ڇڏجو“ (شاعري) شامل آهن.
ڊاڪٽر ادل سومري جي شخصيت ۾ مون کي
ڪڏهن به ڪو هَٺ يا وڏائي محسوس ناهي ٿي. هو طبعيت ۽ مزاج ۾ سادو ۽ سڌو
ماڻهو آهي. انهيءَ ڪري سندس دوستن جو حلقو به سڄي سنڌ کان علاوه هند تائين ڦهليل
آهي. هو پنهنجي منهن ڪم ڪرڻ وارو محنتي ماڻهو آهي. سندس شاعريءَ جي مقبوليت جو
دائرو به سرحد پار تائين آهي. ادل سومري هڪ محقق جي حوالي سان به نهايت اهميت وارو
ڪم ڪيو آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جي حوالي سان پي ايڇ ڊي جي ٿيسز لکي ڊاڪٽريٽ جي
ڊگري حاصل ڪئي اٿائين. هن وقت ادل سومرو شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو چيئرمئن آهي جتي شاگردن کي ادب جا سبق پڻ پڙهائيندو
رهي ٿو.
ڊاڪٽر ادل سومري کي هيل تائين مختلف ادارن
پاران جيڪي ايوارڊ مليا آهن، انهن ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو ادبي انعام، هري
دلگير ايوارڊ سنڌي ادبي سنگت سنڌ، انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجيءَ جو ادبي انعام، سنڌ ثقافت کاتي جو ادبي ايوارڊ ، سنڌي لينگويج اٿارٽي
حيدرآباد جو ادبي ايوارڊ، گولڊن جوبلي ايوارڊ ماهوار نئين
زندگي، سچل سرمست يادگار ايوارڊ ۱۹۹۹ بطور بهترين شاعر، سنگت مڃتا
ايوارڊ (ڊاڪٽريٽ ڪرڻ تي)
سنڌي ادبي سنگت، وائس چانسلر ميڊل سنڌ يونيورسٽيءَ پاران ايم اي (سنڌي
ادب) فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن تي، نشان اعزاز و تحسين، اعزازي شيلڊ بين
الاقوامي سچل ڪانگريس سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن سنڌ، سنڌي ادبي
سنگت گولڊن جوبلي ايوارڊ، شيخ اياز شيلڊ، سائوٿ ايشيا پبليڪيشن گولڊ ميڊل، گوبند
مالهي ايوارڊ سنڌي ادبي سنگت نوشهروفيروز، سائوٿ ايشيا
پبليڪيشن ملينيم ايوارڊ، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ، بيسٽ سيڪريٽري جنرل ايوارڊ ۲۰۰۳ ۽
ٻيا شامل آهن. ان کان علاوه ڊاڪٽر ادل سومري جون علمي ۽ ادبي ذميواريون به مختلف
حوالن سان ۽ مختلف ادارن سان رهيون آهن جن ۾: سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت سکر، نائب
صدر سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سکر سنڌ، سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگت سنڌ (ٻه
ڀيرا) ۱۹۹۲ کان ۱۹۹۴، ميمبر، انٽرنيشنل بايوگرافيڪل سوسائٽي لنڊن،
سرپرست، گلن جهڙا ٻارڙا تنظيم سکر ۱۹۷۵، ميمبر سکر هسٽاريڪل سوسائٽي، ريسرچ گائيڊ،
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سنڌ، سيڪريٽري سچل يادگار
ڪميٽي خيرپور سنڌ شامل آهن.
ادل سومري جي شاعريءَ کي سنڌ جي سرموڙ
فنڪارن ڳايو آهي، سندس سڃاڻپ جو هڪ پاسو ريڊيو تي نشر ٿيندڙ سندس شاعري آهي جيڪا
مختلف فنڪارن مختلف اندازن ۾ ڳائي آهي. ڪيترائي عام ماڻهو ادل سومري کي انهيءَ
حوالي سان سڃاڻن. ائين ادبي پروگرامن ۾ بنا ناغي شامل ٿيڻ جي حوالي سان به سنڌي
ادب سرجيندڙ ۽ ادب سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن لاءِ ادل سومري جي شخصيت احترام لائق
آهي. سندس علمي ادبي سفر جاري آهي ۽ پاڻ ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪرڻ ۾ مصروف آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا