تاجل بيوس
ٻوليءَ جي جھولي ڀريندڙ شاعر
رضوان گل
جيئن هر گل جي الڳ
خوشبو ٿئي ٿي، تيئن هر انسان ۾ به پنهنجي پنهنجي سڳنڌ هوندي آهي. سنڌ جي زرخيز
مٽيءَ ڪيترائي اهڙا مهَا پُرش جنميا جن پيار، امن، ڀائيچاري ۽ محبت واري روَيي سان
ماڻهن جي دلين ۾ جايون جوڙيون آهن. اهڙن پيارن، مانوارن ڏاهن ۽ ڏات ڌڻين ۾ تاجل
بيوس جو شمار پڻ ٿئي ٿو، جنهن سموري ڄمار محبت، پيار، امن ۽ ايڪتا جا گيت لکيا.
تاجل بيوس جو اصل نالو تاج محمد سمون هو جيڪو خيرپور جي
ڳوٺ پير حيات شاهه ۾ ۲۲ آڪٽوبر ۱۹۳۸ع تي محمد جعفر جي گھر
پيدا ٿيو. سندس تعلق غريب گھراڻي سان هو پر سندس والد کيس سٺي تعليم ڏياري. تاجل
بيوس ايم اي معاشيات ۾ ڪئي، پر سندس شوق ۽ ذوق شروع کان ئي ادب سان هو. کيس
ادبي ڪتابن پڙهڻ سان ڪافي دلچسپي هئي، خاص طور شاعريءَ جا ڪتاب سندس ڪمزوري هئا.
هو هڪ سنڌ پرست شاعر هو، جنهن جي هر سٽَ ڌرتيءَ سان محبت ۽ عقيدت سان ٽمٽار هئي.
سنڌ جي مختلف علائقن جي ٻولي ۽ استعارا سندس شاعريءَ ۾ تمام خوبصورتيءَ سان
استعمال ٿيل آهن. سنڌ جي ڪيترن ئي گلوڪارن سندس شاعري ڳائي آهي. جڏهن عابده پروين
سندس سٽون آلاپي ٿي ته منَ ۾ جل ترنگ وڄڻ لڳن ٿا. پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت جي حوالي
سان لکيل سندس هي سٽون ڏسو:
سنڌ منهنجي امان
سونهن تنهنجـي مٿــان
ڇا لکي ڇا لکان
هڪ قلم هڪڙو مان ،
ڪيئن پورو پوان
ڇا لکي ڇا لکان
تاجل بيوس ٻهراڙي جي ماحول ۾ به رهيو، ته سنڌ جي گاديءَ
واري شهر ڪراچيءَ جي شهري ماحول ۾ پڻ. ۷۰ واري ڏهاڪي ۾ هو مستقل طور
ڪراچي لڏي آيو، جتي کيس ڪراچيءَ جي صورتحال ڏسي پريشاني به ٿي، جو اهو دؤر ڪراچيءَ
جي امن امان واريون حالتون خراب ٿيڻ وارو ابتدائي دؤر هيو. هن ڪراچيءَ جي اهڙين
حالتن جي حوالي سان به ڪيتريون ئي سٽون لکيون. سندس اهڙا شعر حقيقت ۾ ڪراچيءَ ۾
ٿيندڙ ظلمن، زيادتن ۽ ناانصافين جي منظوم تاريخ آهن.
شاعر وٽ مختلف ڪيفيتون ٿين ٿيون، جن جو اظهار هو مختلف
وقتن تي ڪندو رهي ٿو. جڏهن تاجل بيوس پنهنجي ڌرتيءَ واسين کي ڌڪا کائيندي ۽ ڌارين
جي داداگيرين کي پنهنجي اکين سان ڏسي ٿو ته سندس منَ اندر ۾ هن قسم جا جذبا جنم
وٺن ٿا:
ڪراچي کي ڪير؟ واڳن
جيئن ويڙهي ويا!
وجهي وات
وڻن ۾، چمڙن جيئن چوڦير،
گهاتو، پڄو گهير،
ٿيا سڏ ساڻيهه
جا.
شاعر جھڙيءَ ريت پنهنجي دؤر جي تاريخ لکن ٿا، سا ايندڙ
نسلن لاءِ سچ جي سج وانگر هجي ٿي. سچو قلمڪار هميشه پنهنجي ضمير جو آواز ئي ٻڌندو
آهي ۽ ان تي ئي آخر تائين اٽل رهندو آهي. دنيا جي تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته
دنيا ۾ جيڪي به انقلاب آيا آهن، انهن ۾ شاعرن ۽ اديبن جو تمام وڏو ۽ اهم ڪردار
رهيو آهي. تاجل بيوس به اهڙو ئي ڪردار نڀايو جنهن سان کيس سڃاڻپ جوحوالو مليو.
اهڙو حوالو جنهن سان هو صدين تائين جيئندو رهندو.
تاجل بيوس جي شاعريءَ جي اها خوبي هئي جو هن ڌرتيءَ جي
من موهيندڙ منظرن کان وٺي آسمان تي اڏامندڙ رنگ به رنگي پکين تائين هر نظاري تي
قلم کنيو آهي. هن جي شاعريءَ ۾ لاين، لڻين، پپر، ٻاٻيهن، ٿوهرن، ڪنڊن، گلن، گؤنچن
۽ ڏُڌَ مکڻن جي ڳالهه به آهي ته ساڳي وقت سنڌ جي ٻجن، فصلن ۽ گاهن جي گلزاري به
نظر اچي ٿي. هن جي شاعريءَ ۾ ٿر جي ريگستان کان ويندي جابلو سلسلن تائين سنڌ جي
جاگرافي به پسي سگھجي ٿي. حقيقت ۾ تاجل سنڌ جي چپي چپي سان پيار ڪندڙ ڪوي آهي،
سندس شاعريءَ جي خاص خوبين ۾ ٺيٺ سنڌيءَ ٻولي ۽ تشبيهن جو خوبصورت استعمال پڻ اهم
آهي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙيون تشبيهون به استعمال ڪيون آهن، جيڪي اسانجي
ٻهراڙين مان به هاڻي ختم ٿي چڪيون آهن يا موجوده ٽهيءَ جي نوجوانن کي انهن بابت ڪا
سُڌ ناهي رهي. تنهن ڪري ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن پنهنجي ڪويتائن وسيلي سنڌي ٻوليءَ
جي جھولي پئي ڀري آهي.
شاعريءَ ۾ تاجل جي پسند جون صنفون وائي، ڪافي ۽ بيت
رهيون آهن، پر مجموعي طور هن هر صنف ۾ پاڻ ملهايو آهي. جيتوڻيڪ تاجل ڪافي وقت
ڪراچيءَ ۾ رهيو پر سندس ڳالهائڻ جو لهجو نج سنڌي ڳوٺاڻي ٻوليءَ جون سڪون لاهيندڙ
هو. هن جي دوستيءَ جو حلقو نه فقط سنڌي پر اردو اديبن سان پڻ رهيو. ڪراچي ۾ رهندي
هن ڪيترائي اردو ڳالهائيندڙ سٺا دوست ٺاهي ورتا، جن سان هو اڪثر ڪچهريون به ڪندو
هو. اردو ادب ۾ به ڪم ڪيائين. هندوستان جي سنڌي اديبن سان سندس گھري وابستگي رهي.
هو جڏهن به هندوستان ويو ته کيس بي انتها محبتون نصيب ٿيون. اتي کيس ڪيترائي
پنهنجا پرڻا دوست يار به مليا جيڪي ورهاڱي بعد هتان لڏي ويا هئا. هندوستان جي
اديبن سان سندس خط و ڪتابت آخري وقت تائين مسلسل جاري رهي. تاجل بيوس کي هندوستان
مان ڪيترائي ادبي ايوارڊ پڻ مليا. جن ۾: ۱۹۹۶ع ۾ نارائڻ شيام گولڊ
ميڊل (ٻه ڀيرا)، سنڌي ادبي سڀا پاران فرسٽ ڪلاس ايوارڊ، پروفيسر رام پنجواڻي
گولڊ ميڊل ۽ ۲۰۰۱ ۾ مارئي ايوارڊ شامل آهن. ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي
انعام ۽ ايوارڊ کيس مختلف سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ۽ تنظيمن پاران ڏنا ويا. سندس
ڇپيل ڪتابن ۾: ”جڏهن ڀون ڀڻي“، ”انبن جھليو ٻور“، ”ڪاڇي مٿان ڪونج“، ”ڪنڌي ڪئنور
ترن“، ”ڪنڌي اڪ ڦلاريا“، ”صحرا سترجن“، ”تنهنجا نيڻ غزل“، ”ڏوريان مَ لهان“، ”وڏا
وڻ وڻڪار جا“ (شيخ اياز سان گڏ)، ”پکي ساڳي پار جا“ (شيخ اياز سان گڏ ۲۰۰۴)، ”چپ انجير جي
حاشين جھڙا“، ”تاجل بيوس جو رسالو“ وغيره شامل آهن.
تاجل بيوس، ڀٽائي جو پوئلڳ هو، هن جي حضرت شاهه
عبداللطيف سان بيحد عقيدت هئي، شاهه جو رسالو سندس پسنديده ڪتابن مان هڪ هو، جنهن
کي هو سيني ۾ سانڍيندو رهيو. جڏهن هن پنهنجي ڪلام جي ڪليات جو نالو ”تاجل بيوس جو
رسالو“ رکيو ۽ ان کي ڇپرائي مارڪيٽ ۾ آندو ته کيس ادبي حلقن مان تنقيدي رايا به
ٻڌڻ لاءِ مليا، پر هو ڪڏهن به مايوس نه ٿيو، جو هُن سڄي حياتي اهو ئي ڪيو هو جيڪو
سندس مَن چيو هو. دل جي ڳالهه کي هن هر راءِ کان وڌيڪ اهميت ڏني. تاجل هندوستان
کان واپس ٿي سفرنامو به لکيو، جنهن ۾ هن پنهنجي زندگيءَ جون ڪيتريون ئي يادگيريون
سهيڙيون. پاڻ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي تيز ۽ ترش ڪالم به لکندو رهيو. سهڻي شاعر
شمشيرالحيدري سندس وڇوري بعد سندس ياد ۾ منعقد ٿيل هڪ تقريب ۾ کيس ياد ڪندي چيو هو
ته: ”تاجل جو وڇوڙو هونئن ته سڄي سنڌ جو نقصان ۽ سڀني سنڌ واين جو گڏيل ڏک آهي پر
مون کي سندس وڇوڙي جو احساس ان ڪري به اڃا وڌيڪ ٿئي ٿو جو هو منهنجو نه فقط دوست ۽
ساٿي هو پر ذاتي طور مٽي مائٽي جو حوالي سان به اسان پاڻ ۾ تمام ويجها هئاسين، ڏک
ان ڳالهه جو به آهي ته هن جو وڃڻ ڪُمَهلو هو جو هن هٿ ۾ ڪجهه اهڙا ڪم کنيا هئا
جيڪي اڃا اڌ ۾ هئا. سندس چاليهارو کن ڪتاب رِٿيل هئا جن مان ڪجهه ته ڇپيا پر ٻيا
اڃا رهيل آهن اهو ڪم جيڪر مڪمل ٿي پوي ها ته سنڌي ٻوليءَ جو ڀلو ٿي پوي ها“.
تاجل بيوس سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو تسلسل به هو جو
سندس شاعريءَ جي ٻولي ۽ لفظن جي خوبصورتي جيڪڏهن جديد شاعرن ۾ ڳولجي ٿي ته ورلي ئي
ملندي. سندس ڊڪشن پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکندڙ هو. سنڌيت سندس لفظ لفظ ۾ تسبيح جي داڻن
جيان پويل هئي. ۴ ڊسمبر تي مٿس فالج جو حملو ٿيو جنهن کان پوءِ هو ڪوما ۾
هليو ويو ۽ آخرڪار انهيءَ حملي ۱۳ ڊسمبر ۲۰۰۸ تي هي پيارو ماڻهو
اسان کان هميشه لاءِ کسي ورتو، جنهن جون اڄ به سنڌ جي جھر جھنگ ۾ ڪيتريون ئي سٽون
گونجي رهيون آهن. هو پنهنجي وصيت مطابق چوڪنڊي جي مقام ۾ آرامي آهي.
نه ٿو نبري نينهن،
جوڳي منهنجا جوءِ مٽي ويا
ويا اهڙي ملڪ،
جتي رات نه ڏينهن.
جوڳي منهنجا جوءِ مٽي ويا.
No comments:
راءِ ڏيندا