قاضي مقصود گل
شاعر، ڪهاڻيڪار، مترجم ۽ ڪالم نگار
رضوان گل
سياست،
صحافت ۽ ادب جي شعبن ۾ لاڙڪاڻو هميشه اڳرو رهيو آهي. هتان جي ماڻهن پنهنجي پنهنجي
شعبن ۾ غير معمولي ڪارڪردگيءَ سبب نه رڳو ملڪي پر بين الاقوامي شهرت ۽ مڃتا ماڻي
آهي. ادب جي شعبي ۾ اهڙا ڪيترائي خاندان آهن جن ڪيترين ئي پيڙهين کان وٺي ساهت جي
آبياري ڪئي آهي. اهڙن ئي خاندانن مان رتي ديري جو قاضي خاندان پڻ هڪ آهي، جنهن جا
فرد ادب کان علاوه ٻين شعبن ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. انهن فردن مان هڪ
گھڻ پاسائين شخصيت قاضي مقصود حيات ولد قاضي عبدالحئي ”قائل“ آهي، جيڪو ۱۵ اپريل ۱۹۵۰ع تي رتي ديري ۾ پيدا ٿيو. کيس
سنڌي ادب ۾ مقصود گل جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو.
قاضي
مقصود گل ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان ورتي. گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتي ديري مان مئٽرڪ
پاس ڪرڻ بعد لاڙڪاڻي ۽ پوءِ حيدرآباد مان تعليم جون سنَدون
حاصل ڪيون. بِي اي ڪرڻ بعد پنهنجي خانداني پيشي استاديءَ سان ۱۹۶۹ ۾ وابسته ٿيو. پهرين پوسٽنگ هاءِ
اسڪول سيتا روڊ ضلعي دادو ۾ بحيثيت ڊرائنگ ٽيچر ٿي. ان دؤران اقتصاديات ۽ سنڌي ادب
۾ ايم اي جون ڊگريون حاصل ڪيائين. ۱۹۷۳ ۾ شگرمل نئون ديرو ۾ تربيتي آفيسر طور چونڊيو ويو، جنهن کان پوءِ سندس ترقي ٿي ۽ ڊپٽي مئنيجر بڻجي ويو. گل، هن وقت قاضي
عبدالحئي قائل ماڊل اسڪول رتوديرو جو پرنسپال آهي.
مقصود گل
جي شخصيت جا هونئن ته ڪافي پهلو آهن پر سندس بنيادي سڃاڻپ جو اهم حوالو شاعري آهي،
جنهن ۾ شروعاتي دؤر ۾ اصلاح پنهنجي والد کان ورتائين ۽ پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي
نامياري شاعر ڊاڪٽر عطا محمد حامي کان رهنمائي حاصل ڪندو رهيو. هن جي شاعريءَ جو
اڪثر موضوع ڌرتي ۽ ڌرتيءَ واسين جا ڏک ۽ تڪليفون رهيو آهي. جڏهن به ڪنهن ظالم،
قومي حقن تي راتاهو هنيو ته هن جو قلم تلوار جي تيز ڌار جيان وهيو. ڪيترن ئي سالن
کان اخبارن ۾ سندس چؤسٽا شايع ٿيندا رهيا آهن جيڪو سلسلو روزاني عوامي آواز ۾ ڪافي
وقت تائين جاري رهيو. سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن جي حوالي سان ٺهڪندڙ انهن چؤسٽن ۾ پڻ هڪ
دؤر جي منظوم تاريخ سمايل آهي.
مقصود گل
کِلڻو، مِلڻو، محبتي ۽ زنده دل ماڻهو آهي. ساڻس گڏ ويهي ڪچهريون ڪبيون آهن ته وقت
جو احساس ئي ناهي رهندو. هن جي گفتگو ۾ اهڙو ته سحر آهي جو هر ماڻهو ساڻس ملاقات
ڪرڻ بعد سندس محبت جو قائل ٿيڻ کان سواءِ رهي ئي نه ٿو سگھي. چوندا آهن جيڪي ماڻهو
ظاهر ۾ تمام گھڻو خوش لڳندا آهن انهن جي اندر ۾ دردن جون ڪهاڻيون سمايل هونديون
آهن. گل پنهنجي والد جي وڇوڙي جي درد جي ڪٿا هن
سٽن ۾ به بيان ڪئي ته:
تن کان پُڇجي درد
ڪهاڻي،
جن کان پنهنجا ڌار
ٿيـن ٿـا.
سڄاڻ
قلمڪار علي دوست عاجز مقصود گل جي شاعري جي مجموعي ”رت ڀنا رابيل“ ۾ ”شاعر گل ۽
خوشبو گيت“ جي سِري هيٺ لکيو آهي: ”سائين قاضي صاحب فطري طور معصوم جذبن جو ڌڻي
آهي، سندس شاعريءَ ۾ گلن جهڙي ڪوملتا، خوشبو ۽ نفاست آهي، جن جي اقرار توڙي انڪار
جي موسيقي روح جي تارن کي ڇُهندي ٿي وڃي اهڙي معصوميت مون ٿورن ماڻهن ۾ ڏٺي آهي.“
روئي ٿا کِلون ۽ نير هاريون،
اسان جي به ڄڻ آهي
ٻارن جي دنيا.
مقصود گل
مصور به آهي ته بيباڪ ڪالم نگار پڻ. مختلف سياسي سماجي مسئلن تي هن مستقل مزاجيءَ
سان ڪالم به لکيا آهن، جن ۾ سندس انداز بيباڪ ۽ جُرئت منديءَ وارو رهيوآهي. شاعري
۽ ڪالم نگاري جيتوڻيڪ هڪ ٻئي کان ڪافي مختلف شعبا آهن، پر هن ٻنهي سان تمام ڀرپور
نڀاءُ ڪيو آهي. هن سنڌ جي سينڌ جو قسم کڻي چيو ته سچ تي قلم کڻڻ کان ڪڏهن به نه مُڙبو
پوءِ ڀل ته ڪيترا به ايذاءَ ڇونه اچن:
سنڌ جي سينڌ جو مون
اڄ کنيو آهي قسم،
ڀل ته ڏي ايذاءَ تون پر سـچ تي کڻبو قلم.
قاضي
مقصود گل شاھ لطيف ادبي سنگت رتي ديري جو سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت رتي ديري جو
سيڪريٽري، سنڌڙي ڪتابي سلسلي جو سرواڻ، ٻاراڻي ادبي رسالي ”گلدستو“ جو روح روان ۽
لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جو ميمبر هئڻ کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي ادبي ۽
سماجي ادارن سان مختلف حيثيتن ۾ سلهاڙيل رهيو آهي. انهيءَ حوالي سان سندس حيثيت هڪ
منتظم واري به آهي، ته پبلشر واري پڻ. سنڌڙي ڪتابي سلسلي پاران هن ڪيترائي اهم ڪتاب ڇپرايا، جن کي پڙهندڙن پاران مانائتي موٽ ملي.
قاضي
مقصود گل بحيثيت شاعر، ڪالم نگار، منتظم ۽
پبلشر ته پنهنجون خدمتون اڄ سوڌو سرانجام ڏيندو رهي ٿو، پر هُو هڪ ڀلو ڪهاڻيڪار به
آهي، ته سيبتو مترجم پڻ. هن خاص طور تي ٻهراڙي جي پسمنظر ۾ تمام خوبصورت منظر ڪشي
۽ ماحول مطابق ٺيٺ ٻوليءَ واريون ڪهاڻيون سرجيون آهن. سندس ڪهاڻيون جديد ڪهاڻيءَ
جي گھرجن مطابق آهن. ”ڪرامت“ سندس بهترين ڪهاڻين مان هڪ آهي.
قاضي مقصود گل نه فقط گھڻو، کرو ۽ وقتائتو لکيو آهي، پر
انهيءَ مواد کي وقت سِر شايع به ڪرايو آهي. سندس لکيل تحقيقي مقالا ۽ مضمون موقعي
جي مناسبت سان مختلف رسالن ۽ اخبارن جي خصوصي ترتيب ڏنل صفحن ۾ اڪثر شايع ٿيندا
رهيا آهن. مٿين سڀني صنفن کان علاوه هن ترجمي واري شعبي ۾ پڻ پاڻ ملهايو آهي. سندس
ترجمو ڪيل ڪتاب ”زندگيءَ ڏي موٽ“، سچل سرمست جي فارسي ڪلام جو اردو ترجمو ”عشق
سمندر“، شيخ اياز جي شاعري جو اردو ۾ ڪيل
ترجمو ”اي آهو چشم ڪِڌر“ ان ڳالھ جو دليل آهن. ان کان علاوه سندس ڪتابن ۾ ”رت ڀنا
رابيل“ شاعري، ”وِکريل موتي“ ترتيب، ”ڪِرڻا ڪِرڻا“ ٻاراڻي شاعري، ”هٺيلي هرڻي“ ٻارن
لاءِ ڪهاڻيون ۽ ”رتوديرو“ (تاريخ) شامل
آهن. مقصود گل ڌرتيءَ ڌڻين کي هميشه محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏيندي چيو ته:
گل ورهايو محبت مان
جھوليون ڀري،
ڪيــن نفرت جا اڇليو پٿر دوسـتو.
No comments:
راءِ ڏيندا