; سنڌي شخصيتون: قمرالدين ’قمر‘ - رياضت ٻرڙو

02 August, 2012

قمرالدين ’قمر‘ - رياضت ٻرڙو


قمرالدين ’قمر‘
رياضت ٻرڙو
قمرالدين ’قمر‘ قنبر جو عوامي ۽ قومي درد رکندڙ شاعر آهي. وطن سان حُب، سندس شاعريءَ جو بنيادي جُز آهي. سندس شاعري غريب ۽ مسڪين ماروئڙن جي ڏکن ۽ تڪليفن جي ترجماني ڪري ٿي. هن روماني شاعري پڻ ڪئي آهي ۽ ڪجهه ڪهاڻيون ۽ تاثر به لکيا آهن.


قمرالدين ولد امام بخش خاصخيلي ۶ آگسٽ ۱۹۵۸ع تي، ڳوٺ الهه يار مستوئي، تعلقي ميرو خان ۾ پيدا ٿيو. ۱۹۶۵ع ۾ سندس ڪُٽنب ڳوٺ گهٽهڙ، تعلقي قنبر ۾ لَڏي آيو، جنهن بعد ميرو خان، قنبر شهر ۽ دادو ۾ رهڻ کان پوءِ، ۱۹۸۴ع کان مستقل طور قنبر ۾ آباد آهي. هن ۱۹۹۰ع ۾، اسلامڪ ڪلچر ۾، ايم اي (پرائيويٽ)، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان پاس ڪئي. هُو ۱۹۸۵ع ۾ ميونسپالٽي قنبر ۾ ملازم مقرر ٿيو ۽ ۲۰۰۱ع کان وٺي، يونين ڪائونسل ۲، قنبر شهر، جو سيڪريٽري آهي.
قمرالدين قمر ۱۹۹۱ع ۾ شاعري شروع ڪئي. شاعريءَ ۾ شورش سنڌي سندس رهنما آهي. هن شاعريءَ جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن ۾ لکيو آهي. هُو س.ا.س. قنبر جو ۱۹۹۶ع ۾ ميمبر ٿيو ۽ ۱۹۹۸ ۾  خزانچي، ۲۰۰۰-۱۹۹۹ع دوران آڊيٽر، ۲۰۰۱ ۾ ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي (م.ڪ.ڪ)، ۲۰۰۲ ۾ جوائنٽ سيڪريٽري، ۲۰۰۳ ۾ سيڪريٽري، ۲۰۰۴ ۾ م.ڪ.ڪ.، ۲۰۰۵ ۾ سيڪريٽري، ۲۰۰۶ ۾ آڊيٽر ۽ ۲۰۰۷ع ۾ م.ڪ.ڪ. آهي. هُو سنگت قنبر جو سرگرم ميمبر ۽ عهديدار رهيو آهي. سندس سياسي تعلق جسقم سان آهي. هُو علمي ۽ سماجي طور ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي جو ميمبر ۽ عهديدار به رهيو آهي. سندس مستقل رهائش شهدادڪوٽ روڊ سان، حسين آباد محلي، قنبر ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا