فقير
عبدالغفور
الستي
آواز جو ڌڻي
رکيل
مورائي
سنڌ جي صوفي راڳين ۾
فقير عبدالغفور ۽ ڍول فقير جو هڪ نرالو انداز آهي، راڳ ڳائڻ ۾. گهٽ ۾ گهٽ اسان جا
موسيقيءَ جا ڄاڻو ان ڳالهه کي قبول ڪرڻ ۾ ڪا به هٻڪ محسوس نه ڪندا. اها ٻي ڳالهه
آهي ته موسيقيءَ جا ڄاڻو، هنن روح سان راڳ ڳائيندڙ، ٻن فقيرن سان راڳ جي فني
باريڪين جي حوالي ۾ وڌيڪ سختي ڪن ٿا، جيڪا نه ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته فقير عبدالغفور
جو راڳ اهڙي سختيءَ کان الڳ آهي. يا چوڻ گهرجي ته صوفي راڳ جو هڪ پنهنجو رستو ۽
راهه آهي. اھو، فن جي ظاهري گهرجن کان وڌيڪ روح جي اڏام سان تعلق رکي ٿو. فقير
عبدالغفور جو ڳايل راڳ، روح جو راز آهي، جنهن کي فقط رند پروڙي سگهن ٿا. موسيقيءَ
جا ڄاڻو، هن سرمست ۽ الستي آواز جي مالڪ راڳيءَ سان، تنقيدي رويو رکندا ته پوءِ سندس ئي ڳايل مهدي سائين جي ڪافي ۾ انهن
لاءِ هيءُ جواب هوندو ته: مهدي عليءَ جي صورت، ڪين مڃيندو منڪر!
فقير عبدالغفور تي ۽
سندس الستي آواز ۾ ڳايل صوفي راڳ ۽ ان ۾ اوتيل سندس روح تي لکڻ لاءِ اندر جو اوجر
۽ روح جي پاڪائي ته گهرجي ئي گهرجي پر اها اندر جي سوجهه ٻوجهه به گهرجي، جيڪا
سرمستن جي اندر ۾ موجود رهي ٿي. هن منزل تي ڪتابي علم، پنهنجو ڪارج ادا ڪري نه
سگهندو. ڇاڪاڻ ته هيءُ اهڙو راڳي آهي، جنهن کي روحاني طور ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو ۽
اها اهڙي محسوسات آهي، جنهن کي فقط اندر ۾ ئي اوري سگهجي ٿو. ان جو اظهار نه ٿو ڪري سگهجي. اهو به
اهڙيءَ طرح اظهار، جهڙيءَ طرح تڪ تور ڪجي ته اهو ممڪن نه ٿو بڻجي.
فقير عبدالغفور جي ڳايل
اڻ ڳڻين صوفي ڪافين ۽ ڪلامن ۾ سندس آواز جي هڪ اهڙي صدا آهي، جيڪا قدرت شايد هن
فقير کي ئي عطا ڪئي هئي. ان جو مثال سندس ڳايل سچل سائين جي مشهور گهڙولي آهي. اڄ
موسيقيءَ جا نقاد، مختلف صورتن ۾ ان کي ٻڌن ٿا، ان بابت ڳالهائين ٿا ۽ ان کي اڄ جي
جديد موسيقيءَ جي دائري ۾ به آندو ويو آهي. ان کان اڳ ۾ اسان جي سنڌي راڳ جي نهايت اهم نالو،
عابده پروين، ان کي پنهنجي سريلي آواز ۽ سڀني موسيقيءَ جي فني باريڪين سان ڳايو آهي.
ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته لاجواب ڳايو آهي. پر سچ اهو آهي ته ان ۾ فقير عبدالغفور وارو
روح، ان جي سادگي ۽ ان جو وجدان نه آهي. ٻيو
سڀ ڪجهه ڀلي هجي!
فقير عبدالغفور
حيدرآباد جهڙي هڪ اهم شهر ۾ ڄائو. حيدرآباد اهڙو شهر آهي، جنهن ۾ سنڌ جو علم ۽
ادب، موسيقي ۽ ٻيا فن پليا ۽ نپنا، وڌيا ۽ ويجهيا آهن. حوالي لاءِ پڙهڻ گهرجن، ممتاز
مرزا صاحب جا ٻه ڪتاب؛ ”سپيريان جي ڳالهڙي“ ۽ ”سدا سوئيٽا ڪاپڙي“.
فقير عبدالغفور اهڙي
دور ۾ اسريو آهي، جيڪو دور ريڊيو حيدرآباد جو سونهري دور ليکجي ٿو. سندس آس پاس،
نه رڳو صوفي راڳ جا ڳائيندڙ ججهي انداز ۾ ملن ٿا، پر استاد منظور علي خان، محمد
يوسف، سنگهار علي سليم ۽ وحيد علي جهڙا راڳي ملن ٿا. تنهن هوندي به فقير عبدالغفور جو انداز،
نرالو محسوس ٿئي ٿو. هن جو لهجو پنهنجو نجو آهي، جنهن تي ڪنهن به لهجي جي ڇانو محسوس نه ٿئي ٿي.
سندس ڪيتريون ئي ڪافيون ۽ ڪلام، ريڊيو تي اڳتي هلي ٽيلي ويزن تي سنڌي ماڻهن ٻڌا. ان
کان سواءِ، سنڌ جي الڳ الڳ درگاهن تي، خاص طور ڀٽائيءَ جي عرس مبارڪ تي، هو ڳائيندو
رهندو هو. سندس ڳائڻ، سنڌي ماڻهن جي روح تي سڌو اثر ڪندو هو. اهڙو يقينًا آهي، پر
هڪ دور فقير عبدالغفور جو ٻيو به آهي، جيڪو هن کي هڪ نئين ۽ الڳ سڃاڻپ ڏئي ويو ۽
ان روپ سنڌ جي نئين نسل کي ايترو ته موهيو جو فقير عبدالغفور نئين نسل جو من پسند
راڳي بڻجي پيو. سندس اهو روپ هئو، سنڌ جي هڪ قومي راڳيءَ وارو. فقير عبدالغفور
جڏهن سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز جي مشهور وائي؛
سنڌڙيءَ
تي سير ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار .!
ڳائي ته سنڌ جو نئون
نسل جهومي اٿيو. سنڌ جا تعليمي ادارا، سندس فقيراڻي آواز سان گونجڻ لڳا. انهن ادارن
۾ پڙهندڙ نوجوان، ان وائيءَ تي پتگن وانگر پچڻ لڳا ۽ فقير عبدالغفور سنڌ جي آڪاس
تي اڏڻ لڳو. اهو دور، سنڌ جي سياست جو عجيب دور هو. هڪ پاسي ڀٽي صاحب جي پيپلز
پارٽي اقتدار ۾ هئي، ٻئي پاسي قومي تحريڪ پنهنجي عروج تي هئي. اهڙي ماحول ۾، اياز
جي وائيءَ کي فقير عبدالغفور جو الستي ۽ پڙاڏو ڪندڙ آواز مليو ته سچ پچ جهوناڳڙهه جُهرندي
محسوس ٿيندو هو. ان ئي دور جو هڪ واقعو، ممتاز مرزا صاحب پنهنجي ڪتاب ”وساريان نه وسرن“
۾ لکيو آهي ته؛ ”سنڌ صدين کان“ سيمينار
جي ٻئي ڏينهن تي المرتضيٰ هائوس ۾ جڏهن مهمان وڃي آرامي
ٿيا، ته سرمستيءُ جي موڊ ۾ آڌي رات جو ڀٽي صاحب فقير عبدالغفور کي سڏرائي چيو ته؛
”سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو! ٻڌاءِ!“ جڏهن
فقير ڳايو ته ڪيئي روح ريج ٿي ويا. فقير عبدالغفور اياز جي وائيءَ کي جنهن وجدان سان
ڳايو، اهو معجزو ته نه هئو پر ان جهڙو ئي ڪو عمل هو. ساڳي وائي جڏهن، فلم مٺڙا شال
ملن ۾ آندي وئي ته سينيمائن جا هال رقص گهر بڻجي ويا. جڏهن اهو ڪلام هلندو هو ته
ڪو ماڻهو ويهي نه سگهندو هو، سڀ نچڻ لڳندا هئا. جڏهن عبدالغفور وائي جي سٽ؛
”جهول
جهلي جنهن وقت ڀٽائي، ڪرندا ڪنڌ هزار او يار!“
ڪڙڪيدار آلاپ ۾ اچاريندو
هو ته محسوس ٿيندو هو؛ اسين ڪنهن وڏي جنگ جي ميدان ۾ بيٺا آهيون ۽ فقير عبدالغفور
اسان جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي. فقير عبدالغفور جي آواز جي صدا ته اڳتي هلي پوري ٿي.
۱۹۸۳ع جي تحريڪ ۾ ڪيترا ئي ڪنڌ ڪريا، پر ڀٽائيءَ جي ڀونءِ جو
ڀرجهلو ڪو به ڪو نه ٿيو. فقير جو آواز رڻ ۾ رڃ بڻجي رهجي ويو. پر ڪروڙين روحن ۾ اڄ
به زنده آهي، جڏهن ته فقير صاحب پاڻ ٻاويهين جولاءِ ۱۹۸۶ع تي، پنهنجي لافاني
آواز سميت هن ڀٽائيءَ جي ڀونءِ ۾ سدائين لاءِ سمهي پيو ۽ بس!
No comments:
راءِ ڏيندا