; سنڌي شخصيتون: الله بخش انيس انصاري

17 August, 2012

الله بخش انيس انصاري

الله بخش انيس انصاري

سنڌ جو ناليوارو افسانا نويس

مير نادر علي ابڙو



سائين انيس انصاري سان منهنجي پهرين ملاقات ۱۹۸۶ع ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڪرائي. ڊاڪٽر صاحب منهنجو تعارف ڪرائيندي چيس ته هي مرحوم تاج محمد ابڙو ڊسٽرڪٽ سيشن جج جو فرزند آهي. اهو ٻڌندي ئي سائين انيس مون سان وڏي محبت ۽ پاٻوهه منجهان ڀاڪر پائيندي مليو ۽ چيائين ته؛ ’تون ته منهنجو ڀائيٽو آهين. تنهنجو والد ۽ مان ٻئي پرائمري اسڪول کان هڪٻئي جا پراڻا دوست آهيون.‘ انهيءَ پهرين ملاقات ۾ ئي سائين انيس منهنجي ايترو ته ويجهو ٿي ويو ڄڻ ته ڪو منهنجا ساڻس سالن کان پراڻا واسطا هجن. انهيءَ کان پوءِ  سائين انيس سان منهنجيون تڪڙيون تڪڙيون ملاقاتون ٿينديون رهيون. اسان ڪلاڪن جا ڪلاڪ، ڪچهريءَ ۾ مگن هوندا هئاسون. سائين انيس مون کي پنهنجي سروس دوران آيل تجربن بابت ڄاڻ ڏيندو رهندو هو.


سائين انيس ۱۹۸۲ع ڌاران اي ڊي ايم طور رٽائر ڪيو هيو. هو پنهنجي سروس ۾ هڪ ايماندار ۽ روب تاب وارو ڪامورو مشهور رهيو. مون کي تڏهن حيرت لڳي جڏهن سائين انيس مون کي ٻڌايو ته هن پنهنجي سڄي حياتي ۾ باوجود وڏو آفيسر هوندي به پنهنجي رهڻ لاءِ ڪا به جاءِ نه ٺاهي آهي. رٽائرمينٽ کان پوءِ هڪ دوست جي جاءِ ۾ ڪرائي تي رهان پيو. حالانڪ ڪامورا ته وڏا وڏا بنگلا ٺهرائي رهندا آهن. جڏهن به سائين انيس کي ٻاهر ڏسبو هئو ته هو هميشه پنڌ نظر ايندو هو. ٻين ڪامورن کان بلڪل ابتڙ بغير گاڏي جي، ڪپڙو لٽو بنهه سادو، ڳالهائڻ ۾ محبت. مون کي ياد آهن اهي ڏينهن جڏهن مان بيروزگار هئس ۽ سائين انيس مون کي منهنجو هٿ ڏسي اڪثر منهنجي قسمت جو حال ٻڌائيندو هو ته تون عنقريب معتبر آفيسر ٿيڻ وارو آهين ۽ واقعي به ائين ئي مان جڏهن اينٽي ڪرپشن ۾ سرڪل آفيسر ٿيس ته مون کي سائين انيس واري ڳالهه بلڪل سچي لڳي ۽ مان کيس يڪدم مٺائي وٺي پهچايم. مٺائي ڏسي مون کي چيائين ته منهنجي ڳالهه آخر سچي ثابت ٿي. پر هاڻي ياد رک، تو تي الله جي ذات وڏا بار رکيا آهن. هميشه خدا جو خوف دل ۾ رکجانءِ، مسڪينن ۽ يتيمن جي دل سان مدد ڪجاءِ.

سائين انيس اديب ۽ ڪاموري هجڻ سان گڏ سٺو دستِ شناس به هئو. جنهن جي عام ماڻهن کي گهٽ خبر آهي. هُن جن به دوستن کي قسمت جو حال ٻڌايو، اهو سچو ثابت ٿيندو هئو. سائين انيس ۾ وڏائي ۽ مغروريت بنهه ڪو نه هئي. دوست ۽ يار اڪثر پاڻ ملڻ گهر ايندا هئس. سواءِ غمي ۽ خوشي جي سائين انيس، دوستن وٽ ڪو نه ويندو هئو. بلڪ اهو وقت لکڻ ۽ پڙهڻ کي ڏيندو هو. مون سان هن جي انتها درجي جي محبت هوندي هئي.

مان ۱۹۹۳ع ڌاران لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪئي. انهيءَ دوران ڊاڪٽر قمر الدين بوهرا، لاڙڪاڻي ۾ سيشن جج ٿي آيو. جنهن کي ادب سان بي پناهه چاهه هئو. جنهن مون کي گهرائي چيو ته؛ نادر تون سنڌ جي ادبي گهراڻي جو فرد آهين، تنهن ڪري تون منهنجي مدد ڪري سگهين ٿو. مان جنهن ضلعي ۾ به جج رهيو آهيان انهيءَ ضلعي تي ڪتاب لکندو آهيان ۽ هاڻي مان لاڙڪاڻي ضلعي تي به ڪتاب لکڻ چاهيان ٿو، تنهن ڪري اگر تون مون کي لاڙڪاڻي جي اديبن سان ملاقات ڪرائين ته مان کانئن لاڙڪاڻي تي مواد وٺان. انهيءَ سلسلي ۾، مون ڪافي اديبن کي چيو، مگر سڀني جج صاحب ڏانهن هلڻ کان معذرت ڏيکاري. هڪ سائين انيس انصاري ئي هئو، جنهن چيو ته؛ مان جج ڏانهن هلندس. جج ڏانهن هلڻ ۾ مان لهي ته ڪو نه ويندس ۽ پوءِ مون سان گڏجي هليو ۽ ڊاڪٽر قمرالدين بوهرا کي لاڙڪاڻي متعلق مواد ڏنائين. پر جج صاحب جي جلدي بدلي ٿيڻ ڪري سندس لاڙڪاڻي تي ڪتاب لکڻ واري خواهش اڌوري رهجي وئي.

سائين انيس منهنجي والد جو پراڻو ۽ ننڍپڻ جو دوست هو. تنهن ڪري هن منهنجي والد جي وفات تي هڪ تفصيلي مضمون لکي سنڌ جي سڀني اخبارن ۾ شايع ڪرايو هو، جيڪو هڪ مڪمل، شاهڪار ۽  يادگار مضمون آهي.

لاڙڪاڻي ۾ سي ايس ايس سينٽر کليو، جنهن ۾ سائين انيس اچي ليڪچر وغيره ڏيندو هو. هن کي ڏاڍو چاهه هئو ته مان به سي ايس ايس ڪيان ۽ ڪنهن چڱي پوسٽ تي پهچان. مان سندس اصرار تي سي ايس ايس سينٽر وڃڻ لڳس. پر ڪجهه وقت وڃڻ کان پوءِ، گهريلو مصروفيت ڪري، سلسلو منقطع ٿي ويو.

سائين انيس کي ادب ۽ تعليم سان ڏاڍو چاهه هوندو هئو. جڏهن سندس ڪتاب ’انيس جا افسانا‘ شايع ٿيو ۽ مشهور ٿيو ته سائين انيس ڏاڍو خوش هئو ۽ تحفي ۾ مون کي انهي جي هڪ ڪاپي به ڏنائين. هو چوندو هو ته؛ نادر مان اي ڊي ايم جي پوسٽ تي علم سان شوق ۽ محنت ڪري پهتو آهيان. مون پنهنجي اولاد کي به سٺي تعليم ڏياري آهي. اهو ئي سبب آهي جو منهنجا فرزند ۽ نياڻيون سڀئي آفيسر آهن. اهي به تعليم سان شوق ۽ محنت سبب، پنهنجي قابليت تي ئي، انهن عهدن تي رسيا آهن.

سائين انيس کي، لاڙڪاڻي جي تاريخي ماڳن سان دلچسپي رکڻ تي، وقت جي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي جو سيڪريٽري مقر ڪيو ۽ کيس ڊي سي آفيس سان لڳ آفيس به فراهم ڪيائون، جتي سائين انيس ويهي تاريخي ماڳن تي تحقيقات ڪندو هئو. مان انهن ڏينهن ۾ بيروزگاري سبب واندو هئس. سائين انيس مون کي فون ڪري، گهرائي، پاڻ سان گڏ ويهاريندو هئو. ساڻس ويجهڙائيءَ ڪري، منهنجا ادبي لڏي سان تعلقات به وڌيا ۽ وري منهنجي ادبي پرورش به ٿي.

سائين انيس سان، زندگيءَ جي آخري دؤر ۾، صحت وفا نه ڪئي ۽ هو اڪثر بيمار رهڻ لڳو. ٻيو ته سندس ڄنگهه جو هڏو وهنجڻ دوران ترڪي پوڻ سبب ٽٽي پيو، جنهن ڪري به هو ڪافي ڏينهن تڪليف ۾ رهيو. آخري ڏينهن ۾ هڪ وڏو صدمو به رسيس، سو هو سندس گهرواريءَ جي وفات جو. جنهن لاءِ سائين انيس اڪثر چوندو هئو ته؛ ڪامياب مرد جي ڪاميابي پٺيان ڪنهن نه ڪنهن عورت جو هٿ هوندو آهي. منهنجي ڪاميابي پٺيان منهنجي گهر واريءَ جو هٿ رهيو آهي، جنهن مون سان زندگي جي لاهن چاڙهن، خوشي ۽ غمي ۾ مڙس ماڻهو ٿي ساٿ ڏنو.

آخرڪار سنڌ جي هن نامور شخصيت اديب، مارچ ۲۰۰۰ع تي هن فاني دنيا کي خدا حافظ چئي، وڃي پنهنجي خالق حقيقي سان مليو. خدا شال جنت ۾ جايون ڏيس.

 

(عوامي آواز، عبرت، هلال پاڪستان، مهراڻ، سچ، سنڌو، شام)


انيس انصاري

پرمل ۽ نرمل انسان

منظور ڪوهيار

سوامي هر ديال جي سسنسڪرت ٻوليءَ جو مها ڪوي ٿي گذريو آهي. ان جو هڪ شعر آهي.

گير گير مين ماڻڪ نهين، گج گج موتي ناهه
چندن ترو بن بن نهين، پور پور ساڌو ناهه

(هر سمنڊ ۾ ماڻڪ ناهي. هر هاٿي موتين لائق ناهي هر بن ۾ چندن ڪونهي، هر وستيءَ ۾ ساڌو ناهه.)

اها ڪيڏي نه خوش نصيبي هئي منهنجي، جو مان لاڙڪاڻي جي لاهوري محلي جي ان ڪنڊ ۾ رهان ٿو. جتي انيس انصاري جهڙو دلڌير، دلساز ۽ جوتي سروپ ساڌ رهندو هو.

۲۷ آڪٽومبر ۱۹۹۶ع تي انيس انصاري مون کي پنهنجي افسانن جو مجموعو ”انيس جا افسانه“ ڏنو. جنهن جي مهڙين صفحي تي سندس هٿ اکر لکيل هئا.

”سٺي ڪهاڻيڪار ۽ سٺي پاڙيسري جناب منظور ڪوهيار کي سڪ سان.“

مان سوچيندو رهجي ويس ته اهو ريمارڪ انيس انصاري منهنجي لاءِ لکيو يا پنهنجي لاءِ؟ دراصل اسان جهڙن ٻاٻرن ڪنڊن کي به درخت سڏڻ اهو ڪم ساڌن جو، جيڪي هميشه نير ورتا واري حالت ۾ هوندا آهن، تڏهن ته ڪنهن هندي شاعر چيو آهي.

سادهو اور پارس مين بڙا انتر جان

وه تانبا سونا ڪري، وه ڪري آپ سمان.

انيس انصاري پهريائين ته مون لاءِ صرف چاچو الله بخش هو. ڇو جو هُـو اشتياق انصاريءَ جو والد هو، ۽ ان وقت لاڙڪاڻي جي رول رانديگرن جو نظريو هو ته هڪ ٻئي جي والدين جو حد کان وڌيڪ (چمچا گيري جون هڙيئي حدون اورانگهيندي) احترام ڪيو وڃي ته جيئن گهر ۾ رانديگرن جي عزت ۽ حيثيت ٿئي ۽  ٽوئر لاءِ وقت سر اجازت ۽ پئسو ملي.

ٻي حوالي سان به نياز نوڙت هئي جو، هو پاڙي جي بزرگن منجهان هو، سندس گهر ۽ منهنجي گهر ۾ صرف ستن فٽن جي ويڪري وٿي گهٽيءَ جي صورت ۾ هئي. اسان جي ننڍي وهي وارن جو ان زماني ۾ اهو آدرش هو ته  پاڙي جي بزرگن کي ”فرمانبرداري“ واري ڀرم رکڻ لاءِ هر هر سلام ڪجي، ڪڏهن ڪڏهن ته اسان بزرگن کي چيڙائڻ خاطر به سلامن جي يلغار ڪندا هياسي. چاچو الله بخش به هڪ ڏينهن ان آزمائش مان گذريو. هو ان وقت پنهنجي سڪ ساءَ واري سان گهر جي در ٻاهران گفتگو ۾ مصروف هو. اسان اٺن ڄڻن صلاح ڪري واري واري سان کيس سلام ڪيوسي، هن مشڪي هر هڪ کي جواب ڏنو. وري موٽ کائيندي کيس سلام ڪيوسي. اهڙي ريت چار چڪر هڻي، ٻٽيهه سلام ڪري ٿڪجي پياسي، پر چاچو الله بخش نه ٿڪيو. هر وار مشڪندو رهيو ۽  سلام ورائيندو رهيو.

آخري عمر تائين به ”ياران ڪهن“ کان وٺي، نوجوان، جنهن ۾ خاص ڪري امام راشدي، نئين ديري مان ڪهي ايندو هو. چاچو الله بخش طبيعت جي ناسازيءَ جي باوجود به در تي بيٺي بيٺي ساڻن خوش و خير عافيت ڪري وٺندو هو. ڪڏهن به  کين مايوس نه ڪيائين ۽ نه وري منهن ۾ گهنج وڌائين.

حقيقت ۾ ته انيس انصاريءَ سان منهنجي واقفيت تڏهن ٿي، جڏهن مون ادب پڙهڻ شروع ڪيو هو. ”اشتياق انصاري“ نه ٻڌائي ها ته انيس انصاري بابا جو قلمي نانءُ آهي ته پڪ سان مان کيس ڪنهن ڇوڪريءَ جي تصور ۾ نڌان روپ ڏيان ها، بس ان ڏينهن کان وٺي ”انيس انصاري“ جو مضمون يا افسانو مون لاءِ فخر جو باعث بڻيو. مون کي ياد آهي ته جڏهن سندس ڪهاڻي ”اداس پليئر“ سوجهرو ۾ ڇپي ته مون ميگزين کڻي لئي ويهاري هئي.

”هي انيس انصاري جو افسانو اداس پليئر آهي، اسان ڪرڪيٽ جي رانديگرن تي لکيل آهي... اشتياق جو والد آهي، وغيره“ ٻين لفظن ۾ مون ڄڻ ائين پئي ٻڌايو ته سندس لکڻ ۾ اسان رانديگرن جو وڏو هٿ آهي.

اهو ڀلو وقت هو. هر سٺي شي کي پنهنجي own ڪرڻ جو ۽ هاڻيdis own  ڪرڻ جو وقت آهي... خبر ناهي ته اها اجائي انفراديت ۽ پاڻ پڻي وارو مرض ڪٿي پهچائيندو؟

ننڍي ٽهي، وڏي ٽهي ياgeneration gap  جو بحث پنهنجي جاءِ تي، پر حقيقت ۾ اسان سڀ متاثرين جي نسل منجهان آهيون. اسان پنهنجي وڏن جي ڳڻن کان متاثر ٿي معاشري جي تشڪيل ڪيون ٿا. خير، ڪو مڃي يا نه مڃي پر پاڻ ۾ جيڪي به ٿورا ٿڪا گڻ آهن، سي بزرگن جي تربيت جي طفيل آهن.

جي ڪٿي مهمان نوازي ۽ شفقت جو ذڪر ايندو ته منهنجي اکين آڏو اهو منظر ضرور ڦرندو. جنهن زماني ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ مهراڻ يونيورسٽي کي اٺن نون مهينن لاءِ تالا لڳي چڪا هئا. ”شيرين سومرو“ ۽ ”ميجر ڪفايت“ واري واقعي ڪري ــــ گهڻو ڪري ته ۱۹۷۸ع جا پڇاڙڪا مهينا هئا. اسان واندا مل هڪ ٻئي جا اڻ ڪوٺيا مهمان ٿي رهندا هياسي، خبر پئي ته اشتياق وڃي ڪراچي وسائي آهي. ڇو ته ان دؤر ۾ چاچو الله بخش ايڊيشنل سٽي ماجسٽريٽ هو ۽ جيڪب لائن جي هڪ فليٽ ۾ اڪيلو رهندو هو.

سڃائيءَ ۾ ڪراچي گهمڻ جو به هڪ پنهنجو مزو آهي، سو اوٽ موٽ جو ڪرايو کڻي سڌو اچي جيڪب لائين جي فليٽ ۾ ديرو ڄمايوسي، ”ابي جي گهر مزمان، اسان جي دل کي لوڏو ئي نه.“ جي تحت اشتياق انصاري اسان جي خوب خدمت ڪئي. رات جو رلي پني دير سان اچي سمهندا هياسين، چاچو الله بخش صبح سان سويل اٿندو، پنهنجي ناشتي سان گڏ اسان جو ناشتو به ٺاهي ڇڏيندو ۽ پوءِ اٿاري چوندو.

”بابا، ڪجهه اٿي، کائو پيئو ۽ پوءِ وري سمهي پئو.“

اسان هر روز شرمسار ٿيندا هياسين ۽ نڪ جي پڪائي سان اٿي، کائي پي ۽ پوءِ دل ئي دل ۾ عهد ڪندا هياسين ته اڳتي کيس تڪليف ناهي ڏيڻي. پرپوءِ اها ساڳي ڪار؛جيئن چوڻي آهي:

”عادت نه مٽي عادتي، علت مور نه جاءِ.

اُٺ پوي ڪڻڪ ۾، چُڻ چڻ ڪنڊا کاءِ.“

پر اسان جي خطائن ڪري، هن پنهنجي عطائن ۾ ڪمي نه آندي، اسان به خير سان ذري گهٽ مهينو رهي پوءِ موٽياسين.

چاچي الله بخش جي مزاح به ڏاڍي گهري ۽ معنى خيز هوندي هئي.

جيتري قدر ياد ٿو پوي ته ان زماني ۾ چاچو الله بخش لاڙڪاڻي ۾ نوڪري ڪندو هو. گهڻو ڪري ته روينو کاتي  ۾... اشتياق کي ڪي ڪاغذ اٽيسٽيڊ ڪرائڻا هيا .... ان زماني ۾ اهو منظر عام هو ته ڪم ڪنهن هڪ رانديگر جو هوندو. باقي، پٺيان لالوءَ وارو لشڪر ساڻ.

ان جو ڪم ان ڪري جلد ٿي ويندو هو جو هر شريف ماڻهو انهن رانديگرن جي ٽهڪن ۽ هُلڙ بازيءَ کان ونءُ ويندو هو، جيڪي  ٿوري ٿڪي ڳالهه تي وڏڦڙي وانگر وسي پوندا ها. اشتياق به ڪجهه ڪاغذ چاچي الله بخش جي ٽيبل تي رکيا ۽ دوستاڻي انداز ۾ چيو.

”سائين، هي ڏسي اٽيسٽيڊ ڪري ڏيو.“

”ها سائين ڪري ٿا ڏيون.“ چاچي الله بخش اسان سڀني تي هڪ طائرانه نظر وجهندي وراڻيو.

چاچي الله بخش جو ڄاتل سڃاتل به ڪو اتي ويٺو هو، تنهن چيس. ”اوهان هن ڇوڪري کي سڃاڻو به ٿا يا نه، جو ائين اٽيسٽيڊ ڪري ٿا ڏيوس!“

چاچي الله بخش وراڻيو ”هن سان ته ايتري شناسائي ناهي، پر هن جي ماءُ سان شناسائي پراڻي وقت کان آهي.“

همراهه هڪو ٻڪو ٿي ويو ۽ عجيب نظرن سان اشتياق کي گهورڻ لڳو. سائين جو ڪو ٻيو دوست به اتي ويٺو هو. تنهن سندس حيرانگي دور ڪندي چيو. ”اهو ڇوڪرو، سائين جو پٽ آهي.“

ان همراهه سڪون سان ساهه کڻندي چيو. ”مون به سوچيو پئي ته الله بخش جهڙو سنجيده ماڻهو ائين ٿي نٿو سگهي. چئبو ته اڄڪلهه اوهان مذاق گهڻي ٿا ڪيو.!؟“هن چاچي الله بخش ڏانهن منهن ڪندي چيو.

”مون ته حقيقت بيان ڪئي، اوهان الائي ڇو مذاق سمجهي؟“ چاچي الله بخش آرام سان وراڻيو.

۽ اها مذاق به نه هئي. کيس پنهنجي رفيق حيات سان ڏاڍي انسيت هئي. ان جو اظهار سندس افسانن جي مجموعي ”انيس جا افسانه“ جي ارپنا ۾ آهي.

”اڌ صدي ڏکن ۾ ساٿ ڏئي سکن ۾ اڪيلو ڇڏڻ واري عائشه انصاري جي نانءُ“

چاچو الله بخش پنهنجي شخصيت جي حوالي سان ڏاڍو ڳنڀير هو. ان ڪري جنهن تنهن کي دل جا انگور ڪڍي نه ڏيکاريندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن وڇڙيل ڪونج وانگر ڪڻڪي پوندو هو. پر اهڙن اشارن ڪناين ۾ جو سمجهو ڪي سمجهن، باقي عام لاءِ ته عام ڳالهه هئي.

هڪ اديب جي حيثيت سان ”انيس انصاريءَ“ جهڙو بردبار ۽ خوددار ڪو ٻيو ....؟  خود آرائي، خودستائي ۽ خودڪامي کان ڪوهين ڏور .... بس لکڻ پڙهڻ جي لوري هيس. باقي مڃتا جي چڪر ۾ نه کيس شامن ملهائڻ جي ڳڻتي، نه اخباري بيانن جو فڪر .... پنهنجي روءُ سوءَ، پنهنجي واٽ سان  پيو هلندو رهيو. منهنجون صحبتون هزار هيس. ان ڪري ڪنڌ نه ڪڍائي سگهندو هو.

مان جڏهن ادب جي آني مان ڦٽي نڪتس ته پاڙيسري واري حجت ڪري کيس اوطاق تي ڪوٺي ايندو هوس. ۱۹۸۹ع کان ۱۹۹۹ع تائين خوب ڪچهريون ٿيون. جتي انيس انصاري پنهنجون بهترين ڪهاڻيون پڙهيون، خاص ڪري ”اڃا نه اڃا نه“، ”ڊونا“ ، برف جي سر“ ۽ ”پينشنر“ وغيره.سندس پڙهڻ جو انداز ڏاڍو پيارو ۽ وڻندڙ هو. اسان جهڙا ڪيترائي سندس پڙهڻي کان متاثر ٿيا ۽ سندس انداز اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

سندس تنقيد ته ڏاڍي نرالي هئي. دل آزاريءَ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، هڪ دفعي ادبي ڪچهري ۾ ڪنهن شاعر بي مهار اهڙو ته ڇڙواڳ نظم پڙهيو جو ويٺلن ويهي ابتي کل لاٿس، اهو همراهه صفا ڳاڙهو ٿي ويو ۽ انيس انصاري جي صدارت هئي. راءِ اهڙي ڏنائين جو سڀئي کيرکنڊ ٿي ويا. آخري جملو خوبصورت ۽ معنيٰ خيز چيائين.

”ڏاڍي سٺي شيءَ آهي، پر خدا ڪري پهرين ۽ آخري نه هجي.“

ادبي بگبگوتي ۽ دم زني کان ته ونءُ ويندو هو. جيڪو ڪندو هو. تنهن کي اکر ئي ٻه ته، جي ڀائين ڀلو پنهنجو ته ڪنهن کي گهٽ نه ڄاڻ.

سندس رويي، گفتگو ۽ ڪردار مان پرايوسي خوب پرايوسي،هو، ڏجي، ته ڏکائجي به نه وارن ماڻهن مان هو. ان ڪري هر ڪنهن سندس گفتگو مان  حظ حاصل ڪيو.

لاڙڪاڻي جي هر ادبي حلقي لاءِ قابل قبول هو. ڇو ته هن وٽ خلوص بيڪران هو. جڏهن ته ٻيا پياسا هئا، اڃ اجهائي ويندا هيا. وري ٻيهر اچڻ جي آس کڻي.

پڇاڙڪن ڏينهن جي ڳالهه آهي ته ”رائيٽرس ڪلب لاڙڪاڻي“ جي هڪ ادبي فنڪشن جي صدارت لاءِ پنهنجي حجت ناتمام رکي سي ته معذرت ڪيائين. ”پٽ، هاڻي اڌ ڪلاڪ به ويهي نٿو سگهان.“

مون محسوس ڪيو ته انيس انصاري جيڪو اڳيئي نازڪ ۽ نفيس هيو سو ڏاڍو ڪمزور ۽ ۽ نحيف ٿي چڪو آهي. مون کيس مشورو ڏنو.

”اوهان حيدرآباد، اشتياق وٽ ڇو نه ٿا رهو؟ حيدرآباد جي آبهوا لاڙڪاڻي کان چڱي آهي.“

کلي وراڻيائين ” ٻڌون ٿا، اتان جي آبهوا ڏاڍي بهتر آهي، جتي هوءَ رهي ٿي.“

مان اشارو ته سمجهي ويس پر ماٺ رهيس جو بحثا بحثي جي گنجائش نه هئي.

۶ مارچ ۲۰۰۰ع شام جو سندس پوٽي دروازو اچي کڙڪايو ۽ ٻڌايو؛ ”بابا وڏو گذاري ويو آهي.“

مون کي ائين لڳو ڄڻ ڪنهن چيو هجي جنهن ڇانودار درخت جي هيٺان علم ۽ فضيلت جي آسيس وٺندا هيئه ۽ خلوص جي چشمي مان اُڃ اجهائيندا هيئه، اهو نخلستان موڪلائي ويئه!

مون سوچيو پئي ته هڪ شخص جيڪو الله بخش جي حوالي سان نرمل ۽ پرمل هو، ته انيس انصاريءَ جي نسبت سان به گهرگنڀير ۽ منٺار هو. تنهن جو پاڙي مان لڏي وڃڻ، اسان جي ڪيڏي نه ڪم نصيبي آهي.

۷ مارچ الله بخش ”انيس انصاري“ پنهنجن احبابن، دوستن ۽ گهڻگهرن جي ڪلهن تي وفاتيءَ جو لباس اوڍي، ان ڀر آرامي ٿيو، جنهن جاءِ تي لکيل هو. ”عائشه زوجه الله بخش انصاري“

ان وقت ذهن ۾ سوال آيو ته پڇانس.

”چاچا، عالم برزخ جي آبهوا ڪيئن آهي؟“

بروقت جواب اندر مان آيو:

”جتي ٻه وڇڙيل روح گڏجن، اتان جي آبهوا ضرور لاجواب هوندي.“

 

***


 

انيس انصاري

۲ مارچ ورسي جو ڏينهن

حسن پٺاڻ

انيس انصاري، سنڌ جو يگانو ليکڪ، افسانا نويس، شاعر ۽ محقق، سندس شمار سنڌ جي بهترين ڪهاڻيڪارن مان ٿئي ٿو. سندس اصل نالو الھ بخش انصاري هو. ۲۶ جولاءِ ۱۹۲۳ع تي مرحوم احمد بخش انصاري جي گهر ۾ جنم وٺندڙ انيس انصاري والدين جو اڪيلو اولاد هو، ڇو ته سندس پيدائش کان ڪجھ ڪلاڪ اڳ سندس والد ماجد ۲۵ ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو. هن شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي جي هڪ ديني مدرسي مان حاصل ڪئي. ۱۹۳۳ع ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ داخل ٿيو، جتان ۱۹۴۰ع ۾ ميٽرڪ ڪيائين. سندس شادي ۽ پهرين نوڪري ۱۹۴۳ع ۾ ٿي. انيس انصاري نوڪري جي شروعات ڪلارڪيءَ سان ڪئي ۽ آخر ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. هن نوجوانيءَ ۾ ئي لکڻ شروع ڪيو. ماهوار رسالي ”اديب سنڌ” ۾ سندس شروعاتي لکڻيون شايع ٿيون، جيڪو ”سنڌ سڌار سوسائٽيءَ” طرفان ۱۹۴۱ع ۾ جاري ٿيو ۽ ۱۹۵۲ع تائين ڇپجندو رهيو. انيس انصاري اٽڪل ٽيهارو کن ڪهاڻيون ۽ افسانا لکيا، سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”انيس جا افسانا”ڇپيل آهي. ۱۹۸۸ع ۾ سندس ڪهاڻي ”پينشنر” تي سنڌ ثقافت کاتي طرفان ”جمال ابڙو اوارڊ” ۽ ڏھ هزار رپيا ڏنا ويا. سندس ڪهاڻيءَ جو اردو ۽ پنجابيءَ ۾ به ترجمو ٿيو. سنڌي اردو، انگريزي کان سواءِ هندي ۽ گرمکي (لپي) ٻوليءَ تي پڻ دسترس هئس. پاڻ ڪي نظم اردو ۽ هنديءَ ۾ پڻ لکيائين.

انيس انصاريءَ کي مڇيءَ جي شڪار، فوٽوگرافي، والي بال، آرٽ ۽ مطالعي سان گهڻو لڳاءُ رهيو. سندس ڪهاڻيون ”چانڊوڪيءَ جو زهر“، ”لاٺي چارج“، ”سج گرهڻ“، ”ردي” ۽ ٻيون ڪيتريون ڪهاڻيون شاهڪار آهن. هن پنهنجي اولاد کي به ڀرپور وقت ڏئي سندن سٺي پرورش ڪئي، تنهنڪري ئي اڄ سندس لائق فرزند اشتياق انصاري، مشتاق انصاري، اخلاق انصاري، آفاق انصاري ۽ اسحاق انصاري نمايان مقام تي آهن.

انيس انصاري ۷۷ سالن جي ڄمار ۾ ۲ مارچ ۲۰۰۰ع تي وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاھ لاڙڪاڻي ۾ آهي.

 

(حسن پٺاڻ جي فيبڪ ٽائيم وال تان ۳ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)


 

انيس انصاري

برک ڪهاڻيڪار ۽ شاعر

رضوان گل

اديب سماج جو انتهائي ذميوار فرد هوندو آهي، هو پنهنجي فڪر جي آڌار پنهنجي اظهار جي ذريعي جو تعيّن به پاڻ ئي ڪري ٿو ته وري مقصد ۽ نتيجا به پاڻ ئي ڳولي لهي ٿو. هو پنهنجي لکڻين ۽ سوچن ۾ مڪمل طرح خود مختيار آهي..... ادب جي هر صنف جو پنهنجو رس، چس ۽ رچاءُ آهي پر ڪهاڻيءَ ۾ جنهن طرح سماجي سور ۽ ناسور جي ڳالهه ٿئي ٿي سا شاعريءَ ۾ به ڪرڻ محال آهي. ڪهاڻي ادب جي انتهائي ڪهني صنف آهي، حقيقت ۾ ڪهاڻي خود انساني تاريخ جيتري ئي پراڻي آهي.

اديب جو فرض صحتمند سوچ خوبصورت لفظن جي مالهائن ۾ پوئي پيش ڪرڻ آهي. هر قلمڪار جي لکڻي پُر اثر ۽ معنى خيز ثابت ٿيڻ ضروري نه آهي، جيستائين ان ۾ داخليت يعنى مَن اندر جي ولوڙ شامل نه آهي. علم ۽ قلم جو سفر ته روان آهي پر انهيءَ سفر ۾ ڪي پانڌيئڙا اهڙا به هوندا آهن جيڪي سماج تي پنهنجي پورهئي ۽ انسان دوست رويّن جي ڇاپ صدين تائين ڇڏي وڃن ٿا، اهڙن ئي انتهائي شفيق، سٻاجهڙن ۽ مهان انسانن مان انيس انصاري به هڪ هو.

الله بخش انيس انصاري ۲۶ جولاءِ ۱۹۲۳ تي لاڙڪاڻي شهر ۾ جنم ورتو. ۱۹۵۶ ۾ قلم ڌڻين جي قافلي ۾ شامل ٿي لکڻ جي ڪرت سان سلهاڙجي ويو. سندس لکيل پهرئين ڪهاڻي ”رنڊي“ هئي. نوڪري جي تمام گهڻين مصروفيتن باوجود لکڻ پڙهڻ سان به ناتو نڀائيندو رهيو. ڪڏهن ڪهاڻي، ڪڏهن شاعري، ڪڏهن ڊائري ته ڪڏهن مضمون يا تحقيقي مقالي جي صورت ۾. سندس مطابق: ”جنهن عمر ۾ ماڻهو قلم رکندا آهن (ادبي تخليق جي حوالي سان) مان ان عمر ۾ قلم کنيو، اها عمر هئي جڏهن سرڪار ڪم ڪندڙ کي جسماني ۽ ذهني طرح بيڪار سمجهي پينشن تي اماڻيندي آهي.“

سائين انيس انصاري صاحب ڪيتريون ئي يادگار ڪهاڻيون سرجيون جن جا اڪثر موضوع روزاني زندگيءَ جي ننڍن وڏن مسئلن جي عڪاسي کان علاوه انساني نفسيات ۽ ٻين دل ڇهندڙ مختلف موضوعن تي مشتمل آهن. سندس شاهڪار ڪهاڻين ۾ ”ٽپڪو“، ”اڃا نه اڃا نه“، ”پينشنر“، ”مٽي“ ۽ ”ويراني“ شامل آهن، جن مان ڪهاڻي ”پينشنر“ تي ۱۹۸۸ ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران کيس ايوارڊ ارپيو ويو. ڪهاڻي ”اڃا نه اڃا نه“ کي ۱۹۸۹ ۾ سنڌ سياحت ۽ ثقافت کاتي پاران سال جي بهترين ڪهاڻي طور جمال ابڙو ايوراڊ ڏنو ويو. هن وٽ ڪهاڻي لکڻ جو خاص ڏانءُ آهي، لفظن جي جوڙجڪ ماحول مطابق هئڻ کان علاوه ڪردارن جي چونڊ ۽ علاقائي لهجي واري ٻوليءَ جو استعمال ۽ باريڪ بينيءَ سان ٿيل مشاهدو، شهري توڙي ٻهراڙيءَ واري ماحول ۾ لکيل ڪهاڻين جي خاص خوبين منجهان آهي جنهنڪري سندس ڪهاڻين کي ڀرپور موٽ ملي.

انيس انصاري جون ڪهاڻيون يڪسانيت جو شڪار هرگز نه آهن، بلڪه انهن ۾ پلاٽ جي ويرائٽي کان علاوه ڪردارن جي نواڻ پڻ موجود آهي. هن مصنوعي ماحول ۽ جملن جي ڀرمار بجاءِ مقصديت تي فوڪس ڪيو آهي. منٽو جيان انيس انصاري پنهنجي ڪهاڻي ڪتاب ”انيس جا افسانا“ ۾ اعتراف ڪيو آهي ته ”منهنجي ڪهاڻيءَ ۾ نه زوردار ڊائلاگ آهن، نه ڀرپور فلاسافي، هڪ عام ذهني سوچ جي پيداوار آهن منهنجون ڪهاڻيون!“ هن جي ڪهاڻين جو تعداد لڳ ڀڳ سٺ جي قريب آهي، سندس ڪهاڻين جو هڪ مجموعو ”انيس جا افسانا“ پڻ ڇپيل آهي.

انيس انصاري جي شخصيت گهڻ پاسائين هئي، هو فقط ڪهاڻيڪار ئي نه، پر خوبصورت شاعر، مضمون نويس، منتظم ۽ جاگرافي، جيالاجي ۽ آرڪيالاجي جي علمن کان علاوه دنيا جي تاريخ جو ڄاڻو پڻ هو، ۽ اهڙي جهلڪ سندس ڪهاڻين ۾ پڻ موجود آهي. ”چانڊوڪيءَ جو زهر“ ۾ راڪس، منرلس ۽ فاسلس وغيره جو تفصيلي ۽ سائنسي انداز ۾ بيان، ”وڏي حويلي“ ۾ سير و تفريح ۽ شڪار جو ذڪر وغيره. سندس اهم لکڻين ۾ ”آتم ڪٿا ۽ روزاني ڊائري“ پڻ شامل آهن، جيڪي هڪ دور جي تاريخ جي حوالي سان به اهميت رکندڙ آهن پر اڃا تائين ڪتابي صورت ۾ ڇپجي پڌريون ٿي ناهن سگهيون.

انيس انصاري کي سير و تفريح کان علاوه شڪار ۽ فوٽوگرافيءَ سان پڻ تمام گهڻي دلچسپي هئي، پاڻ مختلف ٻوليون پڻ ڳالهائي ۽ سمجهي سگهندو هو جن ۾ انگريزي، اردو، فارسي، گرمکي ۽ هندي وغيره شامل آهن. انيس انصاري مختلف وقتن تي مختلف سماجي ۽ ادبي تنظيمن جو عهديدار پڻ رهيو، جن ۾ جميعت الشعراء، ڪاليج يونين، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي وغيره شامل آهن. پاڻ جن به مختلف شعبن ۾ ڪم ڪيائين سو سندس اولاد مان هر هڪ پنهنجي لاءِ پڻ منتخب ڪيو. اشتياق انصاريءَ جي سڃاڻپ جو اهم حوالو محقق ۽ آرڪيالاجسٽ وارو آهي. اخلاق انصاري سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي ۽ ڊاڪٽر اسحاق انصاري ڀلوڙ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. انصاري خاندان سنڌ جي انهن چند خاندانن منجهان هڪ آهي جن جا تمام گهڻا فرد ليکڪ آهن، جنهن جو بنيادي سبب انيس انصاري جي تربيت ئي آهي. هو شخص انا جي خول کان آجو هيو. سموري حياتي سادگيءَ ۾ گذاريائين پر پنهنجي طَي شده اصولن تي ڪمپرومائيز نه ڪيائين. کل مُک ۽ جيءَ ۾ جايون ڏيندڙ اهڙا شخص سچ ته صدين ۾ ئي پيدا ٿيندا آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا