; سنڌي شخصيتون: علي صفدر

03 August, 2012

علي صفدر

علي صفدر

رياضت ٻرڙو



علي صفدر نوجوان شاعر آهي. شاعريءَ جي پَنڌن کي چاهيندي، ماڳ جي تلاش ۾ مارڳ جي منظرن ۽ فڪر جي جھان ۾ لفظن کي پاڻ سان گڏ رولاڪ بڻايو اٿائين. ترنم سان پنهنجا ڪلام ٻڌائيندو آهي، ته دوستن کان پنهنجي موجودگي وسري ويندي آهي. غزل ۽ گيت سان خاص لڳاءُ رکي ٿو. سندس شعرن جو مجموعو ”هوا کي ننڊ ناهي“ ڇپائيءَ هيٺ آهي. هن نثر ۾ ڪهاڻيون، تاثر ۽ مضمون پڻ لکيا آهن.

شاعر ابنِ شاعر صفدر علي ولد بشير احمد ”بيوَس“ چانڊيو مزدورن جي عالمي ڏينهَن پهرين مئي تي، سن ۱۹۸۳ع ۾، ڳوٺ جمال خان چانڊيي، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن انٽرميڊئيٽ تائين تعليم حاصل ڪئي آهي.


هن ۱۹۹۸ع ۾ لکڻ جي باقاعدي شروعات ڪئي. شاعريءَ ۾ رهبري سرمد چانڊيي کان ورتي اٿائين. لڳ ڀڳ سڀني صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي اٿائين. هُو جنوري ۱۹۹۹ع ۾ س.ا.س. قنبر جو ميمبر ٿيو، جتي سندس رڪنيت ۲۰۰۳ع تائين برقرار رهي، ڇاڪاڻ ته ۲۰۰۲ع کان هن شهدادڪوٽ لڏي ويو، جتي ۲۰۰۳ع ۾ س.ا.س شهدادڪوٽ جو ميمبر ٿيو.

سندس رهائش شهدادڪوٽ شهر ۾ آهي.


 

علي صفدر

سندس الميو

ڊاڪٽر نظير احمد ابڙو

سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو، جديد ۽ انتهائي حساس شاعر علي صفدر هاڻي اسان ۾ ناهي رهيو، پر سندس اڻ وقتو ۽ دردناڪ وڃڻ سنڌ جي شعوري، ادبي ۽ ثقافتي حلقن لاءِ هڪ اڻڄاتل زخم ۽ ڪڏهن نه ختم ٿيندڙ گهرو سوال ڇڏي ويو آهي. هڪ اهڙو سرجڻهار جنهن پنهنجي سڄي زندگي سنڌي ٻوليءَ جي رونقن، شاعريءَ جي حسناڪي ۽ ادب جي جياپي لاءِ وقف ڪري ڇڏي، تنهن جي آخري ڏينهن جي ڪهاڻي انتهائي تڪليف ڏيندڙ ۽ اکيون کوليندڙ آهي. عام طور تي سرڪاري پڌرنامن ۽ اخبارن ۾ چيو ويندو آهي ته هن کي ڪينسر هو، جنهن سندس حياتي کسي ورتي، پر جيڪڏهن اسان سچ ڳالهائڻ جو حوصلو رکون ٿا ته حقيقت اها آهي ته علي صفدر کي ڪينسر نه، پر اسان جي سماج جي مادي مفلسي، رياستي سرد مهري ۽ ادبي ادارن جي بي حسيءَ گهٽي ماريو آهي.

جڏهن هڪ باصلاحيت شاعر پنهنجي اندر جي درد کي لفظن جو روپ ڏئي ڌرتيءَ جي ماڻهن سان ونڊيندو آهي، ته اهوئي سماج سندس شاعريءَ تي واهه واهه ڪندي پنهنجيون محفلون مچائيندو آهي، پر جڏهن اهو ئي شاعر ڪنهن موذي مرض سان وڙهندي پئسي پئسي لاءِ محتاج ٿي وڃي ٿو ته سڀئي گونگا ۽ ٻوڙا بڻجي ويندا آهن. علي صفدر جو اصل قاتل ڪينسر جو مرض هرگز نه هو، پر اهو معاشي تنگدستي ۽ لاچاريءَ جو طوفان هو جنهن کيس زندگيءَ جي سڀ کان ڏکئي ۽ آخري موڙ تي اڪيلو ڪري ڇڏيو. هڪ سچي اديب ۽ شاعر وٽ رڳو اڇو ڪاغذ، قلم ۽ ايمانداريءَ جي پونجي هوندي آهي، هو ڪو ڪاروباري يا موقعي پرست ماڻهو ناهي هوندو جو پنهنجي علاج لاءِ ڪروڙين رپيا جمع ڪري سگهي، تنهنڪري جڏهن علاج جهڙي بنيادي ضرورت به هڪ شاعر جي پهچ کان پري ٿي وڃي ته پوءِ موت بيماريءَ سبب نه، پر سماجي ناانصافيءَ سبب ايندو آهي. هن پوري قومي ۽ ادبي المئي ۾ سنڌي ادبي سنگت، سنڌي ادبي بورڊ، ثقافت کاتو ۽ سنڌ جا وڏا نالي وارا اديب ۽ دانشور برابر جا ذميوار آهن. ڇو ته هڪ تاريخي سوال اهو ٿو اڀري ته اسان جا هي لکين رپين جي بجيٽ وارا ادبي ادارا آخر ڪهڙي ڪم جا آهن. جيڪڏهن اهي پنهنجي بهترين سرجڻهارن کي زندگيءَ جي سڀ کان ڏکئي وقت ۾ طبي ۽ مالي سهائتا فراهم نٿا ڪري سگهن. سنڌي ادبي سنگت جيڪا ڪڏهن سنڌ جو سڀ کان وڏو شعوري عوامي پليٽ فارم هئي، اها اڄ رڳو عهدن جي جنگ ۽ ڪاغذي ڪاررواين تائين محدود ٿي چڪي آهي. علي صفدر جي مدد تڏهن ٿيڻ گهرجي ها جڏهن هو اسپتال جي بستري تي حياتي ۽ موت جي آخري جنگ وڙهي رهيو هو ۽ کيس مڃتا سان گڏ سٺي علاج جي سخت ضرورت هئي، پر اسان جو سماجي ۽ ادارتي رواج بڻجي چڪو آهي ته اسان ماڻهو کي جيئري تڙپائي ماري پوءِ مٿس گيت لکندا، ڪانفرنسون ڪندا ۽ سندس نالي تي ايوارڊ رکندا آهيون، جيڪو مقتول جي لاش سان مذاق برابر آهي.

علي صفدر جا اهي آخري ۽ تاريخي لفظ ته “الميو اهو آ ته ماڻهو مري ٿو وڃي“ رڳو هڪ سادي سٽ يا جملو ناهن، پر اسان جي سڄي سماجي نظام، رياستي ڍانچي ۽ ادبي دنيا جي منهن تي هڪ زوردار چماٽ آهن. انهن لفظن ۾ اهو گهرو درد ۽ مايوسي سمايل آهي ته ماڻهو جسماني طور مرڻ کان گهڻو اڳ، پنھنجي جي بي حسيءَ ۽ بي وفائيءَ سبب اندر مان مري ويندو آهي. جڏهن هڪ حساس فنڪار کي آخري وقت ۾ اهو تلخ احساس ٿيندو آهي ته جنهن ڌرتي، ثقافت ۽ ٻوليءَ لاءِ هن پنهنجو رت ٻاريو، پنهنجي جواني قربان ڪئي، ان ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن اڄ کيس بي يارو مددگار ڇڏيو آهي، تڏهن هو بيماريءَ جي تڪليف کان اڳ ان اڪيلائيءَ جي عذاب سبب دم ڏئي ڇڏيندو آهي. اهو هڪ شاعر جو روحاني قتل آهي جنهن جا گنهگار اسان سڀ آهيون. هاڻي سندس لاڏاڻي کان پوءِ اخبارن ۾ وڏا تعزيتي بيان جاري ڪرڻ، کيس شهيدِ وفا يا سنڌ جو اثاثو چوڻ يا سندس تصويرن تي عاليشان گلن جا هار رکڻ هڪ منافقت کان وڌيڪ ڪجهه ناهي. جيڪڏهن اسان واقعي پنهنجي ٻولي، علم ۽ ادب سان سچا آهيون ته اسان کي اها روايت بدلائڻي پوندي ۽ ادارن کي هڪ اهڙو مستقل ۽ پاڻمرادو ويلفيئر نظام ٺاهڻو پوندو جتي ڪو به شاعر، اديب يا فنڪار علاج جي سهولت نه هجڻ جي ڪري ائين مفلسيءَ جي ور چڙهي تڙپي دم نه ڏئي. علي صفدر ته پنهنجو ادبي قرض تمام خوبصورتيءَ سان لاهي هليو ويو، پر سندس اڻ پوري حياتي، معاشي تڪليفون ۽ اهي آخري اڻ چيل لفظ سنڌ جي ادبي ضمير، سياستدانن ۽ ثقافتي ادارن کان تاريخ جي هر موڙ تي هميشه جواب گهرندا رهندا ته آخر اسان پنهنجن هيروز کي جيئري ڇو ناهيون سنڀالي سگهندا؟

 

(ڏھاڙي ھمسري حيدرآباد آن لائين ۾ ۲۸ جون ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)




علي صفدر

ھاڻ اسان ۾ نه رهيو

شبانه عالماڻي

ڪجھ بہ سمجھ ۾ نہ ٿو اچي، نيٺ ڪٿان لکڻ شروع ڪجي ۽ ڪٿي ختم ڪجي؟ 

زندگيءَ جي اڻڄاڻ ۽ اڙانگين راهن جي ڪا به سرت ئي نہ ٿي پوي تہ نيڻ ڇا ٿا ڏسن ۽ پير ڪاڏي وٺي ٿا هلن؟

انسان جيئڻ ڪاڻ وڏا جتن ڪندو آهي، وڏيون ڪارون ڪندو آهي، وڏا حيلا هلائيندو آهي پر موت بي پير، ڪنهن کي بہ بخشي نہ ٿو. 

ڀٽ ڌڻيءَ چيو آهي: 

*"جيئڻ ڪاڻ جيڏيون مون وڏا وس ڪيا"* 

ان جيئڻ جي ئي جهنجهٽ ته ماري ڇڏيو آهي ماڻھوءَ کي. 

علي صفدر جو وڇوڙو ۷ محرم الحرام، ۲۳ جون ۲۰۲۶ع تي ٿيو. پر ان دوران علي صفدر جيڪي سنڌي ادب کي شاهڪار ڪيترائي ڪتاب ڏنا - جن ۾ شاعري ۽ ناول شامل آهن - اهي ڪتاب نہ هئا، ليکڪ جا خواب هئا. 

علي صفدر محنت ڪش انسان هو، پنھنجي ٻچن لاءِ مزدوري ڪندڙ هو. ڪجهه ڏينھن اڳ علي صفدر اسپتال مان فيس بڪ تي لکيو هو تہ "غربت ۽ ڪينسر ٻئي ساڳيون وبائون آهن، آئون انھن کان زندگيءَ جي جنگ هارائي چڪو آهيان."

بيشڪ ماڻھو مرض مان بيزار ئي ٿيندو آهي. استاد بخاريءَ بہ لنڊن ۾ ڪينسر دوران لکيو هو: 

امان مان نه ڄمان، بچان هن باھ کان، 

نڪي ڏسان ڏنڀ هان، نڪي درد ڌمان، 

جلي جيئن شمعان، تيئن جليو هي جندڙو.  

علي صفدر جي زندگي ايتري ئي هئي ڇو جو قرآن پاڪ ۾ رب پاڪ چئي ڇڏيو آهي ته هر نفس کي موت جو ذائقو چکڻو ئي آهي. اڄ علي صفدر تہ سڀاڻي اسان مان ڪو نہ هوندو. بقول ڀٽ ڌڻيءَ جي: 

متان ٿئين ملور، ڪين اڳاهون آهيان، 

ڏسڻ ۾ ڪر ڏور، حد ٻنين جي هيڪڙي.  

منھنجي مضمون لکڻ جو مقصد اهو ئي آهي تہ اسان بي رحم، بي قياس، بي قدر ٿيندا ٿا وڃون. جيتري مشينري ترقي ڪندي رهي ٿي، ايترو ئي انسان احساسن کان بہ عاري ٿيندو وڃي ٿو. 

آئون جڏهن ڪراچيءَ جي سرڪاري اسپتال ۾ علي صفدر سان عيادت ڪرڻ لاءِ وئي هيس تڏهن مونکي محسوس ٿيو هو تہ عام سنڌي ليکڪ ننڌڻڪو ئي آهي. سرڪار طرفان اذيت کان پوءِ ئي علاج ڪرايو وڃي ٿو. جڏهن هر فيس بڪ وال تي پوسٽ رکي وڃي ٿي مدد لاءِ، تڏهن رسوا ڪري پوءِ ئي مستحق ليکڪن جو علاج ڪرايو وڃي ٿو. 

جيڪڏهن سنڌ جي شعور جي آواز ۾ بہ ايتري محتاجي آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ عام مسڪين ماڻھن سان ڪيترو حشر هوندو، اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. 

ميلا لڳائڻ بدران مستحق ليکڪن کي ماهوار وظيفو ڏنو وڃي تہ اهو سڀ ڪجھ نه ٿئي جيڪو علاج ڪرائڻ لاءِ ٿي رهيو آهي.

جيڪو ڪجھ به ڪرڻو آهي جيئري ٿيڻ گهرجي، مرڻ کان پوءِ ڪجهه ٿئي نہ ٿئي ان سان ڪوئي بہ فرق نہ ٿو پوي. 

علي صفدر سان بيماريءَ دوران جنهن انسان نڀايو ان جو ذڪر نہ ڪرڻ وڏي ناانصافي چئبي. آڊيو ليب سان واڳيل شاعر ادا *ياسر عرفات* ئي علي صفدر لاءِ آواز اٿاريو، پوءِ پنهنجي وس آهر نہ رڳو مالي مدد ڪئي پر ساڻس اسپتال ۾ ايئن گڏ رهيو ڄڻ علي صفدر اولاد جيئن هجيس. ان کي چئبو آهي مشورو ڏيڻ بدران مدد ڪرڻ، صلاح ڏيڻ بدران سھارو بڻجڻ. اهو ئي احساس انسان جي سونھن ٿئي ٿو. 

هڪڙو علي صفدر ئي ڇو، هر ليکڪ ڌرتيءَ جو نائب ٿئي ٿو. هر ليکڪ کي جيئري مانُ ملڻ گهرجي، هر شاعر جي جيئري پرگهور لھڻ گهرجي. جيستائين ليکڪَ هِڪ ٻئي جو ڀرجهلو نه ٿيندا، تيستائين هتان جي ادارن مان چڱائيءَ جي اميد ايئن آهي جيئن ٻٻرن کان ٻير گهرڻ. 

علي صفدر جيڪو ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ علاج دوران غزل لکيو، اهو به درد جو نوحو آهي: 

ڪئن اهي عيب کڻي عيب کڻي ڳوٺ وڃان؟ 

ڪيرُ آ منهنجو ڌڻي - اوءِ ڌڻي! ڳوٺ وڃان؟

ڪيڏي نہ لاچاري آهي، ڪيڏو نہ اڙانگو رستو آهي جڏهن ڪينسر ۽ مفلسيءَ جو درد زندگيءَ کي چيپاٽيندو هجي ۽ شاعر موت جي اچڻ جو انتظار ڪندو هجي، تڏهن ئي اهڙين مايوس سٽن جي آمد ٿيندي آهي. 

پنڌ پانڌي بہ هجن، چار ڪانڌي بہ هجن، 

او امان! ڪيئن ڀلا هڪڙي ڄڻي ڳوٺ وڃان؟

سچ پچ تہ اهو بند پڙهندي ئي ڳوڙهن اکين کان اجازت وٺڻ بنا ڳڙي پيا، روح ڳورو ٿي ويو. اهو بہ وڏو درد آهي جڏهن ڳوٺ کان پري هجي انسان ۽ موت جي اچڻ جي پڪ هجي، تڏهن دل تي ايذائن جون ڪڻيون ئي ڪِرنديون آهن، بھارون بہ باھ وَسائينديون آهن. 

توکي به اوسيئڙو آهي اچڻ جو راڻا! 

سڪ مونکي بہ گهڻي آهي گهڻي ڳوٺ وڃان.  

افسوس اميد جو هنيانءُ ڇڄي پيو، اکيون انتظار جي در ۾ ئي اٽڪيون رهيون، دل جو ڌڙڪو خاموش ٿي ويو، شاعريءَ جو باب اڻپورو رهجي ويو. 

ادا ياسر عرفات جي پھرين پوسٽ ڳوڙهن ڀرين لفظن سان پڙهڻ لاءِ ملي ٿي: 

ڪٿان الائي آيو، ڪاڏي وري وڃي ٿو؟ 

ماڻھوءَ سان الميو آ، ماڻھو مري ٿو

علي صفدر هاڻي اسان جي وچ ۾ نہ رهيو آهي. اها پوسٽ پڙهڻ کان پوءِ فيس بڪ تي سڀ ڪو پوسٽون رکي روايتي ڏک جو اظھار ڪرڻ لڳي ٿو پر علي صفدر پنھنجي تنھائيءَ سان ڳوٺ دفن ٿيڻ لاءِ روانو ڪيو ويو آهي، مونکي منھنجي شاعريءَ جون چار سٽون ذهن تي تري اچن ٿيون؛

جڏهن سار لھندين، تڏهن ڪير هوندو؟ 

اسان سان مٽيءَ جو، مٺا! ڍير هوندو. 

 اسان ويلَ سان ويلَ، گهاري وڃون ٿا، 

"شبانه" اوهان ڏي، سدا خير هوندو.

 

(فيسبڪ پوسٽ ۲۶ جون ۲۰۲۶ع)


 

علي صفدر

الوداع،... الوداع

اصغر ڀٽي ڀريائي

نئين سفر جون ڪي تياريون ته هيون، پر ائين لڳي ٿو ڄڻ آتما جي رات اڃا رحلت لاءِ تيار ئي نه هئي. تنهنجي وڃڻ جي خبر اوچتو انهيءَ خاموش وڄ وانگر دل تي ڪري پئي، جيڪا آواز کان سواءِ به جبلن کي چيرڻ جي سگهه رکندي آهي. افسوس، تنهنجي عمر وڃڻ جي نه هئي؛ اڃا ته لفظن جي باغ ۾ ڪيترائي گل تنهنجي انتظار ۾ هئا، اڃا ته خيالن جي آسمان تي تنهنجي تخيل جا ڪيترائي پکي پرواز ڪرڻا هئا. تنهنجو وڇوڙو ائين محسوس ٿئي ٿو، ڄڻ شاعريءَ جي نديءَ مان اوچتو چنڊ جو عڪس گم ٿي ويو هجي؛ ڄڻ ڪنهن سرمستيءَ سان ڀريل باغ مان بهار پنهنجا رنگ سميٽي هلي وئي هجي؛ ڄڻ ڪنهن بانسريءَ جي سُرن کي وقت جي خاموش آڱرين اچي ماٺ ڪرائي ڇڏيو هجي. تنهنجا شعر روح جي ريگستان تي وسندڙ مينهن جا ڦڙا هئا، جيڪي احساسمند دلين کي تازگي عطا ڪندا هئا. ڪينسر جي بي رحم هوا تنهنجي جسم جي شمع کي ته جهڪائي ڇڏيو، پر تنهنجي فڪر جي روشنيءَ کي وسائي نه سگهي. اهڙا ماڻهو جسم جي موت سان ختم ناهن ٿيندا؛ اهي پنهنجي تخليقن جي خوشبوءَ ۾ جيئرا رهندا آهن، جيئن گل ڇڻي وڃڻ کان پوءِ به پنهنجي مهڪ هوا جي حوالي ڪري ويندو آهي. تنهنجو نالو هاڻي انهن سٽن جي وچ ۾ رهندو، جتي احساس پنهنجو گهر ٺاهيندا آهن، ۽ انهن دلين ۾ به، جتي درد شاعريءَ جو روپ اختيار ڪندو آهي. وحدت  جي اسرار ۾ ڏسجي ته وڇوڙو به رڳو هڪ وهم آهي. قطرو جڏهن سمنڊ ۾ ڪري ٿو ته گم نٿو ٿئي، پنهنجي اصل سان ملي وڃي ٿو. تون به شايد انهيءَ ازلي سمنڊ ڏانهن موٽي ويو آهين، جتان سڀ روح روشنيءَ جي صورت ۾ نڪرن ٿا. تنهنجي اها ظاهري جدائي شايد ڪنهن وڏي وصال جو دروازو هجي؛ هڪ اهڙو وصال، جتي نه درد آهي، نه بيماري، نه وقت جي بي رحمي.اڄ شاعريءَ جي آسمان تي هڪ تارو لهي ويو آهي، پر ان جي روشني اڃا به ڪيترين اکين ۾ ٽمٽار ڪندي رهندي. تنهنجي ياد هاڻي شام جي انهيءَ آخري ڪرڻي وانگر رهندي، جيڪا سج لهڻ کان پوءِ به افق تي دير تائين پنهنجو رنگ ڇڏي ويندي آهي.

الوداع، علي صفدر... تنهنجو جسم مٽيءَ جي حوالي ٿيو هوندو، پر تنهنجو آواز اڃا به لفظن جي جهان ۾ گونجندو رهندو؛ ۽ تنهنجي روح جو پکي شايد هاڻي انهيءَ ازلي باغ ۾ پرواز ڪري رهيو آهي، جتي هر وڇوڙو وصال بڻجي ويندو آهي. الوداع، علي صفدر !!

نئين سفر جي تيارين سان نڪري ويل مسافر، ڄڻ روح جي اُجڙي ويل ٻيڙي، ازلي سمنڊ جي ماٺيڻي لهر ۾ لهي وئي هجي۔ تنهنجي وڇوڙي کان پوءِ لفظن جا ڏيئا به ڌنڌ ۾ ويڙهجي ويا آهن، ۽ شاعريءَ جي باغ ۾ هڪ ناياب گل خاموشيءَ جي مٽيءَ هيٺ سمهي پيو آهي پر وحدت جي راز ۾ موت رڳو پردي جي تبديلي آهي؛ تون فنا نه ٿئين، رڳو قطري مان سمنڊ، ۽ ساهه مان سرمدي نغمو بڻجي ويو آهين۔ الله پاڪ توکي پنهنجي نور جي آغوش ۾ جاءِ ڏئي، ۽ تنهنجا درجا بلند فرمائي۔ آمين۔

 

(اصغر ڀٽي ڀريائي جي فيسبڪ پوسٽ ۲۳ جون ۲۰۲۶ع)

No comments:

راءِ ڏيندا