; سنڌي شخصيتون: علي صفدر - رياضت ٻرڙو

03 August, 2012

علي صفدر - رياضت ٻرڙو


علي صفدر
رياضت ٻرڙو
علي صفدر نوجوان شاعر آهي. شاعريءَ جي پَنڌن کي چاهيندي، ماڳ جي تلاش ۾ مارڳ جي منظرن ۽ فڪر جي جھان ۾ لفظن کي پاڻ سان گڏ رولاڪ بڻايو اٿائين. ترنم سان پنهنجا ڪلام ٻڌائيندو آهي، ته دوستن کان پنهنجي موجودگي وسري ويندي آهي. غزل ۽ گيت سان خاص لڳاءُ رکي ٿو. سندس شعرن جو مجموعو ”هوا کي ننڊ ناهي“ ڇپائيءَ هيٺ آهي. هن نثر ۾ ڪهاڻيون، تاثر ۽ مضمون پڻ لکيا آهن.


شاعر ابنِ شاعر صفدر علي ولد بشير احمد ”بيوَس“ چانڊيو مزدورن جي عالمي ڏينهَن پهرين مئي تي، سن ۱۹۸۳ع ۾، ڳوٺ جمال خان چانڊيي، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن انٽرميڊئيٽ تائين تعليم حاصل ڪئي آهي.
هن ۱۹۹۸ع ۾ لکڻ جي باقاعدي شروعات ڪئي. شاعريءَ ۾ رهبري سرمد چانڊيي کان ورتي اٿائين. لڳ ڀڳ سڀني صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي اٿائين. هُو جنوري ۱۹۹۹ع ۾ س.ا.س. قنبر جو ميمبر ٿيو، جتي سندس رڪنيت ۲۰۰۳ع تائين برقرار رهي، ڇاڪاڻ ته ۲۰۰۲ع کان هن شهدادڪوٽ لڏي ويو، جتي ۲۰۰۳ع ۾ س.ا.س شهدادڪوٽ جو ميمبر ٿيو.
سندس رهائش شهدادڪوٽ شهر ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا