; سنڌي شخصيتون: استاد وزير علي خان - وفا رضا

10 August, 2012

استاد وزير علي خان - وفا رضا


استاد وزير علي خان
پرچن شال پنهوار وارو
وفا رضا
آگسٽ جي مهيني منجهه به، رات جي وڳڙي ۾ ٿڌڙين هوائن واري شهر ٽنڊي آدم جو شمار به بلاشڪ انهن شهرن ۾ ٿئي ٿو جن سنڌ کي ساڃاهه وند فرد ڏنا.
آدم خان مري جي جوڙايل شهر ٽنڊي آدم جي آبادي هن وقت لکن ۾ آهي، تنهن شهر ۾ هن ئي مهيني يعني آگسٽ جي ٻارهين تاريخ سال ۱۹۳۸ع تي هڪ سلڇڻي ٻار جو جنم ٿيو، جنهن جو نالو وزير علي خان رکيو ويو.


استاد جمال خان سنڌي ڪلاسيڪل موسيقي جي دنيا جو مڃتا وارو ماڻهو، تنهن کي چون ٿا ته ٽن پٽن جو اولاد هو، منظور علي خان، امير علي خان ۽ وزير علي خان. راڳي پيءَ جي اولاد به وڏڙن جي ورثي ۾ مليل ونڊ جي سنڀال ڪئي. سنڀال به اهڙي جو سنڌ کين اڄ به محبتن سان ساري ٿي.
استاد جمال خان جي انهن فرزندن مان مون کي ٻن ڄڻن سان ڪجهه گهڙيون گڏ گذارڻ جو موقعو نصيب ٿيو. اهي هئا استاد منظور علي ۽ استاد وزير علي خان. سو سنڌ جي انهن سريلن راڳين مان ڏھين آگسٽ استاد وزير علي خان جي ورسي جو ڏينهن آهي. استاد کي محبتن جي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ اڄ جڏهن قلم ۽ ڪاغذ کڻي ويٺس ته ماضيءَ موٽ کاڌي، ماضي جيڪا ڏاڍي من موهيندڙ، سهڻي ۽ سچي هئي.
سچي ڳالهه اها به آهي ته آئون استاد وزير علي خان سان جڏهن به مليس ته هو خوش ٿيندي ڀاڪر ۾ ڀريندي چوندو هو؛ ”مس مس هٿ آيا آهيو.“
استاد وزير علي خان فقير صفت ماڻهو هو، ساڻس ملندي اسان جو به روح ريجهي ويندو ۽ دل چوندي هئي ته؛ ويٺو رهجي استاد جي ڪچهري ۾.
تنهن ڏينهن استاد جون ساروڻيون پڇا ڪرڻ تي سندس فرزند نادر علي ٻڌايو ته؛ ”استاد وزير علي خان پنهنجي هٿ اکرن سان ڪجهه ڳالهيون لکي ويو، سي کنيو ٿو اچان!“ پوءِ هو پنهنجي گهر ويو. واپسيءَ ۾ تصويرن جي ٿهي سميت، هڪ وڏو رجسٽر آڻي مون ۽ دوست آچر خاصخيلي جي آڏو رکيائين.
رجسٽر جا پنا اٿلائيندي، مون نادر کي عرض ڪيو؛ ”هي اهم ڪم آهي. هن کي ڪمپيوٽر ذريعي ڪمپوز ڪري سانڍي رکو. ان ڏس ۾ منهنجي جيتري به مدد جي ضرورت پئي، آئون حاضر آهيان.“
اُن رجسٽر مان کنيل ڪجهه سٽون هن ريت لکيل هيون ته؛
استاد وزير علي خان راڳ جي سکيا پنهنجي والد استاد جمال خان ۽ پوءِ پنهنجي ڀاءَ استاد منظور علي خان کان ورتي. هن اٺن ورهين جي ڄمار ۾ والد سان گڏ ڳائڻ جي شروعات ڪئي. سال ۱۹۵۷ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي کيس ڪلاسيڪل موسيقي جو پهريون پروگرام مليو، جنهن ۾ هن راڳ ”هنڊول“ ڳايو.
وزير علي خان پنهنجي ڀاءَ استاد منظور علي خان سان گڏ، پي ٽي وي جي اوپننگ ”شروعات“ تي راڳ ”ميگهه“ ڳايو هو.
استاد وزير علي خان سرڪاري نوڪري، ٽيچر جي حيثيت سان شروع ڪئي. ايم اي سنڌي ۾ ڪندڙ استاد وزير علي خان ۱۹۸۸ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان راڳ ”مالڪوس“ ۽ راڳ ”ماروا“ ڳايو، جتي کيس بهترين پرفارمنس تي استاد جو لقب مليو.
نوڪري ڪندي، کيس ۱۹۹۰ع ۾ ۱۷هون گريڊ مليو ۽ ۱۹۹۸ع ۾ پاڻ سرڪاري نوڪري تان رٽائرڊ ٿيو. استاد وزير علي خان پنهنجي ڀاءُ استاد منظور علي خان جي لاڏاڻي ۽ پنهنجي سرڪاري ملازمت تان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ، محفلن ۾ وڌيڪ وڃڻ لڳو.
لطيف سرڪار، سچل سائين، حمل فقير ۽ جهوڪ واري سائين جي اڱڻ تي، سرن جي ورکا ڪندڙ استاد وزير علي خان منهنجو تڏهن استاد رهيو، جڏهن آئون شاهه عبداللطيف هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هئس. اڪثر ڪري پينٽ شرٽ پائيندڙ پنهنجي هن استاد کي مون سدائين مسڪرائيندي ڏٺو. تنهن کي تصويرون سانڍڻ جو به شوق هو. شايد ان ڪري به جو هن جي سائين محمد شريف طالب سان به نيازمندي هئي. محمد شريف طالب به ٽنڊي آدم جو هو، جنهن کي مون سنڌ جي وڏين تقريبن ۾ فوٽو گرافي ڪندي ڏٺو.
ٽنڊي آدم شهر جي جمن شاهه پاڙي ۾ سيد علي شاهه جي پڙ ڀرسان رهندڙ وزير علي خان کان جڏهن ٽنڊي آدم جي تاريخي شين بابت پڇا ڪبي هئي ته هو پنهنجي معلومات ڏيندي صلاح ڏيندو هو ته؛ ان باري ۾ وڌيڪ ڄاڻ سائين جيئل شاهه ڏئي سگهي ٿو.
مشتاق جسڪاڻي، شاهه اسد، عبدالله ورياهه، عبدالحڪيم کوسي، فيض علي شاهه، در محمد مري، محمد هاشم چانهيو، يار محمد شاهه، سيٺ لال ڪمار، محمد عثمان خاصخيلي، موج آريسر، محمد شريف خاصخيلي، خدا بخش مڱڻهار ۽ حاجي فقير مڱڻهار هن جا صحبتي هئا. چون ٿا ته؛ استاد وزير علي خان اسٽيج ڊرامن ۽ فلمن ۾ به ڪم ڪيو. راڳ جي شروعات ”پرچن شال پنهوار“ سان ۽ پڇاڙي ۾ ”راڻو“ ڳائيندڙ استاد وزير علي جي اولاد مان مختيار علي ۽ همير علي به ڳائين ٿا.
استاد وزير علي خان کي، مون عاشوري جي ڏينهن ۾ ڪاري قميص ۽ پير اگهاڙا ڪري عزادارن کي سبيل پياريندي ڏٺو. سو، مولا جو حبدار، ۱۰ آگسٽ ۲۰۰۱ع تي اسان کان وڇڙي ويو. سندس آخري آرامگاهه ٽنڊي آدم شهر جي اسماعيل شاهه قبرستان ۾ آهي.
تنهن استاد جي فرزند نادر ڪچهري دوران جڏهن پاڻي ۽ چانهه آڇي ته مونکي اهو ڏينهن ياد پيو جڏهن اسان استاد منظور علي خان سان ڪچهري پئي ڪئي ته لياقت علي چانهه کڻي آيو، جنهن تي وزير علي خان کيس چيو؛ ”پيالي سرس ڀرجو! ڇو جو دلبرن سان ڪچهري به سرس ڪرڻي آهي.“
اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين
آديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين
جي جيءَ کي جيئارين سي لاهوتي لڏي ويا.

No comments:

راءِ ڏيندا