; سنڌي شخصيتون: عزيز ديرائي - رياضت ٻرڙو

02 August, 2012

عزيز ديرائي - رياضت ٻرڙو


عزيز ديرائي
رياضت ٻرڙو
عزيز ديرائي جي شاعري ڪاڇي جي ٻهراڙين جي سادگيءَ واري سونهن جا انيڪ منظر رکي ٿي. هن جي شاعراڻي ٻولي دل ۾ لهي ويندڙ آهي.


عبدالعزيز ولد فقير خدا بخش چانڊيو ۲۷ مارچ ۱۹۴۶ع تي ڳوٺ غيبي ديري، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. سندس تڙ ڏاڏو فقير علي شير به شاعر ٿي گذريو آهي. عزيز ديرائي هاءِ ويز ڊپارٽمينٽ ۾ ۱۹۶۷ع کان ملازمت ڪري ۲۰۰۶ع ۾ رٽائر ڪيو آهي.
عزيز ديرائيءَ شاعريءَ جي شروعات، سگهڙائپ کان، ۱۹۷۵ع ۾ ڪئي. هن لوڪ ادب جي مختلف صنفن، جھڙوڪ ٽيهه اکري، بيت، ست سري، هنر، ڳجهارت، ڏهس، سينگار ۽ ڏور ۾ لکيو آهي. جڏهن ته ۱۹۸۰ع ۾ عروضي شاعري. سرمد چانڊيي سان دوستيءَ کان پوءِ شروع ڪيائين ۽ ۱۹۸۵ع ۾ س.ا.س. قنبر جو ميمبر ٿي، گڏجاڻين ۽ پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو. سندس رڪنيت جنوري ۱۹۹۴ع تائين برقرار رهي.
عزيز ديرائيءَ جي مستقل رهائش اباڻي ڳوٺ غيبي ديري ۾ آهي، جتي جامع مسجد جو پيش امام پڻ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا